زندگي ھڪ خواب آھي ھي دنيان فنا آھي رھندو نالو الله جو زندگي جون ڪيتريون ياديون آھن جيڪي خواب وانگر لڳنديون آھن
ھالا شھدادپور روڊ تي باقر موري جي ويجھو مٺن وساڻ جي نالي سان ھڪ قديم ڳوٺ آباد آھي جيڪو مٺن وساڻ نالي ھڪ زميدار ميرن جي دور ۾ آباد ڪيو ھو پھرين ھتي صرف وساڻ رھندا ھئا بعد ۾ ٻيون ذاتيون به اچي آباد ٿيون ھن ڳوٺ ۽ اسان جي ڳوٺ ملدسي وارن جو تعلق به پراڻو آھي ھن ڳوٺ جي معزز چاچو وسند وساڻ مرحوم سان مون فقير جو تعلق شاگردي واري دور ڱان آھي ساڻس پھرين ملاقات 76ع واري زماني ۾ ڀٽ شاھ ۾ قصر ناز ۾َ سيد شھزادا علي بخش شاھ ناز لطيفي وٽ ٿي ان زماني ۾ ملدسي شھدادپور روڊ اڃان نه ٺھيو ھو ملدسي ۽ آسپاس جي ڳوٺن جا رھواسي روھڙي ڪيئنال تان پنڌ باقر موري تائين ايندا ھئا جتان بس ذريعي شھدادپور يا ھالا ويندا ھئا جڏھن آئون 78ع ۾ صحافت ۾َ آيس تڏھن به روز ملدسي مان چار ڪلو ميٽر پنڌ ڪري باقر موري تي اتان بس ۾ شھدادپور ايندو ويندو ھئس اڳتي ھلي شھدادپور کان ملدسي ۽ ڊڀرو تائين ڊاٽسنون جيپون ھلڻَ لڳيون جيڪي صبح کان شام تائين ھلنديون ھيون شام ستين وڳي کان پوء اھي ڊاٽسنون جيپون نه ھلنديون ھيون ان ٽائيم.بعد ايندڙ وري باقر موري تي ڪنھن ٽريڪٽر يا ڪنھن گاڏي جو انتظار ڪرڻو پوندو ھو ان دور ۾َ چاچو وسند وساڻ جي فرزند احمد وساڻ به ڊاٽسن ورتي جيڪا شھدادپور کان ملدسي ھلندي ھئي احمد وساڻ پيارو انسان ھو ڀائرن جھڙو دوست ھو انھي زماني ۾ ھن ڳوٺ جي مشھور شخصيت ڪامريڊ مينھل وساڻ سان به دوستي ٿي جنرل ضياء الحق جي دور ۾ جڏھن سنڌي ادبي سنگت تي بندش پئي شھدادپور ۾َ گڏجاڻيون ڪرڻ مشڪل ٿي ويو ته مينھل خان وساڻ جي شھدادپور ھالا روڊ تي سئي گئس ويجھو انبن جي باغ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ڏيڍ سال تائين گڏجاڻيون ٻه کن مشاعره ٿيا گڏجاڻين ۾َ چانھ بسڪيٽ جو انتظام به ڪامريڊ مينھل خان وساڻ ڪندو ھو اھڙو انتظام سندس ڀاء بادل خان وساڻ جي حوالي ھوندو ھو انھي زماني ۾ ڳوٺ مٺڻَ وساڻ ۾ مينھل خان وساڻ جي تعاون سان سندس اوطاق تي ھاري ڪانفرنس به ٿي ۡھئي جنھن ۾ صالح بلو ڪامريڊ علي بخش عرف دادا علڻ شيدي سھتو قاضي علي نواز نظاماڻي نثار بالادي ۽ ٻيا سنڌ مان ڪافي ڪامريڊ شريڪ ٿيا جن جا نالا ياد نه آھن بعد ۾ ڪامريڊ مينھل وساڻ ان دور ۾ حيدرآباد مان اختر عباسي جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ روزاني الدستور سٿ ۾ به شامل ٿيو ان بعد جلد ئي پاڻ ھي جھان ڇڏي ويا سندس ڀاء بادل به مينھل بعد نڀايو ان بعد