پير پاڳارو جي خاندان کي پير پاڳارو ڇو سڏيو ويندو آهي؟
مون کي 1986 کان اڳ ڪا به ڄاڻ نه هئي. جڏهن مون ذاتي طور تي هڪ برگيڊيئر سان پير آف جهنڊو سان ملاقات ڪئي. مون کي سرڪاري طور تي حڪم ڏنو ويو ته مان جهنڊي جي پير سان ملڻ لاء اتي پهچان. برگيڊيئر صاحب منهنجي موجودگي ۾ سوال ڪيو، برگيڊيئر صاحب کي ھڪ شخص ٻڌايو تہ جهنڊو جي پير صاحب کان تعويذ حاصل ڪيو جيڪڏهن توھان کي جنرل ٿيڻو آهي ته. پير آف جنھڊو ٻڌايو ته اسان جا ابا ڏاڏا رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن جا اصحابي هئا. هڪڙي کي انعام ۾ پنھنجي پڳ، ء ٻئي کي نبي پاڪ صلى الله عليه و آله وسلم، هڪ، جهنڊو ڏنو ،، انکانپوء اسان کي پيرپاڳارا ۽ پير آف جهنڊو جي نالي سان سڏيو ويو. ،،ؤالله عالم با ثواب،، مان پوء برگيڊيئر صاحب کي ڀٽ شاھ تي بہ وٺي ويس.
حر تحريڪ 1857جي جنگ آزادي کان اڳ شروع ٿي چڪي ھئي، ان دور ۾ پير پاڳارا اول جن جو نالو به ساڳيو ،،صبغت الله شاھ راشدي،، ھو، هنن ان وقت اھا تحريڪ سنڌي قوم سان انگريزن جي غير انساني ۽ غير مهذب ۽ رويي کي ڏسي شروع ڪئي، هنن سيد احمد شاه، شاھ اسماعيل شھيد جي سکن ۽ انگريزن خلاف پڻ مدد ڪئي. ،حر جو مطلب آهي ته آزاد فرد , ڪن جو خيال آهي ته حر بن رياحي يزيد کي ڇڏي حضرت امام حسين عليه السلام جو ساٿ ڏئي آزادي حاصل ڪئي ان جي قدم کان متاثر ٿي ھنن پھنجو نالو حر رکيو.
ڀيڄ پاڳارا جي نعري جي معني چوندا آهن، ته پاڳارا سائين اسان کي جنگ جي ميدان ۾ وڙھڻ لاءِ حڪم ڏنو . اھو نعرو ، ۽ هڪ ٻيو نعرو ،،وطن يا موت،،
،، آزادي يا موت ،،به سندن لاء ھو.. ،سورھيه بادشاه،، صبغت الله شاه ثاني هو ۽ حر تحريڪ پنهنجي پير جي قيادت ۾ تمام گھڻي مضبوط ٿي. پير صاحب پھنجو ھيڊ ڪوارٽر،، مکي ٻيلي،، ضلع سانگھڙ ،،گڙنگ بنگلي،، ۾ رکيو. پير صاحب جي سڪيورٽي حرن مختلف طريقن سان چئن پاسن کان ۽ پنھنجي جان جي بازي لڳائي ڪئي. انگريزن هن جي مرڪز تي بمباري ڪئي. پير صاحب جي حفاظت لاء حر جرئت ۽ بهادري سان وڙھيا، ان ڪري ھڪ محاورو بہ سنڌ ۾ مروج ٿيو جنھن کي چومکي جنگ ڪري سڏيو ويندو آهي. پر آخر ۾ کين گرفتار ڪري پهريون ڀيرو اڳوڻي هندستان ڏانهن نيو ويو . حرن کي حراست ۾ وٺي کين ڪئمپن تائين محدود ڪيو ويو. مارشل لا لاڳو ڪيو ويو، سندن پٽن پير علي مردان شاه جنھن کي سڪندر علي شاھ طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ پير نادر علي شاھ کي انگلستان ڏانهن موڪليو ويو ، ۽ 1953 جي شروعات ۾ هو پاڪستان واپس موٽايا ويا.
پير سيد صبغت الله شاه راشدي، ا لمعروف * سورھيه بادشاه * کي بعد ۾ واپس آندو ويو، ۽ نارا جيل حيدرآباد ۾ رکيو. کين 20 مارچ رات 3 وڳي 1943 ۾ ان ئي جيل ۾ ڦاهيء تي چاڙهيو ويو، ڦاھيء کان اڳ کين وٽ هڪ برطانوي آفيسر آيو جيڪو اڳ پير صاحب کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو ھو ۽ کين سان گڏ شطرنج راند ڪري چڪو هو، جڏھن پير صاحب جيل ۾ هو. پير صاحب شاهي خاندان مان ھئڻ ڪري تمام سٺو پليئر ھو ،، انهيء راند ۾ اڪثر وقت هن ماضي ۾ ان آفيسر کي شڪست ڏني ھئي. آخري رات هي خاص طور تي ان نيت سان آيو هو تہ پير صاحب موت جي خوف ۽ دٻاء هيٺ ھئڻ ڪري راند ھارائي ويندو. آفيسر کيس بار بار ياد ڪرائڻ شروع ڪيو ھر 15 کان 20 منٽ بعد، ته پير صاحب توھان کي ڪجھ دير کان پوءِ ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويندو ، هر وقت پير صاحب جواب ڏنو ته ها مون کي خبر آ پر پوء به منهنجو بادشاھ انشاءالله شھ نه کائيندو.
