دنيا جا عظيم شاعر صوفي مفڪر صوفي بزرگ ڀلارا ڀٽ ڌڻي مرشد حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح اڄ 14صفر ٻه آڪٽوبر کان اوھان جو 277ھون عرس مبارڪ آھي لطيف سرڪار اوھان جي پھرين عرس مبارڪن جي تاريخ ۾ ھي پھريون عرس مبارڪ آھي جو تنھنجو عرس مبارڪ ته نه پيو ملھايو وڃي ايندڙآ دوڪاندارن شو لائين وارن ھوٽل وارن مينارڪي وارا جيڪي وڏا خرچ ڪري روزگار لاء سامان کڻي تنھجي نگري پھتا پر عرس مبارڪ نه ملھائيڻ واري اعلان بعد انھن کي تنھنجي نگري مان ڊوڙايو ويو ھي پھريون دفعو آھي جو تنھنجي عرس مبارڪ تي تنھنجي عقيدت ۾ اوھان
جي عشق ۾ ايندڙ تنھنجي پانڌڙين کي تنھنجي چائونٺ ڇمڻ سر نمائيڻ سلامي ڀرڻ لاء ايندڙ تنھنجي پانڌيڙن کي روڪڻ لاء ڀٽ شاھ ۾ داخلي تمام رستن تي ھٿيارن ۽ لٺئن سان پوليس بھاري ڀٽ شاھ ۾ ايندڙ روڊ رستا بند ڪري تنھنجي پانڌڙين کي روڪيو وڃي پيو ڀلارا ڀٽ ڌڻي ھن دفعي سنڌ سرڪار پاران اوھان جو 277ھون عرس مبارڪ عالمي وبا ڪرونا وائرس جو چئي نه ملھائيڻ جو اعلان ڪيو سنڌ سرڪار جي اھڙي اعلان جي ڪري سڄي سنڌ مايوس ٿي وئي ڀٽائي گھوٽ دنيا جا مفڪر دانشور محقق صوفيت جي رنگ ۾ رتل ساڃاھ وند ماڻھون سميت ھن ملڪ جا حڪمران اھو اقرار ڪن ٿا نه شاھ لطيف نه صرف سنڌَ پر عالمي عظيم شاعر ولي الله آھي لطيف سرڪار اوھان دنيا جا اھي شاعر آھيو جنھن جو ڪلام مختلف زبانن ۾َشايع ٿيڻ ڪري مني دنيا ۾ پڙھيو وڃي ٿو سڄي دنيا جا محقق اوھان جي ڪلام تي تحقيق ڪري رھيا آھن ٻاھرين ملڪن وارا تنھجو راڳ سکڻ لاء توھان جي درٻار تي اچن ٿا لطيف سائين اسان سنڌ وارا اوھان کي پنھجو امام سمجھون ٿا اوھان جو ڪلام ھر دور جي عڪاسي ڪري ٿو اڄ دنيا مڃي ورتو آھي ته دنيا ۾ وڏندڙ دھشگردي مذھبي جنونيت اوھان جي امن مذھبي رواداري واري ڪلام سان ختم ڪري سگھجي ٿي اوھان جي شاعري جو اھو ڪمال آھي ته جڏھن اقوام متحده وارن کي خيال ٿيو ته ھو مئن دروازي تي ڪنھن مشھور شاعر جو شعر لکن ۽ ان لاء مشھور شاعرن محققن جي ھڪ ڪميٽي ٺاھي وئي جنھن جڏھن دنيا جي مشھور شاعرن جي شاعري پڙھي ته انھن اقوام متحده جي مئن گيٽ لاء تنھجي رسالي مان
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
واري شعر جي چونڊ ڪئي جيڪو شعر اقوام متحده جي مئن گيٽ تي لکيو ويو جيڪو اسان جي ملڪ خاص طور سنڌ لاء ھڪ وڏو اعزاز آھي مرشد لطيف اوھان جي شخصيت شاعري جو اھو ڪمال آھي ته اوھان جي مزار تي ھر مذھب ھر فرقي وارو سلامي ڀرڻ اڇي ٿو ھر مذھب ھر فرقي وارو ھر مڪتب فڪر وارو دعوا ڪري ٿو ته لطيف سائين اسان جو آھي لطيف سائين اسان جو آھي لطيف سائين اوھان انسانيت جا شاعر آھيو اوھان جو رسالو وحيد سان ڀريل آھي اوھان جو رسالو قران شريف جو سنڌي ۾ ترجمو آھي جنھن جي گواھي اوھان خود پنھنجي ھڪ شعر
