موسميات کاتي خميس کان وري سنڌ ۾ زوردار برسات جي الرٽ جاري ڪئي آھي آگسٽ جي آخري ھفتي ۾ سنڌ ۾َ پيل برسات مني سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آھي ھن دفعي سنڌ جي راڄڌاني ملڪ جي وڏي کان وڏي ڪروڙين ماڻھن جو شھر جيڪو روشنين جو شھر سڄو وڃي ٿو اھو سمنڊ بنجي ويو سرڪاري آفيسون بئنڪون به ٻڏي ويون ھزارين گھرن ۾ پاڻي اچڻ ڪري لکين ماڻھون گھر ڇڏي محفوظ ھنڌن تي نڪري ويا مٿان بجلي جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ ڪراچي واسين کي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو ڪراچي ۾ ميڊيا ڪراچي جي ٻڏڻ جا ذميوار موجوده پ پ حڪومت
۽ ايم ڪيو ايم کي قرار ڏئي رھي آھي جن برساتي نالن تي غير قانوني اڏاوتون ڪرائيڻ جي اجازت ڏني اتي غيرقانوني پلاٽنگ ڪئي وئي جتي گھڻ منزلون بلڊنگون ڌاھيون ويون وفاقي ۽ سنڌ حڪومت اۡھي قبضا ختم ڪرائيڻ لاء ھنگامي حالتن ۾ جئين آپريشن شروع ڪيو آھي ته جن جا گھر آھن اھي روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو ان ڪري انتظاميه فلحال اتي ٺھيل ڪاروباري مرڪز ڊاھڻ جو اعلان ڪيو آۡھي اتان جي رھواسين جو مطالبو آھي ته سندن گھر ڊاھڻ کان اڳ کين متبادل جايون ڏنيون وڃن مطالبو ھنن جو به جائيز آھي قانون اخلاق انصاف جي تقآضا ته اھا آھي ته جن ماڻھن اتي غيرقانوني پلاٽنگ ڪئي جن آفيسرن غيرقانوني طور ندين جا ڪپ ليز ڪيا انھن کي گرفتار ڪيو وڃي انھن کان پئسا ڀرائي بي گھر ٿيندڙن کي ڏنا وڃن يا ان رقم مان انھن جي رھائيش جو متبادل انتظام ڪيو وڃي ھن برساتن ۾ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شھر حيديآباد به ھنن برساتن ۾ ٻوڏ آئي آھي ھيٺائين وارن علائقن جا گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن جڏھن ته ضلع ميرپورخاص بدين ٺٺو سجاول مڪمل طور تي دادو ضلع ۾ ڪاڇو مڪمل طور ٽنڊو محمد خان سانگھڙ ٽنڊو الھيار ٿرپارڪرعمرڪوٽ ضلعن جو پنجاه سيڪڙو ٻڏي ويو آھي جڏھن ته جيڪب آباد گھوٽڪي مٽياري شۡيھيد بي نظير آباد ۽ ٻين ضلعن جو 70سيڪڙو کان وڌيڪ زرعي فصل ٻڏي ويو آھي مير پور خاص بدين ضلعن ۾ سم نالن ايل بي او ڊي کي گھارن پوڻ ڪري وڏي تباھي آئي آھي بدين ضلع ۾ گولاڙچي واري علائقي ۾ امام واھ جاگير آسبلي ۽ ٻين ھنڌن تان ترائي ويجھو ڪڙيو واھ نندو ۾َ پنگريو ويجھو سم نالي کي گھارو 19ايل سم نالي کي گھارو سجاول ضلع ۾َ گونگڙو سم نالي گھارو نئون ڪوٽ ويجھو ايل بي او ڊي کي گھارا ۽ سم نالن کي ٻين ھنڌان پيل گھارن وڏي تياھي آندي آھي سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن سوين گھر ڪري پٽ پئجي ويا ھنن علائقن مان وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي