اھو ڪلچر ختم ٿي ويو. ان کي گھڻو وقت گذري ويو. جڏھن سنڌ جي رستن تي انقلابي پارٽين جا ڪل وقتي ڪارڪن، ھلڪي ھوا ۾ سڪل پنن وانگر رڙھندا نظر ايندا ھئا. ھو جيڪي اجنبي شھرن جي اجنبي ماڻھن مان گھوري نھاريندڙ ماڻھن کي سي آئي ڊيءَ وارو سمجھي گھٽي مٽائي ويندا ھئا. ھي اھو وقت ھو جڏھن سنڌ جي اڪثر شھرن مان بسون ھلڻ سج لٿي مھل بند ٿي وينديون ھيون ۽ پوءِ اويلن مسافرن کي ان اسٽيم انجڻ واري ريل جو انتظار ڪرڻو پوندو ھو، جيڪا آڌي رات جو سيٽي وڄائيندي ايندي ھئي. ان دور ۾ علم گھڻو ھو پر عمل بھ گھٽ نھ ھو ۽ عشق انھن ٻنھي جي سنگم تي ڪنھن گل وانگر ٽڙندو ھو.
ان دور جا انقلابي سفير اھي سياسي ڪارڪن ھوندا ھئا، جيڪي کاھوڙين ۽ ڪاپڙين وانگر پگھر ۾ آلي واچن جي ڪانٽن وانگر مسلسل ھلندا رھندا ھئا. ھو بسن ۽ ٽرينن ۾ سفر ڪرڻ وقت پنھنجو ٿيلھو پاڻ کان ڪجھھ پري رکندا ھئا. انھن ٿيلھن ۾ نھ تھ ڦر ڪو پئسو ھوندو ھو ۽ نھ منشيات وارو مال يا دھشت گرديءَ ۾ استعال ٿيندڙ بارود. انھن ٿيلھن ۾ ڪجھھ پمفليٽ، ڪجھھ ڪتاب ۽ ڪجھھ ميرا ڪپڙا ھوندا ھئا. اھي مسڪين ۽ معصوم ماڻھو پنھنجي دور جا سڀ کان خطرناڪ ماڻھو سمجھيا ويندا ھئا. ڇو تھ انھن وٽ ڪي خواب ھئا.
ھو اصل ۾ مشھور اردو نظم جھڙا خواب فروش ھئا ۽ سنڌ وانگر ستل سندس گھٽين ۾ سڙٻاٽن سان ھوڪا ڏيندا ويندا ھئا تھ “خواب وٺو خواب”
۽ ماڻھو انھن جا ھوڪا ٻڌي ڪنن ۾ آڱريون وجھي ڇڏيندا ھئا ۽ ھڪ ٻئي کي سمجھائيندا ھئا تھ متان وٺين اھي خواب! اھي خواب جيڪي خطرناڪ آھن. ڇا اھي خواب “ٽواءِ بمن” جھڙا ھئا؟ ڇا اھي خواب وھھ ملايل کير جي وٽيءَ جھڙا ھئا؟ ڇا اھي خواب لعلن وانگر نظر ايندڙ ٽانڊن جھڙا ھئا؟ ڇا اھي خواب خون جي قيمت وصول ڪرڻ وارا ھئا؟ ڇا اھي خواب ننڊ نھوڙيندڙ ھئا؟ ڇا اھي خواب اکين ۾ سمائجي وڃڻ کان پوءِ نئين دنيا پسائيندا ھئا؟ ڇا اھي خواب من ۾ ڪڏھن ختم نھ ٿيندڙ ملال پيدا ڪري ڇڏيندا ھئا؟ اھي خواب جيڪي ماڻھن جي اکين کان وڏا ۽ ننڍڙن ٻارن جي ھٿن وانگر صاف سٿرا ۽ نرم نازڪ ۽ ملايم ھوندا ھئا. ھي اھي ئي خواب ھوندا ھئا، جن جي لاءِ اياز لکيو ھو:
“او آرائين! تو جو ھي آڳاٽا آندا
پنھنجا ملھھ مھانگا سپنا
اھڙا سپنا ڪير خريدي؟
ڪير خريدي؟
ڪھڙو آھي حال ھتان ھو
من من آ ڪنگال ھتان جو
تنھنجا سپنا ڪير خريدي؟”
پر پوءِ بھ ڪنھن سوڙھيءَ گھٽيءَ جي ڪنڊ ۾ ڇپيل گھر جو ڪو فرد انھن خوابن جو خريدار ھو.