جي تون بيت ڀائين سي آيتون آھن
وڃو من لائين پرين سندي پار ڏي
لطيف سائين اسان سنڌ جي ھر ساڃاھ وند جي گھر ۾ اوھان جو رسالو موجود ھوندو آھي ڪيترائي ماڻھون صبح جو قران شريف پڙھڻ بعد اوھان جو رسالو پڙھن ٿا اوھان جو رسالو روشني واري واٽ آھي اوھان اسان سنڌ واسين جا روحاني رھبر و رھنماء آھيو ھر سنڌ واسي کي اوھان جي ڪجھ نه ڪجھ شاعري ياد آھي جيڪي عقيدت وچان جھوگاريندا رھن ٿا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو اوھان جو وڏو عقيدتمند ھو ان اوھان لاء ڪيڏا نه خوبصورت لفظ چيا ته شاھ لطيف دنيا جا وڏا شاعر سمجھا ويندڙ ٽئگور ۽ سيڪسپئر کان به وڏو شاعر آھي اسان ان ۾ اضافو اھو ڪنداسين ته سيڪسپئر ۽ ٽئگور رڳو شاعر آھن پر لطيف سائين اوھان وڏا ولي الله ۽ آل محمد صه جي اولاد مان آھيو اوھان جي شاعري طوحيد صوفيت جي رنگ ۾ رڱيل آھي پر افسوس جو اسان جي ھر حڪومت اوھان جي مزار ۽ نگري لاء جيترا ترقياتي ڪم ڪرڻ گھرجن نه ڪيا آۡھن سواء ميران محمد شاھ عبدالستار پيرزادو خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نياڻي محترمه بي نظير ڀٽو جي جن وڏي ليول تي ڪم ڪرايا ليڪن شھيد ڀٽو جي پارٽي پ پ جي سنڌ حڪومت ان ليول جا ڪم نه ڪرائي سگھي آھي 2008ع واري پ پ جي سنڌ حڪومت ۾َ ڀٽ شاھ خوبصورتي وارو شروع ڪيل پروجيڪٽ به ڪجھ سالن کان بند آھي اھي ڪم رھيا پبھنجي جاء تي پر ھن سال تنھجي عرس مبارڪ جي حوالي سان
سنڌ حڪومت پھرين ته عرس مبارڪ جون سرڪاري تقريبون نه ڪرڻ ميلي جي دوڪانداري نه لڳائيڻ عرس مبارڪ تي رڳو ڏھاڙو ملھائيڻ جو اعلان ڪيو ھو ھاڻ وري تنھجي عرس مبارڪ تي ڀٽ شاھ ۾ ايندڙ تمام روڊ رستا بند ڪري اتي پوليس بھاري ڀٽ شاھ کان ٻاھر جي ماڻھن کي ڀٽ شاھ ۾ اچڻ کان روڪڻَ جو اعلان ڪيو ويو آھي اھڙو اعلان ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اڇڻ بعد سنڌ سوڳوار آھي لطيف سرڪار سنڌ واسين جي اوھان سان عقيدت عشق جي انتھا اھا آھي ته عيدن کان پوء اوھان جي عرس مبارڪ کي وڏو تھوار سمجھن ٿا سڄو سال عرس مبارڪ جو انتظار ڪن ٿا غريب ماڻھون رپئو رپئو ڪري اوھان جي عرس مبارڪ تي اچڻ جون تياريون ڪن ٿا جڏھن سنڌ حڪومت پاران اوھان جو عرس مبارڪ بجاء ڏيھاڙو ملھائيڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي سنڌ جي عوام پريشان ٿي پر کين ھا اميد ھئي ته ڀلا انھن ڏھاڙن ۾ ھو اوھان جي سلامي ڀرڻ چائونٺ چمڻ لاء مزار تي حاضر ٿيندا پر حڪومت پاران تنھنجي نگري ڀٽ شاھ جي داخلي رستن تي پوليس بھاري ٽئي ڏينھن اوھان جي پانڌڙين جي رستا روڪ ڪرڻ تي سنڌ مايوس