(Last Updated On: )
شاعري ڌرتي جو گل آھي
اڀ تي رھڻ وارا
شاعر نه ھوندا آھن
اڀ تي ڇا آھي
نه ھوا نه مٽي
نه اس نه پاڻي
اڀ کي جا ٿوري گھڻي مٽي ھئي
جڏھن ان کي گارو ٺاھيو ويو
۽ ان ۾ روح ڦوڪيو ويو
ته ان مٿان محبت جا گل
۽ ذائقن جا ميوا اچڻ لڳا
۽ اھا ٺٺ ٺانگر لاء ڀونء ڳولڻ لڳي
مٽي کي آخر مٽي ۾ جاء ملي ٿي
اڀ انھي کي نٿو قبولي
اڀ ۾ روح ھوندا آھن جسم نه
۽ شاعري لا جسم لازمي ھوندو آھي
شاعري فرشتن تي نه پر انسان تي لھي ٿي.!