اھي خوابن جا واپاري ان گھر کي پنھنجي عظيم سياسي سراءِ سمجھي ھڪ يا ٻن راتين جي لاءِ رھندا ھئا. انھن مسافر جي مک لطيف جي ان ڏک جيان ھوندو ھو تھ:
“رھيا اٿئھ رات، صبح ويندءِ صابري”
ھو اڪثر صبح جو سوير اٿي گھر جي مالڪ کي جاڳائڻ ۽ ان جي ھٿان نيرن کان اڳ واري چانھن پيئڻ کان سواءِ ھليا ويندا ھئا ۽ ويندي ويندي ھو پنھنجو بسترو فضيلت سان ويڙھي سيڙھي ويندا ھئا.
اھو جنرل ضياءَ جو ظالم زمانو ھو. ان دور ۾ انقلابي سياسي ڪارڪن پنھنجن پاڙن ۾ بھ روپوش ٿي رھندا ھئا. ان دور انھن کي ھڪ نھ پر ٻھ نالا ڏنا ھئا. ھو نالو اھو جنھن نالي سان ھو گھر ۽ پاڙي ۾ سڏيا ۽ سڃاتا ويندا ھئا ۽ ٻيو نالو اھو جيڪو انھن جي سياسي حلقن ۾ سڃاڻ ھو. ڪڏھن ڪڏھن انھن جا ٻيئي نالا عجيب ردم سان ٻن چپن وانگر پاڻ ۾ ملي ويندا ھئا ۽ ھو ان مھل چپ ٿي ويندا ھئا. اھو ھڪ ناقابل فراموش دور ھو. ان دور ۾ ماڻھو ھڪ عظيم انقلاب جو انتظار ڪندا ھئا. انھن کي معلوم نھ ھو تھ اھو انقلاب ڪھڙي طرف کان ايندو؟ پر انھن کي پڪ ھئي تھ انھن جي سواگت لاءِ ھڪ عظيم سياسي طوفان ضرور ايندو. ھو ان عظيم طوفان جي تمنا ڪرڻ انھن خواب فروشن کان سکيا ھئا، جن جو ھر پورو پگھر ۾ آلو ھوندو ھو. جڏھن آسمان تي ٽامي جھڙو سج تپندو ھو، تڏھن بھ انھن جو جيءُ جھڙالو ھوندو ھو.ھو جيڪي ڪنھن اوطاق جي چائنٺ وٽ پنھنجو پراڻو ۽ مٽيءَ ۾ اٽيل بوٽ لاھي رکندا ھئا تھ شاھھ جي شيدائين کي ھن جو اھو بيت من مٿان تري ايندو ھو تھ:
“ڏوي ڏوري ڏيھھ، ماءُ کاھوڙي آئيا
مين پيرن کيھھ، ڪھھ ڄاڻان ڪنھن پار جي؟”
انھن اوکن مھمانن جا ميزبان بھ ايترا مھذب ۽ سمجھھ وارا ھئا جو ھو پنھنجن مھمانن کان ملڻ وقت ڪڏھن بھ نھ پڇندا ھئا تھ ڪٿان پيا اچو ۽ نھ موڪلائڻ وقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا تھ ڪاڏي پيا وڃون؟ ھو ڪٿان ايندا ھئا؟ ڪيڏانھن ويندا ھئا؟ اھا ڀيد ڀري بات ھوندي ھئي.