آھي لکين ماڻھون مختلف روڊن ۽ مٿائين وارن ھنڌن تي کلئي آسمان ھيٺ ويٺل آھن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ وزيرن مشيرن سان گڏ متاثر ھنڌن جا دورا ڪري رھيو آھي ۽ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏڻ کين کاڌو پاڻي ٽينٽ ميڊيڪل جون سھولتون ڏيڻ جا اعلان ڪري رھيو آھي ڪجھ علائقن ۾ بي گھر ٿيندڙن ڪجھ ماڻھن کي چونڊيل نمائيدن ۽ روينيو کاتي جي آفيسرن معرفت ٽينٽ ڏنا ويا آھن ڪجھ علائقن ۾ راشن به ورھايو ويو آھي پر متاثرين جو وڏو انگ ٽينٽن ۽ راشن کان محروم آھي عمرڪوٽ ڪلوئي جھڏو کپرو سميت مختلف شھرن ڳوٺن ۾ اھڙن متاثرين پاران احتجاجي مظاھره ڪندي ڌرڻا ھڻڻ جون خبرون ميڊيا تي نظر اچي رھيون آھن پ پ جي ڇئرمئن بلاول سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ پاران ڪراڇي حيدرآباد ميرپورخاص سميت ٻوڏ ھيٺ آيل شھرن ڳوٺن مان پاڻي ڪڌڻِ جون سخت ھدايتون ڏيڻ ڊيٽ لائين ڏيڻ جي باوجود ڪراچي حيدرآباد ميرپور خاص جا ڪيترن ئي علائقن مان انتظاميه جي نااھلي سبب پاڻي نڪري نه سگھيو آھي ڪراچي ۾َجن علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آھي ان ۾ به فوج جو ڪردار نظر آيو مختلف شۡھرن مان پاڻي نه نڪرڻ خلاف عوام روڊن تي اچي احتجاج ڪري رھي آھي ھن دفعي پاڻي ڪڍرائيڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت ظاھري طور سنجيده نظر اچي رھي آھي پر انتظاميه جي نااھلي ظاۡھر نظر اچي رھي آھي ھو ھن مصيبت وقت به شايد ڪرپشن وارو جڳاڙ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھي جڏھن ته ايل بي او ڊي ۽ ڪيترن ئي سم نالن جا گھارا ھيترا ڏينھن گذرڻ جي باوجود بند نه ٿي سگھيا آھن پاڻي روز ڳوٺ ٻوڙي رھيو آھي پاڻي شھري آبادي ڏانھن وڌي رھيو آھي جنھن ڪري انھن علائقن جي عوام جو ساھ مٺ ۾ آھي امڪاني ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر ڪيترا ڳوٺ خالي ٿي ويا آھن عوام روڊن تي کلئي آسمان ھيٺ ويٺل آھي ڪيترن شھرن جا ماڻھون به خوف وچان لڏ پلاڻ ڪري رھيا آھن جتي گھارا پيا آھن اتان جي عوام سيڊا تي الزام لڳائي رھي آھي ته انھن جي سستي ڪري گھارا بند نه ٿيا آھن 2011ع ۾ به برسات کان وڌيڪ نقصان سم نالن جي گھارن اٿلي پوڻ ڪري ٿيو ھو.ڇو ته سيڊا وارن موسمياتي کاتي جي وڏيون برساتون پوڻ جي الرٽ ڏيڻ جي باوجود سم نالن جي صفائي نه ڪرائي جتي بند ڪمزوز ھئا اتي انھن کي مظبوط نه ڪيو جڏھن ته سيڊا کي ۡھر سال اھڙن ڪمن لاء ڪروڙين رپيا بجيٽ ملي ٿي ان وقت جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائيم علي شاھ ان سلسلي ۾ انڪواري جو حڪم ڏنو ھو ان انڪواري جو ڇا ٿيو خبر