سنڌي راڳ جو بادشاهه ڪلاڪار خان صاحب استاد منظور علي خان جنهن کي ڪلاسيڪل موسيقي جو عالم به سڏيو ويو آهي. سندس آواز ۾ جادو هو موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو سندس ديوانا هوندا هئا. پاڻ سڄي ڄمار فن جي آبياري ڪئي پاڻ سنڌ جو ساڃاهه هو پنهنجي علم ۽ فن ذريعي سنڌي راڳ لاءِ نوان دڳ متعين ڪيا. پاڻ 1927ع ماضي ۾ سنڌ جو پئرس سڏجندڙ شهر شڪارپور ۾ پنهنجي وقت جو مشهور فنڪار استاد جمال خان (جمالو خان)جي گهر ۾ جنم ورتو سندس ملڪ جي مشهور گواليا خاندان سان تعلق هو پاڻ پننهنجي ننڍي عمر ۾ والد کانسواءِ مشهور فنڪار استاد بندو خان استاد سيندي خان کان فن جي سکيا ورتي پاڪستان ٺهڻ بعد سندس والد شڪارپور مان ٽنڊو آدم لڏي آيو استاد منظور علي خان ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ پنهنجي والد سان گڏ سڄي سنڌ ۾ موسيقي جي محفلن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. کيس ڌرپن جي انداز کانسواءِ خيال، ٺمري، دادرو، ٽپو ڳائڻ ۾ وڏي مهارت حاصل رهي. کيس سنڌي موسيقي جي وڏي ڄاڻ هئي. هن وٽ گائيڪي جون نراليون رمزون هيون پاڻ هر طبقي ۾ يڪسان مقبول رهيو کيس ڪلام ۽ ڪافي جي ڳائڻ تي ان حد تائين ڪمال حاصل هو جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ڪاڄن ثقافتي پروگرامن ميلن ۾ سندس شرڪت کي پروگرامن جي ڪاميابي لکيو ويندو هيو. سندس فني مهارت جو ڪمال ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ سورٺ، ڪوهياري ۽ وائي کي ڳوٺاڻي انداز ۽ ماحول ۾ ويهي ڳايو سندس رڳ رڳ ۾ موسيقي شامل هئي استاد لاءِ اهو مشهور هو ته هن پيسي جي ياري کان وڌيڪ فن جي آبياري ڪئي. انهي ڪري هن فقير طبيعت فنڪار جو هن خطي ۾ وڏي عزت احترام هو. پاڻ جيترو فن جو ماهر هو اوتروئي معاشي طور مستحڪم نه هو ان هوندي به شخاوت ۾ ٻه قدم اڳتي هو. پاڻ ٽنڊو آدم جي ڪيترن ئي غريب گهراڻن جي مالي مدد ڪندو هو. پاڻ پاڪستان ٺهڻ بعد ريڊيو پاڪستان ڪراچي سان وابسته ٿيو ترت ئي پوءِ 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو ته پاڻ ان سان وابسته ٿيو ۽ کيس هوائن جي دوش لکين ماڻهو ريڊيو تي ٻڌڻ لڳا، جيئن ڪراچي ۾ پي ٽي وي سينٽر قائم ٿيو ته پاڻ اتي به فن جو مظاهرو ڪيو. 1955ع ۾ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ حيدرآباد ۾ سر غلام حسين هدايت الله هاءِ اسڪول ۾ سنڌي ڪافي ۽ پڪي راڳ جي محفل منعقد ڪئي ٻن ڏينهن واري هن پروگرام ۾ پهرين ڏينهن ڪافي ڪلامن جي محفل هئي ٻئي ڏينهن تي پڪي راڳ جي محفل هئي جنهن ۾ ملڪ جا مشهور فنڪار استاد اميد علي خان، استاد حبيب بينڪار، زاهده پروين، شمشاد بيگم، قادر فريدي، علي بخش ظهور، استاد منظور علي خان ۽ ٻيا شامل هئا ان محفل ۾ استاد منظور علي خان ڳائي تنگ توري ڇڏيا درپن لئي جو ڪمال ۽ ٽپو گلي ۽ سرن جو ڏکيو انگ آهي. اهو ڳائيڻ هر فنڪار جي وس جي ڳالهه ڪونهي اهي ٻئي منفرد راڳ خان صاحب پنهنجي والد استاد جمالو خان کان سکيا راڳ جا ماهر چون