اھي مھمان جن جي پگھر وارن ڪپڙن مان بوءِ ايندي ھئي، سي اندر ۾ سموري سرھاڻ ھوندا ھئا. ھو جيڪي ڏينھن جو لڪ لڳل ٻوٽي وانگر ڪجھھ ڪومايل نظر ايندا ھئا ۽ سج لٿي رات جي راڻيءَ وانگر ٽڙندا ھئا، تن جي سستن سگريٽن جي بوءِ ڪنھن بھ ميزبان کي بري نھ لڳندي ھئي. ھو جيڪي رات جي مانيءَ کان پوءِ ساز وانگر ھوريان ھوريان سرندا ھئا. انھن وٽ نھ صرف پنھنجي سرزمين جي سورن جون ڪھاڻيون ھونديون ھيون پر ھو پوري دنيا جو درد پنھنجي دل ۾ سنڀالي ھلندا ھئا. ھنن جو ميدان انھن جي قدن بتن وانگر ھلڪو نھ ھوندو ھو. ھو اوريون خبرون آڻيندڙ نھ ھوندا ھئا. انھن کي پرانھين پار جون بھ گھڻيون خبرون ھونديون ھيون. ھو ان دور ۾ دنيا جا شھري ھئا، جنھن دور ۾ ڪوئي ڪمپيوٽر گوگل جو خواب نھ ڏسندو ھو. ھو جيڪي ادب پڙھندا ھئا. ھو جيڪي اقتصادي علم جا ڪتاب پڙھندا ھئا. ھو جيڪي نظرياتي ۽ سياسي تنقيدون ۽ انھن جا جواب پڙھندا ھئا. ھو جيڪي تاريخ جي تضادن کي پنھنجي علم ۽ آگھيءَ سان سلجھائيندا ويندا ھئا. انھن جي سانورن چپن تي آيل ڪڏھن ڪڏھن واري مرڪ ڪيتري نھ معصوم ۽ مغموم ھوندي ھئي.
انھن انسانن ۾ صرف اھي ڪامريڊ نھ ھئا، جيڪي پنھنجن ويجھن حلقن ۾ اھا ڳالھھ يقين سان ڪندا ھئا تھ “جيئن دنيا ۾ ٻھ طبقا آھن، ھڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم، تيئن دنيا ۾ ٻھ قومون آھن، ھڪ ظالم ۽ ٻي مظلوم” پر جڏھن ڪچھريءَ جو دائرو ڪجھھ ويڪرو ٿي ويندو ھو، تڏھن ظالم قوم جو مظلوم ڪلاس ۽ مظلوم قوم جو ظالم ڪلاس ۽ مظلوم ڪلاس جو ظالم قومي ڪردار ۽ ظالم ڪلاس جو مظلوم قومي ڪردار ۽ پنھنجو پورھيت ۽ پرايو پورھيت! سماج ۾ سائنس سبب اٿل پٿل ۽ فلسفي سان سلھاڙيل سياسي نظرئي جو ھٿيار ۽ قلم ۽ ڪتاب ۽ ڪردار واريون ڳالھيون ڪندڙ صرف اھي سرخا نھ ھوندا ھئا، جن جي لاءِ ھنن جا پنھنجا اھڙا اشارا ڪندا ھئا تھ:
“مان جنھن ٽوليءَ ۾
ان وٽ ڳاڙھي سج جون
ڳاھون ٻوليءَ ۾”