آھي اھي حقيقتون آھن ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس ختم نه ٿي آھي پر جنھن صورت ۾ ملڪ مان لاڪ ڊائون ختم ڪئي وئي آھي درگاھون مارڪيٽون ھوٽلون شادي حال سينيمائون ٺيٽر کولڻ جي اجازت ڏني وئي آھي ملڪ ۾ ٻين بزرگن جا عرس مبارڪ ٿي رھيا آھن سنڌ ۾ ميلن جي اجازت ڏني وئي آھي ته پوء لطيف سائين اوھان جي عرس مبارڪ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ زائرين جي پوليسي ڏنڊي جي زور تي رستا روڪ ڪرڻ جو ڪھڙو سبب آھي تنھجي سڪ ۾ ايندڙن کي تنھنجي نگري ۾ اچڻ کان روڪڻ لاء سمورا داخلي رستا بند ڪري زائرين کي روڪڻ وڏو انياء آھي اھڙي عمل تي لطيف سائين سنڌ آھي ۽ سنڌ لطيف آھي جي ڳالھ ڪندڙ سنڌ حڪومت تي جيترو افسوس ڪجي گھٽ آھي لطيف سائين ھاڻ جڏھن لاڪ ڊائون ختم ڪري ملڪ جو سڄو ڪارونھوار کلي ويو آھي جڏھن جلسن جلوسن مذھبي پروگرامن احتجاجن ڪرڻ جي به اجازت ڏني وڃي پئي شھرن جي بازارن ۾ رش لڳي پئي آھي نه ايس او پي تي عمل نه ڪي احتياط پر اتي حڪومت خاموش آھي تازو پنجاب ۾ مشھور ولي الله حضرت بھاول الدين ذڪريا جو ٽي روزه عرس مبارڪ ايس او پي تحت ملھايو ويو تازو مشھور سرائڪي شاعر حضرت بلي شاھ جو عرس مبارڪ ملھايو ويو جتي لکين زائرين شريڪ ٿيا اھڙي ريت سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ولئن جي عرس مبارڪ ملھائيڻ جي اجازت آھي ته پوء اوھان جو عرس مبارڪ سرڪاري طور ملھائيڻ ته پري پر عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينھن پوليس جي ڏنڊي جي زور تي لطيفي پانڌڙين جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي لطيف سرڪار اوھان سنڌ ڌڻي , سنڌ جا محسن , انسايت جو عالمي سنيھو ڏيندڙ ۽ اسان جي مجموعي قومي سڃاڻپ جي اهڃاڻ آھيو لطيف سائينء اسان سنڌ حڪومت جي اهڙي رويي تي سڄي سنڌ کي يقينن ڳڻتي آھي . جتي ملن جا وڏا ميڙاڪا , سياسي ريليون ۽ سنڌ دشمن ڌرين جون ريليي نڪرنديون هجن ته ڇا اتي لکين ھزارين ماڻھون گڏ ٿيڻ سان ڪرونا وائرس پکڙجڻ جو سنڌ سرڪار کي خوف نٿو ٿئي جتي , ڪا ايس او پي ئي نه ھوندي آھي پر ڀٽائي سائين اوھان سنڌيت جي سڃاڻپ جي اهڃاڻ طور ڏيھ پرڏيھ ۾ ڄاتل ۽ اسان جي شعوري سگهھ جي مورچي جي مھندار آھيو اوھان جي عرس تي ڪرونا وائرس جو بھانو بنائي اوھان جو عرس مبارڪ ته نه پيو ملھايو وڃي پر زائرين کي پوليسي ڏنڊي جي زور تي روڪڻ جا سمورا انتظام ڪيا ويا آھن افسوس ان ڳالھ جو آھي ته درگاه شاھ لطيف جو سجاده نشين توڙي وقتي سجاده نشين به سنڌ حڪومت جي اھڙي روئي تي خاموش آھي سجاده نشين سيد وقار شاھ لطيف سائين جو عرس مبارڪ ھن سال نه ملھائيڻ واري حڪومتي اعلان جي حمايت ڪئي آھي ھو سائين وارا به ڇا ڪن جڏھن حڪومت عرس مبارڪ نه ملھائيڻ واري اعلان بعد پانڌيئڙن جي پوليسي ڏنڊي ذريعي رستا روڪ ڪرڻ تي اٽل آھي ته سائين وارا ڇا ڪندا بس حڪومتي اعلانن جي حمايت ئي ڪندا
