(Last Updated On: )
سائين جي ايم سيد!
سنڌ جي سياسي روحانيت جو امام هو.
سنڌ جي تاريخ ۾ فقط هو هڪ فرد هو
جنهن ۾ داناهي هئي ۽ جنهن ۾ درد هو!
هو درد ۽ داناهيءَ جو ميلاپ هو
پر ڇا صرف ان ۾ درد ۽ داناهي هئي؟
هو فقط هڪ دردمند دل
۽ داناهه دماغ جو سنگم نه هو
پر هو دلير به هو
هن پنهنجي داناهي
عبدالواحد آريسر جي سپرد ڪئي
۽ هن پنهنجي دليري بشير قريشيءَ کي ارپي
۽ هن پنهنجو درد
سنڌ جي جوانيءَ لاءِ سانڍي رکيو
اها اداس جواني
جي ايم سيد جو سدا حيات روپ آهي.
سنڌ جو نئون نسل
علم ۽ عمل جي راهه تي
جڏهن به هلندي ٿڪجي پوندو
جي ايم سيد جي مزار
سنڌ جي ٿڪل پٺ کي
آٿت ڏيندي
۽ سنگ مرر جي سرن مان
اهو آواز اڀرندو
”هي ڦٽيل پير وري پنڌ ڪندا
تنهنجو سوڳنڌ ڪندا
وقت آيو ته ٻه ٽڪر
ظلم جو ڪنڌ ڪندا“