ٿا ته استاد ٻنهي ڳائڻ جي اندازن ۾ پنهنجي والد کان ڪجهه وکون اڳتي هو. چون ٿا ته ان پڪي راڳ ٻڌندڙن کي ته مست ڪري ڇڏبو هو. انڪري ان محفل ۾ شريڪ ملڪ جي چوٽي جا فنڪار به حيران ٿي ويا ۽ کيس داد ڏيڻ لڳا. پاڻ فن کي محدود رکڻ بجاءِ وڌايو، پاڻ زندگي ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. ان لاءِ پاڻ اوطاق ٺهرائي جيڪا موسيقي جي سکيا جو مرڪز رهي پاڻ شاگردن کانسواءِ ٻين ايندڙ ماڻهن کي ماني کارائيندو هو پاڻ سخي دل ۽ وڏو اوطاقي به هو پاڻ امير غريب ننڍي وڏي سان عزت ۽ احترام سان ملندو هو کاڌي پيتي رڌڻ جو به ماهر هو پاڻ شاگردن کي به رڌ پچاءُ سيکاريو. پاڻ تڏي جو مڙس ماڻهو هو. شاگردن کي به رڌ بچاءُ سيکاري چون ٿا ته استاد منظور علي خان کي شڪارپور ۾ رهڻ واري زماني ۾ اتر واري سائيڊ تي ڪنهن نازنين سان نيهن جو ناتو جوڙيو ان عشق کيس راڳ ۾ درد ڏنو. سندس شاعري جي چونڊ به معياري هوندي هئي سرندي وارن ڪيترن ئي شاعرن کيس سندن شاعري ڳائيڻ لاءِ وڏيون رقمون آڇيون پر پاڻ ڪڏهن به بازاري شاعري نه ڳائي ان زماني ۾ ڪيترائي فنڪار اهڙي شاعري ڪيسٽن ۾ رڪارڊ ڪرائي وڏو مال ٺاهيو پر استاد ان کان پري رهيو سندس سنڌ جي ولي الله صوفي شاعرن سان وڏي عقيدت هوندي هئي انهن جي ميلن ۾ ڊيوٽي ڏيڻ جو خيال رکي محفلون مچائيندو هو. پاڻ سنڌي ڪافي کي منفرد انداز ۾ ڳايو پاڻ ڪافي جي بادشاهه شاعر ۽ ولي الله حضرت سيد مهدي شاهه شاهپور جهانيان جو طالب هو سندس شاعري به ڳائي. استاد محفل جي دعوت ڏيندڙ سان ڪڏهن به في طئه نه ڪئي جيڪو محفل ۾ ملندو هو. پاڻ شاگردن کي به حصو پتي ڏيندو هو. پاڻ وڏو راڄائتو هو. اوڙي پاڙي وارن کي ڏکئي وقت ۾ ڪم ايندو هو شهر وارن سان ڏک سک ۾ برابر جو شريڪ هوندو هو. شهر جي هر ساڃاهه وند سان نيازمندي هوندي هئي سندس شاگردن ۾ ٻين کانسواءِ محمد يوسف، گلزار علي خان، وحيد علي، انور حسين وسطڙو، قاسم علي شاهه، قمر سومرو، امير علي خان، وزير علي خان، محمد عرس مڱڻهار، دين محمد دلنواز، عبدالحميد عباسي، انور سولنگي، ۽ ٻيا شامل هئا جن به سنڌي موسيقي ۾ وڏو نالو ڪڍرايو وحيد علي سندس ڀاڻيجو هو ان تي وڏو راز هئس جڏهن ايران جو اڳوڻو شهنشاهه سيد ظاهر شاهه پاڪستان ۾ آيو اهو دور صدر ايوب خان جو هو. جنهن پاران شهنشاهه جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ استاد منظور علي خان گهرايو ويو. سندس ڳائيل ڪلامن جو ترجمو راڳ جو ڄاڻو سيد جڙيل شاهه جيلاني (درگاهه حصرت حسن بخش شاهه هادي) ڪيو، استاد جي ڳائڻ جي انداز شهنشاهه ايران ۽ ساڻن آيل وزيرن ٻين مهمانن کي جهومائي ڇڏيو پاڻ ٻين صوفي شاعرن سان گڏ لطيف سائين جي شاعري کي جديد انداز ۾ ڳايو کيس سنڌي راڳ جي خدمت ڪرڻ وارين خدمتن جي اعتراف طور 1978ع ۾ صدر پاڪستان پاران حسن ڪارڪردگي جو تمغو ڏنو ويو. جڏهن ته کيس لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، سهڻي ايوارڊکانسواءِ لاتعداد ايوارڊ ڏنا ويا. استاد جا ڪيترائي راڳ سان دلچسپي رکندڙ ڪيترائي وڏا ماڻهو توڙي آفيسر سندس مداح هئا ۽ کيس وڏي عزت ڏيندا هئا. انهن کيس ڪيترائي سرڪاري نوڪرين جا آرڊر ڏنا جيڪي پاڻ ٽنڊو آدم جي ڪيترن ئي نوجوانن کي سندن گهرن تي وڃي ڏنا. ڪنهن ڪم ڪار لاءِ ڪو ماڻهو استاد کي ڪنهن وڏي ماڻهو ڪنهن آفيسر وٽ وٺي ويندو هو ته پاڻ ان کان ڪرايو ڀاڙو نه وٺندا هئا. هن سڄي ڄمار فن سان گڏ غريب ماڻهن جون خدمتون ڪيون. استاد منظور علي خان سان ڪيتريون ئي ملاقاتون هيون ڪيترائي ڀيرا ٽنڊو آدم جمن شاهه جتي پاڙي ۾ سندس اوطاق جنهن کي پاڻ مدرسو سڏيندو هو اتي وڃي ملاقاتون ڪيون کيس لطيف سائين سيد حسن بخش شاهه ڊنڙو شهدادپور ۾ سهڻي ميهار جي ميلي ۾ ڳائيندي ٻڌو سندس آواز ۾ جادو هو جڏهن ڳائيندو هوته ماڻهن ۾ ماٺار ٿي ويندي هئي استاد منظور علي خان 9 سيپٽمبر 1980ع تي رات جو دل جو دورو پوڻ ڪري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو اسان سندس آخري سفر ۾ شريڪ هياسين، ٽنڊو آدم جي تاريخ ۾ ڪنهن به ماڻهو جي آخري سفر ۾ ماڻهن جي هيڏي وڏي انگ شرڪت نه ڪئي.سندس وصال جي ڏک ۾ ٽنڊو آدم شهر بند رهيو. سندس ميت کي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ لاءِ سيد اسماعيل شاهه قبرستان ۾ نيو پئي ويو ته ڪيتريون ئي عورتون درن تي بيهي سندن آخري سفر ۾ جهڙوڪ شريڪ ٿيون. سندس وصال سان سنڌي راڳ سڃو ٿي ويو فن جي علم جو دروازو جهڙوڪ بند ٿي ويو. استاد منظور علي خان جي ڳايل مشهور ڪافين ۾ آءُ راڻا ره رات تنهنجي چانگي کي چندن چاريان، بوند برهه جي بهار لڳي درد وندي جو ديس وسي پيو، ڏنو راءِ ڏياچ هي سر صاحب تان صدقي، پرچن شال پنهوار ڍولا مارو منهنجا، ويندس يار مري تنهنجڙي درد فراق ۾، رانجها تخت هزاري دا سائين، عشق شرع ڪيا لڳي لڳي وي قاضيا،ڪينجهر ڪناري طنبو تماچي ڄام جا، وئي ساوئي ياراني يارن مان، عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ، سڪ مارن جي سمهڻ نه ڏي، عشق کڙا ڪيا سوين لک ساز، آءُ ڪيئن آتڻ وڃان ڙي جيڏيون، ماڙيون ماتام، ڪيڙو مست پرين جي ناز مون کي ۽ ٻيا شامل آهن استاد منظور خان لطيف سائين، سچل سرمست، بلا شاهه، مخدوم طالب الموليٰ، سيد مهدي شاهه، سيد حسن بخش شاهه هادي جيلاني، سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ، سيد مصري شاهه، شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جي چونڊ شاعري کي ڳايو استاد جي وفات بعد سندس اوطاق سندس ڀاءُ استاد وزير علي خان انهي انداز ۾ سنڀالي هي اوطاق فن جي سکيا جو مرڪز رهي پر ان جي وفات بعد هاڻ هي اوطاق فن جي سکيا جو مرڪز نه رهي. سندس خاندان جا ڪيترائي فرد ٽنڊو آدم مان لڏي ويا آهن ماضي ۾ بقول استاد منظور علي خان جي ته فن جو مدرسو رهندڙ سندس ان اوطاق ۾ هاڻي ڪريانه ۽ برف جو دوڪان ٺاهيا ويا آهن.اڄ سندس ورسي ملھائي آھي
اسماء صبا خواج کا افسانہ مایوسی فنی و فکری مطالعہ
اسماء صبا خواج کا تعلق لکھیم پور کھیری ہندوستان سے ہے، اردو کی ممتاز لکھاری ہیں، آپ کا افسانہ ''مایوسی"...