منهنجي ڌيءَ
منهنجي دوست!
پنهنجا سهڻا، سنهڙا
۽ گلن جهڙا نازڪ هٿڙا
منهنجن هٿن ۾ ڏي
۽ مون سان واعدو ڪر!
مون سان واعدو ڪري ته
تون ايس پي سهائي ٽالپر کان
اڳتي وڌي ويندينءَ!
تون ثابت ڪندينءَ
ته صرف امير گهرن جون ڇوڪريون
ڪاميابيءَ جا آسمان نه ڇهنديون آهن
تون ثابت ڪندين ته
سوڀ تي تنهنجو حق
سهائي ٽالپور کان وڌيڪ آهي!
تون ثابت ڪندينءَ ته
علم ۽ شعور جي شمع
صرف پڪن گهرن ۾ نه
پر ڪچن گهرن ۾ به روشن ٿي سگهي ٿي!
منهنجي ڌيءَ
منهنجي دوست
واعدو ڪر ته
تون پنهنجي لڄ جي حفاظت
وطن وانگر ڪندينءَ
۽ وطن جي حفاظت
پنهنجي لڄ وانگر ڪندينءَ!
مون سان واعدو ڪر
مون سان واعدو ڪر ته
تون ڪتن کان نه ڊڄندينءَ
۽ بگهڙن سان مقابلو ڪندينءَ!
مون سان واعدو ڪر
مون سان واعدو ڪر
سورن کي سيراندهي ڪري سمهندينءَ
۽ پورن کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندينءَ!ڍ
مون سان واعدو ڪر
مون سان واعدو ڪر ته
ثابت ڪندينءَ
ڌيئون پٽن کان بهتر آهن!
تون ثابت ڪندينءَ ته
تون صرف پنهنجي وجود لاءِ نه
پر وطن جي لاءِ وڙهينءَ
مون سان واعدو ڪر
واعدو ڪر مون سان
تون صرف خوشيءَ ۾ لڙڪ لاڙيندينءَ
مون سان واعدو ڪر ته
تون ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪندينءَ!
مون سان واعدو ڪر ته
تون منهنجو اعتبار نه
پر منهنجو ايمان ٿيندينءَ!
منهنجي ڌيءَ
منهنجي دوست
مون کي يقين آ
تون ثابت ڪندينءَ
عورت سج ۽ چنڊ ناهي
عورت پوري ڪائنات آ!
منهنجي ڌيءَ
منهنجي دوست!
مون سان واعدو ڪر
تون تقدير جي سمورن ستارن کي
پنهنجي پوتيءَ ۾
ائين ڀري اينديءَ
جيئن ڪا پاڻهياري پيرون چونڊي اچي!
مون سان واعدو
مون سان واعدو ڪر
ته تون هڪ خوبصورت
۽ خطرناڪ خواب ٿيندينءَ!
مون سان واعدو ڪر
منهنجي ڌيءَ
منهنجي دوست
مون سان واعدو ڪر!
اسماء صبا خواج کا افسانہ مایوسی فنی و فکری مطالعہ
اسماء صبا خواج کا تعلق لکھیم پور کھیری ہندوستان سے ہے، اردو کی ممتاز لکھاری ہیں، آپ کا افسانہ ''مایوسی"...