نه آھي قانوني اخلاقي طور اھڙي انڪواري رپورٽر پڌري ڪرڻي ھئي ڪرپشن ۽ نااھلي جو مظاھرو ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪاروائي به جھڙي نه ظاھر آھي سياسي دور آھن آفيسر به ڪنھن نه ڪنھن اقتداري ڌر جي بااثرن جا ماڻھون آھن جي 2011ع ۾ نااھلي ۽ ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي ٿئي ھا ته ھو گذريل 9سالن ۾ سم نالن جي صفائي کاٽي ڪرائي وڃي
ھا جتي بند ڪمزور آھن انھن کي مظبوط ڪيو وڃي ھا ڀلا اٺن سالن ۾ سيڊا کي ايل بي اڳ ڊي لاء ملندڙ رقمون ڀلا ھضم ڪري ڇڏيو پر ھن سال موسمياتي کاتي جي الرٽ ملڻ بعد ته ڀلا سم نالن جي کاٽي صفائي ڪرائين ھا ڪمزور بندن کي مظبوط ڪن ھا پر ايل بي او ڊي جي آفيسرن کي جھڙي پرواه نه آھي ڀلا پرواھ به ڇو ھوندي ٻڏن ٿا ھي ته ڪون ٿا ٻڏن عوام تي ٻڏي ھنن جي پاڻ جھڙي ته عيد ٿي وئي آھي گھارا بند ڪرائيڻ لاء کين وڏيون رقمون ڏنو ويون ھونديون جي نه ته به ملنديون اصولي طور تي جڏھن موسميات کاتي جي ھاء الرٽ جاري ٿيڻ بعد سيڊا کي نه صرف سم نالن جي صفائي ڪمزور بندن کي مظبوط ڪرڻو ھو پر سم نالن تي لانڍيون ٺاھي ايل بي او ڊي جي سپريڊنٽ انجنئرن ايگزيڪيٽو انجنئرن ايس ڊي اوز سب انجنئرن داروغن سب داروغن بيلدارن کي به الرٽ ڪرڻو ھو سم نالن تي لانڍيون لڳائي ورڪ چارج بيلدار مقرر ڪرڻا ھئا بندن تي پيٽرولنگ ڪرڻي ھئي امڪاني گھارن جي صورت ۾ ھنن کي ڪلا ٻوريون مٽي ۽ ٻئي سامان جو سم نالن تي ئي اسٽاڪ ڪرڻو ھو ليڪن رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن سان گڏ نااھلي جي به انتھا آھي ٻڌايو وڃي ٿو ته ايل بي او ڊي تي مقرر سپريڊنث انجنرن کان وٺي بيلدارن تائين عملو گھر ويٺي پگھارون کڻي ٿو علائقي جي ماڻھن ھنن آفيسرن کي 2011ع ۾ وري ھڃر ڏٺو آۡھي ان لاء ضروري آھي ته ھنن آفيسرن ۽ ٻئي عملي خلاف باريڪ سان جانچ ڪري سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ته جئين ايندڙ اھڙين امڪاني وڏين برساتن ۾َ سم نالن کي گھارا نه پون برساتن جو پاڻي نه نڪرڻ ڪري مختلف وبائي بيماريون منھن ڪڍيو آھي جڏھن ته برساتن بعد مڇر به وڌي ويا آھن جڏھن ته چوپائي مال ۾ به بيماريون پکڙجي ويون آھن جنھن ڪري وڏي تعداد ۾ چاپايو مال مري رھيو آھي وٽنري ڊاڪٽر خبر نه آھي ڪتي غم آھن مڇرن جي اسپري فوري طور نه ٿي ته مليريا تيڙي سان پکڙبو ماڻھن ۾ مختلف بيماريون پکڙڻ وارين شڪايتن تي سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي متاٽر سڀن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي فون ڪري متاثرين کي صحت جون سھولتون ڏيڻ جون سختي سان ڪيل ھدايتن تي عمل ٿيندي نظر نٿو اچي جي ڪٿي عمل ٿيو به آھي ته نالي