هي هٿ منهنجا آهن
هي آڱريون منهنجيون آهن
پر اهي اکر ان استاد جا آهن
جيڪو ڪيئي ورهيه اڳ
اخبار ۾ لکندو هو:
”تنهنجيون منهنجيون ڳالهيون“
ڇا اهو ليک ”هلال پاڪستان“ نالي
هڪ اخبار ۾ جو ڪو ڪالم هو؟
اهو بظاهر ڪالم هو مگراصل ۾
اهو بهار جو جهوٽو هو!
اها لکڻي، جنهن، جنهن پڙهي
جنهن جنهن روح کي
ان بهار جي آواره ۽ سرڪش جهوٽي
معطر ڪيو
ان کي خوشبو ڏني
ان کي سڳنڌيو
اهو روح پنهنجي جسم کي
ڪڏهن به اها اجازت نه ڏيندو
ته ان شخص طرف پٿر اڇلاءِ
جنهن جو نالو
امرجليل آهي!
ان امرجيل افسانا ۽ ناول به لکيا
پر اهي اکر ڪي ٻيا هئا
جيڪي هو استعمال ڪندو هو
ان ڪالم ۾، جنهن جو عنوان هو
”تنهنجيون منهنجيون ڳالهيون“
اهو ڪالم نه هو
اها مچ ڪچهري هئي
اهڙي مچ ڪچهري
جنهن جي ڇڀين کي
پنهنجي ڄاڻ ۾ ڄرڪائي
هو لکندو هو:
”سنڌو هر گذريل ڏينهن کان وڌيڪ حسين هوندي آهي.
هن ڀيري هن جي ڀنڀن وارن ۾ ڪوئي گل نه هو.
هن جا زنداني زلف
اسلام آباد جي گناهگار هوائن ۾
اڏامڻ کان انڪاري هئا.
هوءَ هميشه جيان
بنا ٻڌائڻ جي
منهنجي پاسي ۾
ائين ويهي رهي
جيئن ڪا سار
ويسر جي واٽ تي هلي
دل جي دروازي تي دستڪ ڏي!
مون کي ٻيو ڪجهه نه ايندو آهي
مون کي ٻي ڪا سمجهه ڪونهي
مگر مان سنڌوءَ جي ساهه جو سڳنڌ
پنهنجي اندر ۾ اڪير وانگر
محسوس ڪري سگهندو آهيان
هوءَ جا منهنجو وجدان آهي
هوءَ جا منهنجو ايمان آهي
هوءَ منهنجي ڀر ۾
اهڙي اداسيءَ سان ويهي رهي
جهڙي اداسيءَ سان
سرءُ جو سج
سمنڊ جي ڀر ۾اچي بيهندو آهي
هڪ اداس ۽ انتهائي غمگين
لمحي وانگر!
سنڌو آئي
پنهنجي پوري سونهن
سوڀيا ۽ سڳنڌ سان
هن مون کي چيو:
”چريا! سموري سنڌ جي هٿن ۾
پٿر آهن ۽ تون اڪيلو آهين
ڇا ٿو چاهين؟“
مون چيو:
”سنڌو! مان تنهنجي پيرن جي پڻي آهيان“
سنڌوءَ جي سڪل اکين ۾
لڙڪ تري آيا
۽ هن چيو:
”تون منهنجي سينڌ جو جهومر آهين“
مون چيو:
”مان اداس پوڄاري ۽ تون اڪيلي ديوي آهين“
هن چيو:
”ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“
مون چيو:
”هو مون کي تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾
سنگسار ڪري رهيا آهن
هي نظارو تون به ڏس!“
۽ سنڌوءَ پنهنجيون غمگين
۽ گهريون اکيون ٻوٽي ڇڏيون!!
اسماء صبا خواج کا افسانہ مایوسی فنی و فکری مطالعہ
اسماء صبا خواج کا تعلق لکھیم پور کھیری ہندوستان سے ہے، اردو کی ممتاز لکھاری ہیں، آپ کا افسانہ ''مایوسی"...