سال 2021ع ۽ 2022ع اڀاڳا سال آھن ھنن سالن ۾ اسان جا ڪيترائي پيارا اسان کان وڇڙي ويا آھن جن ۾ ناميارا اديب شاعر سگھڙ فنڪار اداڪار صحافي سياستڪار سماجي ۽ ساڃاھ وند شخصيتون شامل آھن
20آڪبوبر تي جئين فيس بوڪ تي آيس ته سنڌ سنڌ پرستي سنڌیت سان انیڪ محبتون ۽ چاھتون رکندڙ سنڌ سان وفائون ڪندڙ یگانو شخص مشھور قومي شاعر جمن دربدر جي وڇوڙي جي پوسٽ ڏسندي ڇرڪ نڪري ويو يقين نه پيو اچي ته ماما
جمن دربدر اسان کي ائين ڇڏي ھليو ويندو جمن دربدر ھڪ شاعر قومي ڪارڪن جي حيثيت ته کيس ڪافي وقت کان سڃاڻندو ھئس ھوء منھجي پسنديده شاعرن مان ھڪ ھو ساڻس پھرين ملاقات مخدوم ھائوس ھالا تي مخدوم طالب المولي سائين وٽ ٿي ھئي ان بعد مختلف ادبي پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ پري کان ديدار ٿي ويندو ھو ساڻس باظابطه ملاقات ۽ تعارف حيدر چوڪ حيدرآباد تي ٿيو ان دور ۾ آئون عبرت گروپ ۾ ڪم ڪندو ھئس سال ياد نه آھي پر انھن ڏينھن ۾ اسان جو پيارو گل حسن لاکو حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي اسسٽنٽ اسٽيشن ماستر ھو ۽ ڊيوٽي بعد مون وٽ وٽ ايندو ھو ۽ گڏجي رولاڪيون پيا ڪندا ھئاسين ھڪ ڏينھن گل ۽ آئون حيدر چوڪ تي بيٺا ھئاسين ته گل دانھن ڪئي يار ھو ڏس جمن در بدر بيٺو آھي جيڪو ڪيڏانھن وڃڻ لاء فور سيٽر جي انتظار ۾ بيٺو ھو ساڻس ملياسين کيس زوري ھڪ ڪينٽين تي وٺي آياسين جتي چانھ جي چسڪين تي ساڻس تفصيل سان تعارف ۽ مختصر ڪچھري ٿي پاڻ اسان جي فرمائيش تي ڪجھ شاعري به ٻڌائي ان بعد ساڻس ڪڏھن ايجوڪيشن ٽرسٽ ڪڏھن سنڌ ميوز ۾ ڪڏھن ڪٿي ادبي پروگرامن ۾ ڪچھريون ٿينديون رھنديون ھيون ڪافي دفعا عمر ڪوٽ ۾ به ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون منھجي ملدسي ۾ رھائيش دوران اسان 85ع ۾ نورآرٽ ڪلچر ويلفئر اڪيڊمي جو بنياد رکي ملدسي جھڙي پسمانده ڳوٺ جتي ان دور ۾ نه روڊ نه رستو ان ڳوٺ کي 85ع کان 98ع تائين علمي ادبي ثقافتي پروگرامن جو مرڪز بنائي ساھتڪارن ڪلاڪارن علمي سماجي شخصيتن جون ورسيون جنم ڏينھن اسٽيج ڊرمان مڃتا ايوارڊن جا وڏا شاندار پروگرام ڪيا جن ۾ سڄي سنڌ جا اديب شاعر شريڪ ٿيندا ھئا انھي دور ۾ خواھش ٿي ته جمن دربدر سان ملدسي ۾ سروھي سانجھ ملھائجي مون ان حوالي سان پيربخش ڏيرو گل لاکو ۽ ٻئي سنگت سان مشورو ڪري تاريخ به طئي ٿي جمن دربدر کان به اجازت وٺي ڪارڊ به ڇپائي تي ڏنا پر انھن ڏينھن ۾ منھجي امڙ جي لاڏاڻي جي ڪري وئي جنھن ڪري تاريخ ملتوي ڪئي پر ان بعد چاھيندي به اھو پروگرام نه ڪري سگھياسين ان بعد آئون شھدادپور لڏي آئيس ۽
۾ شھدادپور ۾ جمن دربدر سان شام ملھائيڻ جي تياري ڪئي جڏھن جمن سان رابطو ٿيو ته ان ٻڌايو ته کيس دل جي تڪليف آھي جلد ھو دل جي آپريشن لاء ڪراچي ويندو ان ڪري ساڻس شام نه ملھائي سگھياسين وري تازو ساڻس ڀٽ شاھ ۾ شام ملھائيڻ جو ايرادو ڪيو پر برساتي ٻوڏ جي ڪري اھو پروگرام نه ڪري سگھياسين جڏھن سندس دل جو آپريشن ڪراچي جي دل جي بيمارين واري اسپتال ۾ ٿيو ته سندس عيادت ڪندڙن جا اسپتال ۾ ميلا متل ھئا سڀني جي ملاقات ته ڪون پئي ٿيو سگھي پر سياسي سماجي علمي ادبي ساڃاھ وند شخصيتون سندس عيادت لاء گلدستا ڪيڪ فروٽ کڻي اچي رھيا ھئا گل حسن لاکو ۽ آئون جڏھن سندس عيادت ڪرڻ وياسين ته ڏٺوسين ته جمن دربدر جي مائيٽن عيادت ڪرڻ لاء ايندڙن لاء اسپتال ٻاھران ھڪ ڇپري ھيٺان رليون وڇائيل ديروڄمايو ھو اتي ماما جمن جي عيادت لاء ايندڙ شاعر روز مشاعره ڪندا ھئا جيڪي عيادت لاء راڳي ايندا ھئا اھي جمن دربدر جا ترنم ۾ گيت ڳائيندا ھئا سندس عيادت ڪندڙن جو تعداد ايڏو وڏو ھو جو اسپتال جي اتنظاميه ۽ ڊاڪٽر پريشان ٿي ويا ته ھڪ غريب شاعر جي عيادت لاء ماڻھون جون ايڏيون محبتون