راند پير صاحب کٽي ويو. ان کان پوءِ آفيسر پنهنجي اصل نيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته، انگريزن جي حڪومت ۽ بدقسمتيء سان سنڌ ٻيئي ٿوري دير ۾ ھڪ اهڙي بهادر انسان کان محروم ٿي ويندا جنھن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل ھوندو. پير صاحب کي سيليوٽ ڪري چيو ته ، سر خدا توهان تي برڪت فرمائي. مان توھان لاءِ دعا ٿو گهران ته توهان جي ڦاسي وارو مرحلو آسان رھي. جنھن تي پوءِ پير صاحب ان آفيسر کي چيو ته الله سائين مون کي توفيق ۽ وڏي ھمت ڏني آهي. آء توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته ڦاسي دردناڪ نه ٿيندي.
جي مون کي ڪو خوف ھجي ھان مرڻ جو ته برطانوي حڪومت کي اڳ ۾ تسليم ڪيان ھان، ۽ رحم جي درخواست به ڪيان ھان . جيڪڏهن توهان ماڻهو اھو ٿا سمجھو ته توهان منهنجي زندگي کي ختم ڪري رهيا آهيو، ته توھان غلط سوچي رھيا آھيو، منهنجي اصل زندگي منھنجي شھيد ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيندي . ٻين لفظن ۾ اها توهان جي سو چ ۾ ڦاسي ھوندي جڏهن ته سنڌ جي تاريخ ۾ منهنجي غيرفاني زندگي شروع ٿيندي.
ھي سندن جا ھيا تہ آخري لفظ پر اھي لفظ سنڌي ماڻهن جي ذهن ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏھن به آ خري ھوندا ۽ نہ گم ٿيل رھندا.
قابل احترام پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ نظم سندن تي لکي کين خراج عقيدت پيش ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ ھو تہ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ۾ شاھ عنايت جھوڪ واري کانپوء پير صاحب ئي اهو ثابت ڪيو ته زندگي ڪيئن جيئجي ۽ جي مرڻو پوي ته ڪھڙي موت کي ترجيح ڏجي.
ھن ڏيھ ڏکيا جي ڏينهن ڏٺا
ڪي شاه ڪٺا ڪي شير ڪٺا
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪڏھن ڳاڙھا گھوٽ ڪڏھن مڙھ مقام جا
واريء سندا ڪوٽ اڏي اڏيندين
ڪيترا
سورھيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
ھڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين
آڏي ڍال مَ ڍار
مٿان تيغ ترار مار ته متارو
ٿئين،
ويا مور مري ھنجھ نه رھيو ھيڪڙو
انھن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪائينرن جو
شاھ صاحب،
مون ڪاتيءَ ھيٺان ڪنڌ ڏاٺا
مون ساڻان ساڻان سنڌ ڏٺا
مون ڇا ڇا مائيء لال ڏٺا
جي لوئيء لڄ بچائي ويا
ڪاتيءَ ھيٺان ڪنڌ
پوء به نارا نينھن جا
سنڌڙيء جو سوڳند
مرندا سين ته بہ مرڪندي.
شيخ اياز
مون کي هن ڪهاڻي ختم ڪرڻ وقت
سنڌ جي هن وڏي تاريخي اثاثي لاءِ اھا
الله سائين وٽ دعا آ ھي ته سندن قوم لاء ڏنل قرباني قبول فرمائي. ۽ کين پنھنجي جوار رحمت ۾ رکي.
هن جي وفات کان پوء سندن ميت سندن خاندان جي حوالي
نه ڪيو ويو.
ڪن جو اھو خيال آ ھي ته کين ڦاسيء گھاٽ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو . تاريخ جا جاکوڙي اڄ تائين پوري طرح پڪ سان معلوم نه ڪري سگھيا تہ پاڻ اصل ۾ ڪٿي دفنايا ويا. اڄڪلھ ڪجھ خبرون ھلن پيون ته پير صاحب کي ڪراچي ۾ ڪڊني ھل / لڳ آغا خان اسپتال تي دفنايو ويو ھو.
انھن خبرن سڄي سنڌ کي جاڳائي وڌو آھي، ۽ ھڪ وڏي اميد پيدا ٿي پئي آھي ته سندن مقبري جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ سڄي سنڌ جا ماڻھو اتي اچي سندن آزادي جي جنگ وڙھندڙ ھن سورھيه سپوت تي پنھجي عقيدت جا گل نڇاور ڪندا ۽ ھن عظيم ھستيءَ کي خراج عقيدت پيش ڪندا ،
حوالا .
ذاتي معلومات ۽ مشاھدي سان گڏ مرحوم ڊاڪٽر جان محمد قريشيءَ کان ٻڌل ڳالهيون جنھن ناراجيل واري ڊيوٽي تي مقرر ڊاڪٽر کان حاصل ڪيون ،ان سان گڏ انٽرنيٽ تي موجود معلومات به شامل ڪئي وئي آهي.