23آڪٽوبر تي ملڪ جي خاتون اول رھندڙ جمھورت جي بحالي لاء قربانيون ڏيندڙ بيگم نصرت ڀٽو جي 11 ورسي آھي پر اسان ھن عظيم خاتون کي 11سالن ۾ ويساري ڇڏيو مون مختلف اخبارون ڏٺيون ته پ پ پاران سندس ورسي جي موقعي تي سندس آخري آرام گاھ تي يا بلاول ھائوس زرداري ھائوس يا ٻين شھرن ۾ سندس ورسي تر ڪو شانائيتو پروگرام جو اعلان واري خبر نظر نه آھي نه وري اخبارن ۾ پ پ پاران بيگم ڀٽو کي خراج تحسين وارا روايتي اشتھار نظر آيا سچ پڇو ته پ پ واڳ ڌڻين کان وٺي پ پ اڳواڻن ڪارڪن جي اھڙي روش تي ڏک ٿيو آئون پ پ جي ورڪر نه آھيان آئون غير سياسي نج صحافي ھئڻ جي باوجود پنھجي گھر تي بيگم ڀٽو جي ايصال ثواب لاء قران خواني ڪرائي آھي ۽ ڀت جو مٺو ديگڙيو رڌائي ٻارن ۾ ورھايو آھي ان ڪري جو بيگم ڀٽو عظيم خاتون ھئي شهيدن ڀٽن جي وارث رھندڙ بيگم نصرت ڀٽو سان پهرين ملاقات سندس پياري پٽ شاهنواز ڀٽو جي شهادت تي المرتضى هائوس لاڙڪاڻو تي تعزيت ڪرڻ وقت ٿي، پاڻ انتهائي ڏکويل هئي۔ پنهنجي ور جي شهادت بعد سندس پٽ جي شهادت سندس جيءُ جهوري ڇڏيو هو، ساڻس ٻي ملاقات بئراج ڪالوني حيدرآباد ۾ مخدوم جميل الزمان جي شادي جي مختصر تقريب، جنهن ۾ مخدوم خاندان جي انتهائي ويجها ماڻهو مدعو ڪيل هئا ان دعوت ۾ پاڻ شريڪ ٿيون ۽ مخدوم طالب المولى ۽ مخدوم خاندان جي ٻين فردن کي مبارڪباد ڏني، ساڻس ٽي ملاقات مخدوم طالب المولى جي وصال تي مخدوم هائوس هالا ۾ ٿي پاڻ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ تعزيت لاءِ آئي هئي۔ ان موقعي تي سندس نيڻ ان وقت آلا ٿي ويا، جڏهن محترمه بينظير پنهنجي والد جو ذڪر ڪيو ۽ اهو چيو ته والد جي شهادت بعد مخدوم طالب المولى نه صرف پارٽي کي قائم رکڻ لاءِ سرگرم رکڻ لاءِ ڪوشسون ڪيون پر مون کي والد جهڙو پيار ڏنو۔ بيگم نصرت ڀٽو سان باقائيده واقفيت مير مرتضى ڀٽو جي وطن ورڻ بعد 70 ڪلفٽن تي ٿي۔ ان دور ۾ پاڻ پريشاني ۾ روتل هئي۔ ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو ۽ مرتضى ڀٽو ۾ سازشن تحت اختلاف پيدا ڪيا ويا ۽ اها سندس لاءِ آزمائش وارا ڏينهن هئا۔ ته هو ڪنهن جو پاسو وٺي۔ هن ڪوششون به ڪيون ڀيڻ ڀاءُ کي ٺاهڻ جون پر ڪامياب نه ويون بيگم نصرت ڀٽو رحم دل، سخي، ٻاجهاري ذهين ۽ پاڪستان جي پهرين خاتون هئي، جنهن ڀٽو صاحب جي دور ۾ خاتون اول جو لقب ماڻيو۔ پاڻ ور ۽ بعد ۾ ٻن جوان پٽن جا لاش کنيا، سندس جيءُ جهري پيو هو۔ پر پاڻ همٿ نه هاري، جنرل ضياءُ جي آمريت واري دور ۾ نه صرف پارٽي جي قيادت سنڀالي پر آمريت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ عوام ۾ وڏو اتساهه پيدا ڪيو۔ ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو، نصرت ڀٽو جو والد مرزا محمد عراق جو شهر شاهه نجف ۾ ڄائو هو، جيڪو واپاري هو۔ ۽ پاڻ ڪاروبار سانگي اصفهان جي تاريخي ثقافتي سونهن جي پيٽي نظر هن شهر کي يونيسڪو پاران ورلڊ هيريٽج قرار ڏنو، هن شهر کي تصف جهان به سڏيو ويو اتي اچي رهيو، جتي نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929ع ۾ جنم ورتو۔ سندس والد جڏهن هندستان گهمڻ ويو ته بمبئي شهر سندس دل کي ڀائي ويو ۽ پاڻ اصفهان مان لڏي اتي اچي رهيا، جتي صابڻ جو ڪارخانو لڳايو، بيگم نصرت ڀٽو ابتدائي تعليم کان وٺي سنيئر ڪيمبرج پاس اتي ڪيائين ۽ انهي ڪاليج مان نصرت ڀٽو فوجي ٽريننگ به حاصل ڪئي، نصرت جڏهن پنهنجي ڀاڻيجي فخري بيگم سان گڏ بمبئي ۾ مشهور تفريح گاهه کنڊالا ۽ لوڻا گهمڻ وئي ته اتي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ منور الاسلام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيو خاندان ان تفريحي مقام تي گهمڻ آيا انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي به مبمئي ۾ رهندي هئي ان تفريح واري مقام تي منور جي نصرت ۽ فخري بيگم سان ملاقات ٿي ۽ هن کين ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي جي سر شاهنواز ڀٽو جي فيملي جا گهر ڀاتي آهن، هنن ٽنهي جي اها ملاقات دوستي ۾ بدلجي وئي۔ هي ٽئي پاڻ ۾ ساهيڙيون بڻجي ويون۔ ڪجهه عرصي بعد مرزا محمد بمبئي کان ڪراچي لڏي آيو، انهن ڏينهن ۾ منور اسلام جي شادي ٿي ۽ هن پنهنجي ٻنهي ساهڙين کي پنهنجي وليمي جي دعوت ڏني، نصرت جي ذوالفقار علي ڀٽو سان پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن نصرت وليمي جي دعوت ۾ وڃڻ لاءِ پنهنجي لاڪر ۾ رکيل سونا زيور کڻڻ آئي ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجي والده خورشيد سان گڏ ان بئنڪ ۾ آيو، جتي هنن جي ملاقات ٿي ۽ خورشيد نصرت کي ٻڌايو ته هي منهنجو پٽ زلفي آهي۔ ان ملاقات بعد هنن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ذلفي کيس شادي لاءِ راضي ڪري ورتو۔ سيپٽمبر 1951ع ۾ هنن جي شادي ٿي ۽ پاڻ مثالي جيون ساٿي وارو ڪردار ادا ڪيو۔ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وڪالت ۽ پوءِ سياست شروع ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو سندس ٻانهه ٻيلي بڻيل هئي۔ ڀٽو جي صدر ايوب سان بغاوت ڪرڻ ڪري کيس نظر بند ڪرڻ کان وٺي احتجاجي تحريڪ هلائڻ تائين پ پ جي قيام کان وٺي اقتدار تائين بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ور جي باقاعده مددگار رهي۔ حڪومت دوران پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي باقاعده صلاحڪار وارو ڪردار ادا ڪيو۔ کيس خاتون اول جو لقب ڏنو ويو۔ پاڻ عورتن جي حقن، سندن بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ عوام جي خدمت جي حوالي سان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پاڻ ڀٽو صاحب سان غير ملڪي دورن ۾ پاڪستان جي وفدن جي نمائندگي ڪئي جڏهن ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم جي حڪومت جو تختو سندس وفادار سمجهو ويندڙ آمر جنرل ضياءُ اونڌو ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي جيل ۾ بند ڪيو ته بيگم نصرت ڀٽو هئي جنهن همٿ حوصلي سان پارٽي جي قيادت سنڀالي ۽ جنرل ضياءُ جي مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي، احتجاجي مظاهرا ڪيا، ۽ قذافي اسٽيڊيم ۾ احتجاج دوران قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران لٺيون جهليون ۽ رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي پر همٿ حوصلو نه هاريو، 3 اپريل 1979ع تي بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي جيل اندر ذوالفقار علي ڀٽو سان آخري ملاقات ڪرائي وئي جيڪا 3 ڪلاڪ جاري رهي، انهي ڏينهن جنرل ضياءَ الحق ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي ڏيڻ واري فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي ۽ 4 اپريل 79ع تي سج اڀرڻ کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو کي دارجي تختي تي چاڙهيو ويو۔ انهي ڏينهن ڀٽو جو جسد خاڪي لاڙڪاڻو اماڻيو ويو۔ جتي ڏهين وڳي سخت پهري ۾ جنازي نماز پڙهائي وئي، جنهن ۾ صرف چند ويجهن ماڻهن کي جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت ڏني وئي۔ بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي خصوصي جهاز ذريعي اباڻي ڳوٺ آڻي آخري ديدار لاءِ نيو ويو پر ان کان اڳ زلفي کي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو ۽ پنهنجي ور جو آخري ديدار به کيس نصيب نه ٿيو۔ اهو سلسو اتي ختم نه ٿيو پر بعد ۾ ان سازش جي ٻئي مرحلي ۾ 85ع ۾ شاهنواز ڀٽو، 96ع ۾ مير مرتضي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ هن خاندان ۾ بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ئي جنازا کڻڻ لاءِ هيون، مون کي اهو ڏينهن ياد آهي ته جڏهن بيگم نصرت ڀٽو مير مرتضى ڀٽو جي چونڊ مهم دوران پيرن اگهاڙي گهر گهر وڃي ورڪ ڪئي ان ڏينهن بيگم نصرت ڀٽو شهيد ڀٽو جي شهادت بعد پهريون دفعو خوش نطر آئي، سندس چپن تي هلڪي مرڪ هئي سندس چهري تي رونق هئي جڏهن مير مرتضى ڀٽو جلاوطني ختم ڪري وطن وري رهيو هو ٿوري وقت بعد 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضى ڀٽو کي ساٿين سان گڏ بيدردي سان شهيد ڪيو ويو۔ پاڻ جوان پٽ جو لاش کڻائي ڳڙهي خدا بخش پهتي ۽ لاش کي دفنايو اهي گهڙيون ڪيڏيون نه پيڙا واريون هونديون پاڻ بهادر عورت هئي پاڻ شفيق، ڪارڪنن کي عزت ۽ پيار ڏيندڙ هئي، پاڻ مرتضى ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان هڪ جيتري محبت ڪندي هئي پر جڏهن ڀيڻ ڀاءُ جا اختلاف وڌيا ته پاڻ جهڙوڪ ٻه اڌ ٿي پئي ڇاڪاڻ ته سندس ور جي پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، پاڻ 4 ڀيرا قومي اسيمبلي جي ميمبر رهي، پاڻ عوام مان ڪڏهن به خفا نه ٿي۔ پنهنجي ور جي شهادت بعد پٽ شاهنواز ڀٽو جي ان بعد مير مرتضى جي شهادت کيس نهوڙي ڇڏيو، سندس ياداشت ختم ٿي وئي۔ جڏهن قذافي اسٽيڊيم ۾ سندس مٿي تي لٺيون لڳڻ ڪري گهرا گهاءُ ٿيا جن کيس ڪينسر جهڙو موضي مرض ڏيئي ڇڏيو۔ مرتضى جي شهادت بعد کيس بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا ۽ پاڻ ڪوما ۾ هلي وئي، کيس دبئي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 15 سال موت سان جهڙيندي نيٺ 23 آڪٽوبر 2011ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، سندس لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته گهر ۾ نوڪرن جي فوج هئڻ جي باوجود پنهنجي اولاد کي پاڻ نپايو۔ پوري توجهه ڏيندي هئي۔ جڏهن پاڻ وصال ڪيو ته پ پ نظرياتي ورڪرن روئي چيو ته جهڙوڪ سندن امڙ گذاري وئي۔
تمھارے نام آخری خط
آج سے تقریباً پندرہ سال قبل یعنی جون 2008میں شمس الرحمٰن فاروقی صاحب نے ’اثبات‘ کااجرا کرتے ہوئے اپنے خطبے...