صادق فقير سنڌ جو ڀلوڙ صوفي فنڪار هو، جنهن پئسي جي ياري کي اهميت ڏيڻ بجاءِ فن جي آبياري ڪئي، فن جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو هو. شايد هي واحد فنڪار هو جنهن هر طبقي ۾ هڪ جهڙي مقبوليت حاصل ڪئي. صادق فقير خاص طور سنجيده ماڻهن جي پسند جو فنڪار هو، پاڻ چونڊ شاعري ڳائي نه صرف سنڌ پر سڄي دنيا ۾ رهندڙ لکين ٻڌندڙن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. سنڌ اندر ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ صادق فقير کي اهميت ڏني ويندي هئي پاڻ لطيف سائين، سچل سرمست، بلا شاهه، وارث شاهه، مرزا غالب، شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، آڪاش انصاري سرويچ سجاولي حليم باغي، ادل سومرو، اسحاق سميجو، تاج جويو، مختيار ملڪ، زاهد شيخ، اياز گل، راشد مورائي ، حسن بخش شاهه، هادي ، حسن درس، عبدالغفار تبسم، اقبال رند، وفا پلي، وفا ناٿن شاهي، سائين داد رند، امين لاکو کانسواءِ لاتعداد صوفي، ترقي پسند شاعرن جي شاعري کي منفرد انداز ۾ ڳايو صادق فقير ڳائيل شاعري جون ڌنيون خود ٺاهيندو هو. جڏهن ڪيسٽي دنيا جو عروج هو تڏهن صادق فقير جون مختلف ڪيسٽن جي ڪمپنين پاران رڪارڊ ٿيندڙ آڊيو ڪيسٽون رڪارڊ ٽوڙ وڪرو ٿيون هر فنڪار جو هڪ دور هوندو هو، جنهن ۾ هر هنڌ ان جو بول بالا هوندو آهي. ليڪن صادق فقير هر دور جو مشهور فنڪار رهيو. هن جي مقبوليت يڪسان رهي، جڏهن يونيورسٽين ، ڪاليجن جي فنڪشن ۾ ڳائيندو هو ته شاگرد شاگردياڻيون، پروفيسر بي اختيار ٿي نچندا هئا. جڏهن صوفيانه محفل ڪندو هو ته ماڻهو بي اختيار ٿي نچندا هئا. سنڌ اندر صوفي بزرگن جي عرس مبارڪن ۾ عقيدت وچان ويندو هو. هن ڪبير کي به ڳايو، صادق فقير سنڌي کانسواءِ اردو ، پنجابي، پشتو ، هندي ، بلوچي، سرائيڪي، مارواڙي ۾ به ڳايو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي آيو صادق فقير جي مقبوليت جو سبب اهو به هو ته هن چونڊ شاعري ڳائي ۽ انهن گيتن کي سٺي ڌن ۾ ٺاهي ڳايو ۽ هن محنت ڪئي، ڳائڻ کي ڌنڌو نه پر عبادت سمجهي ڳايو، پاڻ پروگرامن ۾ وڃڻ لاءِ في اڳواٽ طئه نه ڪندو هو، جيڪو ڀاڙو خرچ جيڪا گهور ملي اکين تي، جڏهن فون جي سهولت نه هئي ته اڻ واقف ماڻهو کيس خط لکي ڪاڄن جي ۽ پروگرامن جون دعوتون ڏيندا هئا پاڻ اتي پهچندو هو، روايتي فنڪارن وانگر دعوت ڏيندڙن سان ڪابه فرمائش نه ڪندو هو نه وري في پهرين وٺي پوءِ ڳائڻ لاءِ اسٽيج تي ايندو هو، جيڪو مليو بسم الله آئون سندس گيت ريڊيو پاڪستان ، پي ٽي وي تي ۽ آڊيو ڪيسٽن تي ٻڌندو هئس پر پهرين ملاقات لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ 1993ع ۾ ٿي، جڏهن ته باقاعده واقفيت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ادا ڪوثر ٻرڙو جي آفيس ۾ ٿي، جنهن ساڻن منهنجو باقاعده تعارف ڪرايو. ان بعد سنڌ اندر ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ ملاقاتن جو سلسلو جاري ٿي ويو ۽ اسان سٺا دوست بڻجي وياسين خاص طور تي لطيف سائين جي عرس مبارڪ تي باقاعده ڪچهري ٿيندي هئي. پاڻ ڀلاري ڀٽ ڌڻي جو عقيدتمند هو. ڀٽ شاهه پهچندي پهرين درگاهه تي پهچي چائونٺ چمندو هو. 2000ع ڌاري شيخ اياز جي ورسي سنڌ صحافي سنگت پاران ديوان گاگن داس مد ناڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏيل سهڪار سان ملهائي وئي مون ۽ گاگن داس کيس خط ۽ بعد ۾ فون ڪري دعوت ڏني ۽ کيس چيو ته اسان صرف ڪرايو ڏئي سگهون ٿا، پاڻ فون تي دعوت قبول ڪئي واپسي تي ڪرايو نه ورتو ۽ چيو ته شيخ اياز جو پاڻ سڀين تي قرض آهي. شابس هجي اوهان کي جو ان جي ورسي هيڙي شاندار انداز ۾ ملهائي آهي. ان پروگرام ۾ کيس پير بخش ڏيرو ايڊووڪيٽ هٿان شيخ اياز ايوارڊ به ڏنو ويو. ان تي پاڻ مائيڪ تي اچي چيو ته زندگي ۾ لاتعداد ايوارڊ مليا آهن پر شيخ اياز جي نالي سان اهو به صحافين جي تنظيم سنڌ صحافي سنگت پاران منهنجي لاءِ اعزاز آهي. اسان شيخ اياز جي هر ورسي ته نه ملهائي سگهياسين پر هر ورسي تي اديبن، شاعرن فنڪارن مختلف تنظيمن پاران اسان به سنڌ صحافي سنگت پاران شيخ اياز جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيندا هئاسين، شيخ اياز جي ورسي تي صادق فقير به گلن جي چادر چاڙيهندو هو ۽ بنا سازن جي اياز جي شاعري ڳائيندو هو. خاص طور سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو. سکي پيا کي ملين تي چئجان چاندني تو سواءِ نه ٿيندي، مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان. 2011ع ۾ اسان جي ڳوٺ ملدسي ويجهو شهدادپور روڊ تي مشهور بزرگ حضرت فقير دريا خان ڪپري جي عرس مبارڪ ۾ ميلو لڳائيندڙ منير احمد ڪپري سان مشورو ٿيو ته هن سال صادق فقير کي ٻڌجي ٻيا فنڪار گهٽ گهرائجن ۽ فون تي صادق فقير کي دعوت ڏني وئي هو مقرر ڏينهن تي شام 7 وڳي پريس ڪلب شهدادپور پهتو، جتي سنڌ صحافي سنگت شهدادپور جي صدر مهدي حسن پنهور پاران سندس اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو هو. اتان کان رات 9 وڳي عرس مبارڪ ۾ پهتو جتي پرهه ڦٽي تائين اهڙو ته ڳايو جو بس تنگ توري ڇڏيائين، راڳ ختم ٿيڻ تائين سخت سيءُ هجڻ جي باوجود سڀ ماڻهو ويٺا رهيا ۽ صادق فقير تي نوٽن جو مينهن وسندو رهيو. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي فرمائش ڪرڻ لڳو، جڏهن فرمائشون وڌي ويون ته اسان فيصلو ڪيو ته هاڻ صادق فقير کي ڇڏي ڏيون ته هو پنهنجي مرضي سان گيت ٻڌائي. هن سچل سرمست جي “آيا مک ويکڻ، مان جوئي آهيان سوئي آهيان” پٺاڻو خان جو ڳائيل گيت “ميڏا عشق وي تون” احمد فراز جو “سنا هي لوڪ اسي آنکهه ڀر ڪي ديکتي هين. استاد بخاري جو گيت عشق هو چرچو نه هو رونشو نه هو، پيار درياءُ آ درياءُ به لٽجي ٿو وڃي. وفا ناٿن شاهي جو گيت تو سان پل پل جو رابطو آ، اقبال رند جو گيت، شهر جو شهر دربدر نه ڪري کيس چئجو هتان گذر نه ڪري،ا ياز گل جو گيت، جيسين ڪوئي ڍوليو نه آهي، جيوڻ گهارڻ سولو نه آهي. حليم باغي جي اڙي شهر جانا، مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ سانولڙي جو خواب آهيان، شيخ اياز جي سنڌڙي تي سير ڪير نه ڏيندو، ڌرتي تو کي منهنجي چمي اڌوري رهجي وئي، سخي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سواءِ نه ٿيندي، بلا شاهه جي تيري عشق نچايا، سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ جي اسين پنهنجا وارا وڄائي وڃون ٿا. پروين شاڪر جي گيت ڪُو به ڪُو ڦهل گئي بات، فيض احمد فيض جي گليون ۾ رنگ ڀري، علي اظهار جي گيت اسان پيئڻ ڇڏي ڏنو، ابراهيم منشي جي ڪتيون ڪيئن قيد ۾ گذريون ۽ ٻين شاعرن جي چونڊ شاعري ڳائي. صادق فقير جي خواهش هئي ته هو مٺي ۾ موسيقي جي اڪيڊمي قائم ڪري جتي سکيا وٺن لاءِ ايندڙ جي رهائش جو به انتظام هجي، اتي مشهور فنڪارن کان به موسيقي تي ليڪچر ڪرائجي ۽ هن ان مقصد لاءِ پلاٽ به ورتو هو، ليڪن سندس اهڙي خواهش پوري ٿيڻ کان اڳ سعودي عرب جي صحرائن ۾ گم ٿي ويو، عمري جي سعادت لاءِ سعودي وڃڻ کان اڳ پاڻ پنهنجي فيس بوڪ تي اهو آخري پيغام ڇڏيو ته سعودي وڃي رهيو آهيان يار ۽ دوست منهنجي سلامتي سان سنڌ واپسي لاءِ دعا ڪن، صادق فقير جي آواز ۾ ٿر جي خوشبو هئي ٿر جي ڪلاڪارن مائي ڀاڳي ۽ موهن ڀڳت به فن جي دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي، اهڙا سمورا سدا بهار فنڪار صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن ۽ لاڏاڻي بعد وڏو خال پيدا ڪري ويندا آهن، صادق فقير جي وڇوڙي سان سنڌي موسقي ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي. صادق فقير جهڙو خوبصورت آواز وارو فنڪار وري پيدا نه ٿيندو. صادق فقير 20 مارچ 1964ع تي فقير فيض محمد مڱڻهار جي گهر ۾ مٺي ۾ جنم ورتو، راڳ کيس ورثي ۾ مليو، پاڻ راڳ جي سکيا پنهنجي مامي استاد حسين فقير کان حاصل ڪئي.