ماتر جڏھن ته سنڌ جي وڏي وزير متاثر ٿيل علائقن ۾ متاثرين کي کاڌو پاڻي بي گھر ٿيندڙن کي ٽينٽ ڏيڻ متاثرين لاء ٽينٽ سٽي قائيم ڪرڻ جون واضع ھدايتون ڏيڻ جي باوجود متاثرين جي اھڙي مدد نه ڪرڻ جون شڪايتون عروج تي آھن اڃان تائين ڪاڇي جا متاثرين حڪومتي امداد جا منتظر آھن ڪاڇي ۾َ جن ماڻھن جا گھر ڊھي ويا انھن جون دانھون ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نظر اچي رھيون آھن ڪاڇي مان سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي ايندڙ خبرن موجب اتي نالي ماتر ٽينٽ ۽ راشن سياسي بنيادن تي ورھايو ويو آھي جڏھن ته جيڪي ضلع متاثر ٿيا آھن اتان به مختلف علائقن مان ٽينٽ سياسي بنيادن تي ورھائيڻ جون شڪايتون ٻڌڻ ۾ اچن پيون وزير اعظيم عمران خان چيو آھي ته سنڌ جي متاثرين جي ھر طرح سان مدد ڪئي ويندي سنڌ جو گورنر عمر اسماعيل پنجاب جي گورنر چودري سرور سان گڏ بدين جو دورو ڪيو جتي ٻنھي چيو ته سنڌ جي متاثرين جي ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي ليڪن ھن وقت تائين وفاق ڪا مدد نه ڪئي آھي سنڌ حڪومت وفاق کان برساتي ٻوڏ جي متاثرين جي بحالي لاء وفاق کان 10ارب ڊالر ڏيئڻ جي گھر ڪئي آھي اھا رقم ڏيڻ بجاء وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت تي اھو الزام لڳائي رھي آھي ته سنڌ حڪومت مسئلن تي سياست ڪري رھي آھي اسان سنڌ حڪومت کي گھريل رقم نه ڏينداسين جي ڏنيسون ته اھا رقم اومني ۾ جمع ٿي ويندي وفاق اھو به الزام لڳايو آھي ته سنڌ حڪومت کي 12کرب رپئن کان وڌيڪ ڏنل رقم.ڪيڏانھن ڪئي ان جو حساب ڏنو مطلب وفاق پ پ جي مخالفت ۾ برساتي ٻوڏ جي متاثرين جي مدد جا اعلان ڪرڻ جي باوجود مدد ڪرڻ نٿي چاھي يا ھو احساس ڪفاليت تحت يا ڪنھن ٻئي فارمولي تحت امداد ڪرڻ چاھي ٿي جي ائين ٿيو ته اھا رقم حقيقي متاثرين تائين صحي نموني سان نه پھچي سگھندي اصل ڳالھ اھا آھي ته برساتي ٻوڏ جي متاثرين جي فوري مدد جي ضرورت آھي ھن وقت ھزارين ماڻھون جن جا گھر ٻڏي ويا آھن ھو کلئي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ٿيو ويٺا آھن لکين ايڪڙ زرعي فصل ٻڏي ويو آھي زميندار ته ڌڪ پچائي ويندا پر ھاري ويچارا ڪيڏانھن ويندا ٻوڏ ۾ آيل مني سنڌ جي عوام ھن وقت وڏي تڪليف ۾ آھي سنڌ حڪومت کي گذارش آھي ته ھو چونڊيل نمائيدن کي انتضاميه کي ھدايتون ڪري ته بنا فرق متاثرين جي مدد ڪري متاثر ڪھڙي به پارٽي جو آھي پر پاڪستاني آھي سنڌ جو رھواسي آھي جڏھن ٽينٽ سان گڏ راشن به ڏبو وڃي مختلف علائقن ۾ ٽينٽ سٽي ٺاھي متاثرين کي اتي رھايو وڃي کين کاڌو صاف پاڻي ميڊيڪل جون سھولتون ڏنيون وڃن جن جا فصل تباھ ٿيا آھن انھن جا زرعي قرض معاف ڪيا وڃن