لطيف سائين وري به شابس ھجي اوھان جي خاندان جي چشم چراغ سيد مظھر شاھ نازڻ سائين کي جنھن جون ھر طرح سان ڪوششون رھيون ته اوھان جو عرس مبارڪ ايس او پي تحت ٿئي ھن سنڌ جي وڏي وزير تائين به پنھنجو وزن دار موقوف رکيو ميڊيا تي به مطالبا ڪيا جڏھن ته اوھان جي خاندان جي فقير منش سيد شمن شاھ ڀٽائي واري جون به ميڊيا تي اھڙيون خبرون نظر آيون لطيف سائين اوھان اھو به ڄاڻو ٿا ته اوھان سان حد درجي جي عقيدت رکندڙ سياحت ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي وزير سيد سردار علي شاھ سيڪريٽري اڪبر لغاري به سنڌ جي وڏي وزير کي زوردار سفارش ڪئي ته ايس او پي تحت شاھ لطيف جو عرس مبارڪ ٿيڻ گھرجي ليڪن سنڌ جو وڏو وزير جيڪو به سيد آھي سندس والد سيد عبدالله شاھ جنھن جي اوھان سان وڏي عقيدت ھئي پر سيد مراد علي شاھ ڪرونا وائرس جو بھانو بنائي اوھان جي عرس مبارڪ جي اجازت ته نه ڏني پر سندس حڪم تي پوليسي ڏنڊي جي زور تي پانڌڙين جي رستا روڪ ڪئي وئي آھي مرشد لڄادار لطيف سائين ھئڻ ته ائين گھرجي ھا ته سنڌ جي وڏي وزير کي اوھان سان عقيدت محبت جو مثال قائيم ڪندي اھڙو ثبوت ڏيندي ايس او پي تحت اوھان عرس مبارڪ جي اجازت ڏئي ھا جنھن سان سڄي سنڌ ۾ سندس واه واه ٿي وڃي ھا پر اھڙي اجازت ڏئي لطيف سائين جو عرس مبارڪ ڌام ڌوم سان ملھائيڻ بجاء زائرين جي ميلي جا ٽئي ڏينھن رستا روڪ ڪرڻ يقينن افسوس ناڪ عمل آھي جنھن سان لطيفي عقيدتمندن ۾ غم غصي جو اظھار ڪيو پيو وڃي
لطيف سائين اھڙي صورتحال تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جيڪي لطيف لطيف پيا ڪندا آھن انھن جي خاموشي تي به حيرت آھي يقينن اوھان کي به حيرت ھوندي لطيف سائين اوھان جي درگاه جيڪا روحانيت جو مرڪز آھي اوھان اسان جي عالمي سڃاڻپ آھيو لطيف سائين اوھان سنڌو جيئان اسان جو جياپو آهيو سنڌ حڪومت کي سنڌ کان جياپي جو سھارو کسجڻ نه گهرجي ھا اڄ اوھان جي عرس مبارڪ تي سنڌ سرڪار پاران ساڻس اھڙي روئي ۽ سندس پانڌيئڙن کي پوليسي ڏنڊي ذريعي روڪڻ واري عمل تي اوھان جو گادي نشين سميت سنڌ جا ساڃاھ وند ڀلي خاموش ھجن پر يقين اوھان ھن صورتحال تي حڪومتي ھن عمل تي ضرور غمگين ھوندو بس اسان رڳو اوھان جي چواڻي ايترو چونداسين
جُھُہ سي لوڙائُو ٿيا، جنين سندي ڏيرَ.
ماروئڙا فقيرَ، ڪنھن در ڏيندا دانهڙي.
اسان پانڌيڙن جي وس ۾ اوھان کي دانھن ڏيڻ آھي
(نوٽ لطيف سائين کي ھي دانھن لکت ۾ سندس زري مبارڪ ۾ پڻ رکي وئي آھي )