ملڪ جو اڳوڻو وزير اعظم مشھور سياستدان مير ظفرالله خان جمالي به ڪجھ ڏينھن بيمار رھڻ بعد 2 ڊسمبر 2020ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏا ڪري ويو مير ظفر الله خان شريف انسان سمجيده وفادار دوستن سان سچو روايتن جو پاسدار تعلقات ۽ دوستيون نڀائيڻ وارو بيباڪ سچو ۽ بااصول سياستدان طور مشھور رھيو پاڻ ھاڪي ۽ والي بال جو بھترين رانديگر به رھيو
مير ظفر الله خان جمالي پھرين جنوري 44ع سنڌ سان لڳندڙ بلوچستان جي ڊويزن نصير آباد ديرا مراد علي جمالي واري علائقي جي ننڍڙي ڳوٺ روجھاڻََجمالي ۾ سياسي خاندان ۾ علائقي جو چڳلو مڙس جرگا ڪميٽي جي ميمبر مشھور زميدار شاھنواز جمالي جي گھر ۾َجنم ورتو سندس خاندان جو تحريڪ پاڪستان ۾ اھم ڪردار رھيو سندس چاچو مير جعفر خان جمالي مسلم ليگ جي باني ميمبرن ۾ شامل ھو. باني پاڪستان قائد اعظيم محمد علي جناح جي ويجھي ساٿي رھيو جنھن کي ذوالفقار علي ڀٽو سياسي مرشد چوندو ھو مير ظفر خان جمالي ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ وڌيڪ تعليم گھوڙامري جي سينٽ لارسند ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي جڏھن ته گريجويٽ ايجيلسن ڪاليج لاھور مان حاصل ڪئي شاگردي دور ۾ ھاڪي ۽ والي بال جو بھترين رانديگر رھيو ھي اڃان شاگرد ئي ھو ته 64ع ۾ مادري ملت فاطمه جناح فوجي آمر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان خلاف چونڊ وڙھي رھي ھئي ان دور ۾ مير ظفر الله خان جي چاچو مير جعفر خان جمالي کيس فاطمه جناح جو چيف سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪيو ان دور ۾َ حڪومت خلاف مظاھره ڪرڻ جي الزام ۾ کيس ٻين سياسي ڪارڪنن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو
17اپريل67ع ۾ جڏھن سندس چاچو مير جعفر خان جمالي لاڏاڻي تي ذوالفقار علي ڀٽو روجھاڻ جمالي ۾َ تعزيت ڪرڻ آيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شاھنواز جمالي کي چيو ته اوھان جي خاندان جو ڪو فرد سياست لاء منھنجي حوالي ڪريو ڀٽو جي خواھش تي شاھنواز جمالي پنھجي فرزند مير ظفر الله جمالي جي ٻانھ ڀٽو جي ھٿ ۾ ڏني اھڙي ريت مير ظفر الله جمالي سياسي دنيا ۾ داخل ٿي ويو.