جمن دربدر شاعر ۽ قومپرست سماجي ورڪر مھمان نواز به ھو پاڻ عمر ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ روحل واء جي ساند قبيلي سان تعلـق رکندو ھو
پاڻ 12مئي 44ع ۾ بنيادي طور غريب مسڪين مارو ماڻھون جن جي گذر سفر مال چوپايو مال تي ھو ان خاندان جي ساڃاھ وند عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ جنم ورتو. ھن خاندان ۾ پھريون فرد جمن دربدر ھو جنھن ان دور ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ھن پرائمري تعليم عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو، 1962ع ۾ مئٽرڪ مير پور خاص مان
پاس ڪئ عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران کيس ادبي شوق ٿيو ۽ ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين، بعد ۾ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ عبدالواحد آريسر جي معرفت هن جي سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي ان بعد سندس خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو ۽ قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو.جمن دربدر Budder جو ڪورس هارٽيڪلچر ميرپورخاص مان (6 مهينن جو) ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو ۽ مختلف علائقن ۾ نوڪري ڪيائين
جمن دربدر هڪ ئي وقت بھترين شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس ھو هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو انھن ۾ بدنصبي ٿري، سکن وارو سج، گلن واري ڇوڪري، آس، ڏک ۽ ڏڪار، چنڊ لڳي ٿو لولو، ٽرڙو عاشق لڱ به منهنجا لوهه، جابر وڏيرو. آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل آهن
جمن دربدر اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو آرگنائيزر به رھيو بعد ۾ جئي سنڌ قومي محاظ ۾ به تمام گھڻو سرگرم رھيو
جمن دربدر ڪچھرين ۾ ٻڌايو ته هن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي سندس شاعري سنڌ جي تقريبن اخبارن رسالن ۾ شايع ٿيندي رھي آھي سندس ڪافي شاعري محفوظ نه ٿي سگھي آھي سندس شاعري مان ھڪ گيت
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
تمام گھڻو مشھور ٿيو جيڪو سائين جي ايم سيد اڪثر جھونگاريندو ھو اھو شعر سائين جي ايم. سيد جي مزار واري احاطي جي دروازي تي به لکيل آهي. جمن دربدر جي شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار آهي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو ھو هن 1987ع ۾ سنڌي عورتن جي سنسٿا (تنظيم) مارئي، دهلي پاران منعقد ٿيل ”شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ڳايل سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ٿيندو رهيو آهي قومي سرگرمين کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي .
کيس ننڍا وڏا پيار مان ماما سڏيندا ھئا جمن دربدر پنھجي ڪتاب ۾ لکيو آھي ته آئون مخدوم طالب الموليٰ وٽ جڏهن پنهنجي لاءِ ٽي چار تخلص لکي کڻي ويس، جن ۾ “موج ٿري”، “گهايل ريگستاني”، “سائل” ۽ “دربدر” هئا. مخدوم صاحب “دربدر” تي ٽڪ ڪري چوڻ لڳو تہ، “فقير! تنهنجو تخلص دربدر ٿا رکون. سنڌي وارو دربدر نہ، پر عربي ۾ بدر چوندا آهن چنڊ جي سهائي کي ۽ در جو مطلب چهرو، سو اهو تخلص توکي تڪليفون جام ڏيندو پر نالو وڏو ڪمائيندو ۽ مخدوم طالب المولاجي اھا دعا قبول پئي ۽ پاڻ وڏو نالو ڪمايو سندس آخري سفر ۾ عوام جو وڏو سمنڊ اٿلي پيوھو جڏھن مشھور صوفي راڳي مانجھي فقير پنھجي سنگ سان جمن دربدر جا قومي گيت ڳائي رھيو ھو ته عوام جي سمنڊ جون اکيون اٿلي پيون ھر ماڻھون جي اک آلي ھئي ھر طرف سڏڪا ھئا آھون دانھون ھيون ھر طرف قيامت خيز منظر ھئا روحل واء جو راڻو سنڌ جو عاشق جنھن سنڌ جي عشق ۾ تڪليفون سھي نگر نگر گلي ۾ سنڌ جي سجاڳي جا گيت ڳائي سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳ ڪيو
سيد جي فلسفي فڪر کي ڦھلايو ۽ ڪمال جو عاشق ھو جنھن عبدالواحد آريسر سان گڏجي سنڌ ۽ سيد جي فلسفي پرچار ڪرڻ پئسا نہ ھئڻ ڪري ڪرائي ڀاڙي لاء ڳائي نچي پئسا ھٿ ڪندو ھو
ٿر جو گونجندڙ آواز ڳاء انقلاب ڳاء آلاپيندڙ سنڌ جو کاھوڙي ڪردار قومي تحريڪ جي جاکوڙ ۽ جدوجھد جو اھڃاڻ قومي شاعر ماما جمن دربدر
ثابت ڪيو ته ڪردار وڏي شي آھي پئسو وڏي شي ناھي
اڄ سنڌ جو عاشق سڄي سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي وڇوڙجا وڍ ڏئي ٿر کي سڃو ڪري روحل واء ۾ ماتم برپا ڪري ڏورانھين ڏيھ ڏي راھي ٿيو ويو جتان وري ڪير واپس نہ آيو
اڄ سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آھي سنڌ ۽ سيد جو عاشق ڏھاڳ جا ڏک سنڌ کي روئڻھارڪو ڪري ابدي دنيا ڏانھن راھي ٿيو پر سندس عزم حوصلو ھمٿ جاکوڙ جدوجھد سدائين اسان جي رھنمائي ڪندا رھندا ھو رڳو حليم باغي جو مامون نه ھو پر سڄي سنڌ جو مامون ھو
سندس وڇوڙي تي سندس عزيزن ۽ قومي ورڪرن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون اسان سندس ئي ھڪ خوبصورت گيت سان کيس ئي ڀيٽا ڏيون ٿا
هي دنيا هل چل جي بستي هتِ ماڻهو ايندا ويندا هِن
چار گهڙيون مهمان رهي پر لوڪ پداري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد نه ڪنهن کي ايندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان هر هر جيئندا مرندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي موت کي ماري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو پاڻ جيئڻ لاء قوم کي ماري ويندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو مرندي مرندي قوم جيئاري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو مَتِ جا موڙا پاڻ نه پنهنجا ٿيندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي تقدير سنواري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو مستانن تي ڪوڙي فتوا ڏيندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو اناالحق جي تند تنواري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو عهدي خاطر پاڻ وساري ويندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو دربدر ٿي وقت گذاري ويندا هِن
اسماء صبا خواج کا افسانہ مایوسی فنی و فکری مطالعہ
اسماء صبا خواج کا تعلق لکھیم پور کھیری ہندوستان سے ہے، اردو کی ممتاز لکھاری ہیں، آپ کا افسانہ ''مایوسی"...