ھن جي خاندان سان جھڙوڪ تعلق ختم ٿي ويو آھي کيس ٽي فرزند محرم علي وساڻ عمران علي وساڻ عرفان علي بابو وساڻ آھن پر انھن سان واسطو قائيم نه رھي سگھيو ايتري قدر جو نه آئون ٿو انھن کي سڃاڻا نه ھو ٿا سڃاڻن زندگي جي ڪنھن موڙ تي شايد مليا به ھونداسين ته عجنبي وانگر ان مون اسان ٻنھي ڌرين جو ڏوھ آھي جو نڀائي نه سگھيا آھيون مون ڳالھ پئي ڪئي چاچا وسند وساڻ ۽ سندس فرزند احمد وساڻ جي جن جي محبتن شفقتن ڪري تمام گھرو تعلق رھيو جڏھن به شھدادپور مان ملدسي ويندي دير ٿي ويندي ھئي ۽ گاڏي نه ملندي ھئي ته رات چاچا وسند وساڻ وٽ وڃي رھبو ھو جڏھن به وڃبو ھو ته سندس اوطاق تي مھمان ھوندا ھئا سياري ۾َباھ جو مچ پيو ٻرندو ھو جنھن تي ڳوٺ وارا به اچي ويھندا ھئا ڪچھريون رات دير تائين ھلنديون ھيون وچ ۾ ڳڙ واري چانھ جا ٻٽي دور ھلندا ھئا وڏي ڪٽلي ھوندي ھئي جڏھن ته ڪوپن بجاء مٽي جي ٺڪر جون جمنيون ھونديون ھيون جنھن ۾ چانھ ڏني ويندي ھئي باھ ۾ گجرون به پيون پچنديون ھيون چاچو وسند وساڻ ڪير سڏائي يار ويس مھمان نواز سخي دل سادو پر ذھين انسان غريبن جو يار ڀلاري ڀٽ ڌڻي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو مريد لطيف شناس ھو کيس لطيف سائين جا ڪيترائي بيت ياد ھوندا ھئا پاڻ سائين علي بخش شاھ ناز لطيفي جو مريد ھو ملدسي شھدادپور روڊ ٺھڻ بعد روھڙي ڪيئنال.واري بند سان اچڻ بند ٿي ويو پر چاچو وسند وساڻ ۽ احمد وساڻ سان ڪچھري لاء وٽن وڃڻ ٿيبدو ھو اڳتي ھلي زندگي ايتري مصروف ٿي وئي هل ميل ملاقاتون ختم ٿي ويون سندس فرزند عارب وساڻ سان به ڀائرن جھڙا تعلقات رھيا سندس ڪوشش سان گل جوڻيجو کيس باقر موري کان ڳوٺ تائين روڊ ڏنو روڊ جي افتاح جي تيارين ۾ ھو ته حادٽي ۾ شھيد ٿي ويو ۽ ان روڊ جو نالو شھيد عارب وساڻ رکيو ويو عارب وساڻ ڪير سڏائي انتھائي پيارو نوجوان سماجي ورڪر غريبن جو ھمدرد شاگردي دور ۾ به ذھين رھيو مختصر وقت ۾ وڏا تعلقات ٺاھيا الائي ڪنھن جي نظر کائي وئس ۽ جواني ۾ روڊ حادٽي ۾ الله سائين کي پيارو ٿي ويو جڏھن ته احمد وساڻ سان ڪڏھن شھدادپور ڪڏھن ڀٽ شاھ ملاقاتون ٿينديون ھيون جڏھن ته چاچا وسند وساڻ جي فرزند محمد ھاشم وساڻ سان به واقفيت ٿي ھو به لکين عزتون ڏيندو آھي ڪافي دفعا خيال ڪيو ته چاچا وسند سان ملاقات ڪريان پر ڪم ڪوبه نه پر پوء به زندگي مصروف ۽ چاھيندي به ساڻس ملاقات نه ڪري سگھئس چند سال اڳ سندس وصال ٿي ويو سندس تعزيت تي به وڃڻ ٿيو اڳ جڏھن ته سندس موڀي فرزند اسان جو پيارو پرين احمد وساڻ به تازو وفاٿ ڪري ويو آھي مونکي خبر نه پئجي سگھي پر لطيف سائين عرس مبارڪ کان اڳ سندس فرزند مھتاب وساڻ فون ڪئي جڏھن ھن کان احمد وساڻ جو معلوم.