پرائمري کان ايم اي تائين تعليم مٺي ۾ ورتي پاڻ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي ۾ ليڪچرار ٿيو، شاگردي دور ۾ اسڪول بعد ۾ ڪاليج اندر ۽ مٺي شهر ۾ ننڍن ننڍن پروگرامن ۾ شوقيا طور ڳائيندو هو، سندس آواز ۾ سوز سمائيل هو سندس ڳائڻ جو هڪ منفرد انداز هو، ٿر جي خوشبو سمايل هئي. 1982ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اياز گل جو گيت تو کان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري رڪارڊ ٿيو، ان دور ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو عروج هو، ان دور ۾ ايف ايم ۽ نجي ٽي وي جو دور نه هو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊائريڪٽ ڳائڻ ۽ ڪلام رڪارڊ ڪرائڻ ڏکيو مرحلو هو پهرين ان فنڪار کي پاس ٿيڻ لاءِ ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو پوندو هو. ريديو پاڪستان حيدرآباد تان سندس اهو گيت اهڙو ته مشهور ٿيو جو ان بعد سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ صادق فقير کي گهرائيڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو. ترت ئي پوءِ شمشير حيدري کيس پاڪستان ٽي وي تي متعارف ڪرايو، صادق فقير نه صرف سنڌ پر پنجاب، بلوچستان کانسواءِ ٻاهرين دنيا جي ملڪن هندستان، سعودي عرب، ڪينيڊا، دبئي، اسڪاٽ لينڊ، سنگاپور، انگلينڊ ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، پاڻ نه صرف بهترين ڪلاڪار هو پر بهترين انسان به هو خوش اخلاق جو ڀنڊار هو، سچو مخلص ۽ کرو انسان هو. هو چاهي ها ته روايتي فنڪارن وانگر بازاري شاعري ڳائي ڏوڪڙ ڪمائي ها پر هن ائين نه ڪيو، پاڻ رومانوي قومي، مزاحمتي شاعري به ڳائي. جڏهن صادق فقير ، شيخ اياز جي شاعري ڳائي ته شيخ اياز چيو ته منهنجي شاعري کي جن فنڪارن جي ڳولا هئي اهو صادق فقير آهي. پاڻ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويا جتي روضي رسول پاڪ حضرت محمد صه جي حاضري بعد مڪي شريف ويندي فيبروي 2015 تي هڪ روڊ حادثي ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پهرين سندس جسد خاڪي کي اتي ئي سپردخاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر بعد ۾ صادق فقير جي مداحن جي اسرار خاص طور نصير مرا، تاج جويو، اسحاق سميجو ناز سهتو ۽ ٻين جي اسرار تي سندس مائٽن فيصلو تبديل ڪري سندس مڙهه کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٺي جي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . ۽ سفارتي ڪوششن بعد سندس جسد خاڪي کي هوائي جهاز ۾ ڪراچي کان ايمبولينس رستي مٺي آندو ويو. ڪيترن ئي هنڌن تي صادق فقير جي ميت تي گلن جي ورکا ڪئي وئي، جڏهن ته سندس جسد خاڪي اباڻي شهر مٺي پهتو ته سڄي شهر جا ماڻهو ٻاهر نڪري آيا، عورتون گهرن آڏو نڪري آيون، هر هنڌ گلن جي ورکا ڪئي وئي، ان وقت اهي منظر قيامت خيز هئا هر هنڌ روڄ راڙو هو. هر اک آلي هئي. ان موقعي تي مشهور فنڪارن صادق فقير جي ڳائيل مشهور گيتن کي ڳايو، صادق فقير عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاء گھر وارن سان گڏ سعودي عرب ويو جتي مديني کان مڪي شريف ويندي26 فيبروري 2015ع تي ھڪ حادثي ۾ جسماني طور تي اسان کان دور هليو ويو پر سندس شخصيت ڪردار هميشه لاءِ ياد رهندو. فن جي دنيا ۾ سندس خدمتون ڪڏهن به نه وسرنديو.