مون کي نئين سياست گهرجي
مون کي نئين سياست گهرجي
اهڙي سياست جيڪا عورتن جي
۽ آرٽسٽن جي عزت ڪري
جيڪا ٻارن سان سچي محبت ڪري
جنهن ۾ مذهبي مت ڀيد نه هجي
جنهن ۾هارين کي انهن ٻنين جو حق ملي
جيڪي هو نٽهڻ اس ۾ کيڙين ٿا
جنهن ۾ مذدور مسڪرائن
۽ پکي شڪار ٿيڻ جي الڪي بنا ڳائن
مون کي نئين سياست گهرجي
اهڙي سياست جنهن ۾ ڪو قائد ۽ ڪو ڪارڪن نه هجي
جنهن ۾ سڀ قائد هجن ۽ سڀ ڪارڪن!
مون کي نئين سياست گهرجي
اهڙي سياست جنهن ۾ دل بيقرار هجي
اهڙي سياست جنهن ۾ صرف پيار هجي
اهڙي سياست جنهن ۾ پوپٽ اڏامن
اهڙي سياست جنهن دعائون اگهامن
اهڙي سياست جنهن ۾ ڪو بکايل نه هجي
اهڙي سياست جنهن ۾ ڪو گهايل نه هجي
اهڙي سياست جنهن ۾ مصور مجبور نه هجن
اهڙي سياست جنهن ۾ حاڪم مغرور نه هجن
اهڙي سياست جنهن ۾ هر فرد بيباڪ هجي
اهڙي سياست جنهن ۾ هر پيار پاڪ هجي
جنهن جي درياهن جو وهڪرو آزاد هجي
جنهن ۾ هر ڪنهن کي هر واعدو ياد هجي
جنهن ۾ پاڻيءَ جو هر ٻڪ صاف هجي
اهڙي سياست جنهن ۾ انصاف هجي
جنهن ۾ دل جي چوري معاف هجي!!
تحریر لِنک