70ع ۾َ چونڊن ۾ََصوبائي اسيمبلي تي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙھي پر ڪامبابي نه ماڻي سگھيو 77ع ۾ بنا مقابلي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿي بلوچستان جو وزير اطلاعات ۽ خوراڪ ٿيو ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت بعد پ پ کان پاسيرو ٿي ويو ۽ جنرل ضياء الحق سان سندس تعلقات وڌي ويا ان جي دور ۾َ 82ع ۾َ خوراڪ ۽ زراعت کاتي جو وفاقي مملڪيتي وزير بنايو ويو 85ع ۾َ غير جماعتي چونڊن ۾َ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان بنا مقابلي ڪامياب ٿي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي ڪابينا ۾ِ پاڻي ۽ بجلي جو وزير ٿيو جوڻيجو جي حڪومت برطرف تيڻ بعد جنرل ضياء کيس وزير ريلوي بنايو 88ع ۾ََ بلوچستان جو نگران وڏو وزير ٿيو ان بعد ننڍي چونڊ ۾ وڏو وزير بنيو 90ع واري چونڊ ۾ قومي اسيمبلي جي چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو 93ع ۾َ قومي اسيمبلي ۾ ڪاميابي ماڻي 96ع ۾ََ بلوچستان جو نگران وڏو وزير بنايو ويو 97ع ۾ سينٽ جو ميمبر چونڊيو 99ع ۾ جڏھن نواز شريف جي حڪومت کي پرويز مشرف برطرف ڪري نواز شريف کي جلاوطني ڪيو ته جمالي پرويز مشرف جو حمايتي بنجي ويو ۽ جڏھن سلم ليگ ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي ته جمالي پرويز مشرف جي بنائيل مسلم ليگ ق جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري بنيو 2002ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان ڪامياب ٿيو ۽ 21 نومبر تي وزير اعظم جو حلف کڻي وزير اعظم ٿيو بلوچستان مان پھرين شخصيت مير ظفر علي خان جمالي ھو جيڪو وزير اعظم بنيو پاڻ وزير اعظم طور آمريڪا وسط ايشيائي .خليجي ملڪن جا دورا ڪيا ڊاڪٽر قدير خان کي آمريڪا منتقلي وارن ڪاغذن تي صحي ڪرڻ کان انڪار ڪيو پاڻ وزير اعظمي دوران عوام کي ڪو وڏو رليف نه ڏئي سگھيو پر ھن سندس حڪومت ۾َ ڪو وڏو بحران به نه آيو مير ظفر الله جمالي پرويز مشرف جي ھر پاليسي جي حمايت ڪئي ساڳئي وقت ھو ھميشه وسيع سياسي اتحاد جو حمايتي رھيو ۽ جمھوريت جي بحالي لاء به ڪوششان رھيو پر اھڙو واعدو وفا نه ڪري سگھيو 26جون 2004ع ۾ پاڻي وزير اعظم جي عھدي تان استعفي ڏني جنھن جو سبب چودري سجاعت حسين ۽ جمالي ۾َ اختلاف ٻڌايا وڃن ٿا جڏھن ته اھو به ٻڌايو پي ويو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي بل جي منظوري دوران صدر پاڪستان پاران موڪليل مسوده ۾ جمالي تبديليون آنديون ان تي مشرف ۽ ھن ۾ اختلاف ٿيا ۽ ھن استعفي ڏئي ڇڏي ھاڪي ۽ والي بال جو بھترين رانديگر طور به مشھور ھو ھن ٻنھي راندين کي زور وٺرائيڻ لاء ڪوششون ڪيون سنڌ ۾ والي بال جون مختلف شھرن ۾ ٽورنامينٽ ڪرايون پاڻ پاڪستان ھاڪي فيڊريشن جو صدر به رھيو پاڻ بلوچي سنڌي پنجابي انگريزي پشتو سرائڪي روانگي سان ڳالھائي ويندو ھو پاڻ 91ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو نمائيدو به رھيو پاڻ ٽي فرزند ھڪ نياڻي سوڳوار ڇڏيا آھن سندس ٻه فرزند شاھنواز جمالي ۽ جاويد جمالي فوج ۾ آفيسر آھن ھڪ فرزند فريدالله جمالي سياست ۾ آھي کيس اباڻي ڳوٺ ۾ والدين جي ڀرسان ڌرتي ماء جي ھنج حوالي ڪيو ويو مير ظفر الله خان سان ھن فقير جون چار ملاقاتون ھيون ھڪ سندس ڳوٺ ۾ ھڪ ڪراچي ۾ ھڪ وزير اعظم جو حلف کڻڻ کان ٻه ھفتا اڳ ھڪ نصير آباد بلوچستان ۾ مون ساڻس ٻه انٽرويو ھڪ آفتاب اخبار لاء ھڪ عڀرت لاء ڪيو ھو پاڻ روشن خيال سياستدان ھئا پاڻ محبي وطن شخصيت ھئا اسان مير ظفرالله خان جمالي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪندي سوڳوار خاندان سان تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪريون ٿا