(Last Updated On: )
جڏهن مٺ جيترا ملان
پورو ملڪ يرغمال ڪري وٺن
جڏهن رياست چند چرين آڏو
بيوس بڻجي وڃي!
جڏهن روڊن ۽ رستن تي
چند ڏاڙهي پوش غنڊا
هٿن ۾ لٺيون کڻي
دليل وارن دماغن جي مٿان تشدد ڪن
جڏهن عقل ۽ علم وارا
بيوس تماشائي بڻجي وڃن
جڏهن هو پنهنجي اندر جي آگ جون
صرف سوشل ميڊيا تي الٽيون ڪن
جڏهن سنڌ سياسي سانت ۾ سڙندي هجي
جڏهن وقت وائڙو ٿي وڃي
جڏهن اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ
هڪ خوف ۾ ويڙهجي وڃن!
جڏهن اسان وٽ نه مرتضيٰ ڀٽو
جڏهن اسان وٽ نه رسول بخش
جڏهن اسان وٽ نه آريسر
جڏهن اسان وٽ نه ڄام ساقي
جڏهن اسان وٽ ڪوئي
بشير قريشي به نه بچيو هجي
ان پل ڇاڪجي؟
ڇا صرف قلم جي اماڙين سان
هي دئيت دور ڪري سگهجن ٿا؟
سنڌ کي اتهاس جي هن آڙاهه مان بچائڻ لاءِ
علمي جدوجهد گهرجي
ان عملي جدوجهد لاءِ
نيٺ ڇا ڪجي؟
نيٺ ڇا ڪجي؟
نيٺ ڇا ڪجي؟