ڪيو ته ھن روئاڻڪي انداز ۾ ٻڌايو ته بابا چند مھينا اڳ ھن فاني دنيان مان لاڏاڻو ڪري ويو احمد وساڻ جي لاڏاڻي تي صدمون پھتو يقين ئي نه پيو اچي کيس ٽي فرزند مھتاب وساڻ سجاد علي وساڻ فرحان علي بوساڻ آھن ھن ڳوٺ ۾ مھنجو ھڪ پيارو دوست عبداڪريم ڪوري به ھو جيڪو منھنجي سوٽ مرحوم الله جڙيو ميربحر جو دوست ھو بعد ۾ منھنجو به دوست ٿيو بھترين انسان ڪافي سالن کان اھو روزگار سانگي ٽنڊو قيصر رھي ٿو ڪڏھن ڪڏھن مھمانن وانگر ڳوٺ اچي ٿو ڳوٺ مٺڻ وساڻ واري رستي تي ڳوٺ ڀرسان ھڪ وڻن جو جھڳٽو آھي جيڪو مشھور ولي الله ساھڙ پير جو تڪيو آھي جتي علائقي جا ماڻھون عقيدت وچان ايندا آھن جتي ٻارن جون جھنڊيون اچي لاھيندا آھن ۽ لنگر به ڪندا آھن اسان به جڏھن ھن ڳوٺ ۾ گھڻو ايندا ويندا ھئاسين تڏھن اسان به ھتي ڳڙ ۾ رڌل تھري ڏارو ۽ ڌامون ڀت جام کاڌا پير ساھڙ لاء ڪي چون ٿا سيد ھو اصل ڪٿان جو ھو سندس سوانح حياتي مبارڪ بابت نئين نسل کي ڪابه خبر نه آھي سندس مزار منڍ جمڙائو ويجھو آھي جنھن جا متولي مختلف ذاتين وارا ٿيندا آيا آھن مزار جو متولي فقير خير محمد مڱڻھار ھو جيڪو تازو لاڏاڻو ڪري ويو ھن وقت متولي ان جو فرزند آھي روايتون آھن ته ساھڙ پير لطيف سائين جو فقير ھو ڳوٺ مٺن وساڻ ۽ آسپاس ۾ سندس مريد ۽ عقيدتمند ھئا ڳوٺ مٺڻ وساڻ ڀرسان بيبي آرياڻي جو به مقبرو آھي بيبي آرياڻي جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آھن سندس مزار تي مرد نه ويندا آھن چون ٿا جيڪي مرد اتي وڃن ٿا انھن کي نقصان پھچي ٿو ھن قبرستان ۾ ڳوٺ جا مري ويندڙ معصوم دفنايا ويندا آھن ڳوٺ مٺڻَ وساڻ وارن جو قبرستان راول فقير وارو تاريخي قبرستان آھن ڪافي پٿتر جون اھڙيون قبرون آھن جنھن مان خبر پوي ٿي ته ھي 500 سال پراڻو قبرستان آھي راول پير سندس قبرستان ان ۾ تاريخي قديم قبرن جي وڏي تاريخ آھي ڳوٺ مٺن وساڻَ روھڙي ڪيئال جي ويجھو ھئڻ چوڌاري فصل وڻڪاري ڳوٺ ۾ وڻڪاري ھئڻ ڪري گرمئن ۾ ٿڌڪار ھوندي آھي ڳوٺ ۾ ٻه امام بارگاھون آھن ھڪ چاچا وسند وساڻ وانرن جي ٻي مينھل وساڻ وارن جي امام بارگاه آھي جتي عزاداري سان گڏ مجلس عزا به ٿينديون رھنديون آھن جتي ڪافي وڏا عالم مجلسون پڙھي ويا آھن ڳوٺ جا تقريبن ماڻھون لطيف سائين جا مريد آھن مٺڻ وساڻ محبتئن جو ڳوٺ آھي ساڃاھ وندن جو ڳوٺ آھي ھتان جا ماڻھون پيار محبت سان رھن ٿا ڏک سک ۾ ھڪ ٻئي کي ڪم ايندا رھن ٿا