پر اھڙين اواٽ واٽن تي اسان جي اکين کي قومپرست نھ ڏٺا. جيڪي سيني ۾ سنڌ جو درد کڻي ھلندا ھئا. جن کي وطن جا وڻ سڃاڻيندا ھئا. جن کي سنڌ سان ايترو پيار ھو، جيترو ھڪ عاشق کي ابتدائي عشق جي پھرين معشوق سان ھوندو آھي. ھو جن جي پنھنجي ٻولي ھوندي ھئي. ھو جن ۾ ٿورڙا داناھھ ۽ گھڻا ديوانا ھوندا ھئا. ھو جيڪي فني حساب سان ڪچا ڦڪا پر عشق جي آتش ۾ بنھھ پڪل قسم جا خطرناڪ شعر لکندا ھئا. انھن “ڏونگرن ۽ ڀونگرن” جي شعرن ۾ جيڪا سياسي مستي ھوندي ھئي، اھا صوفين جي صدائن کان بھ وڌيڪ خطرو کڻندڙ ھئي. اھي جن قوم سان عشق ڪيو ھو ۽ ان عشق ۾ پنھنجي پاڻ کان وڇڙي ويا. ھو جن جي ايم سيد جي ڪتابن لي بنا پڙھڻ جي انھن تي سھھ سيڪڙو يقين آندو ۽ ھو پنھنجي تمام معمولي علم سان بھ “جيئن ڏٺو آھھ مون” جو فڪري تحفظ ڪندا نظر ايندا ھئا. ھو جيڪي سنڌ سان اھڙو پيار ڪندا ھئا، جھڙو پيار ناولن ۽ ھيرو خوابن جي ھيروئن سان ڪندا آھن. انھن ديوانن جي دنيا ۾ ھڪ داناھھ انسان عبدالواحد اريسر بھ ھو. ھو جيڪو سياست ۾ تخليقي ڌار جو مالڪ ھوندو ھو. جيئن شيخ اياز لکيو آھي تھ:
“ڳائي ڳائي ڳوٺ، ڪھندو ويو ڪينرو”
ھن جي نڙيءَ ۾ بھ قدرت اھو ڪمال رکيو ھو. ھو جيڪو ونجھليءَ وانگر وڄندو ھو. ھو جيڪو جڏا جيءَ جياريندو ھو. ھو جيڪو لفظن سان سنڌ جي نوجوانن کي امرت رس پياريندو ھو. ھو جيڪو سپنن جو سوداگر ھو. ھو جيڪو صرف خواب نھ ڏيکاريندو ھو پر پاڻ بھ خواب ڏسندو ھو. ھو جيڪو پاڻ ھڪ خواب ھو. مون ان خواب کي کليل اکين سان ڏٺو ھو. اھو خواب پنھنجي مڻڪي تي ھڪ تمام ڀاري صليب گھليندو نظر ايندو ھو. اھو خواب منصور وانگر پنھنجن شبلين کان سنگسار ٿيندو نظر ايندو ھو. اھو خواب جيڪو جيل جي تاريڪ راتين ۽ ٽارچر سيل جي اونداھين ڏينھن ۾ دل جو ديپ ٻاري پنھنجو پاڻ کي منڍ کان وٺي پڙھندو ھو. اھو خواب جڏھن بھ قيد مان آزاد ٿيندو ھو تھ ڪجھھ ڏينھن ڪکائين گھر ۾ ٿڪ ڀڃي وري سنڌ جي واٽن مٿان ھلڻ لڳندو ھو. اھو خواب جنھن جي ڪلھي ۾ ھڪ عدد پراڻو ٿيلھو ھوندو ھو. ان ٿيلھي ۾ بھ ڪجھھ خواب، ڪجھھ ڪتاب ۽ ڪجھھ ميرا ڪپڙا ھوندا ھئا.
جڏھن مون پھريون ڀيرو سنڌ جي ھڪ گمنام چارڻ جون اھي سٽون پڙھيون ھيون تھ:
“ڪي ڪنجھو، ڪي ٻاٽ ۽ ڪي ريکون رڪ جون
ھي تڏھوڪون گھاٽ، جڏھن سمي صاحبي”
ان سمئھ مون کي سنڌ جي فريم ۾ صرف ھڪ فوٽو نظر آيو ھو ۽ اھو فوٽو ان عبدالواحد آريسر جو ھو. جنھن جي ورسي ڪالھھ ڪورونا ۾ ائين گذري وئي، جيئن بک تي روئي ستل ٻار جي ميري ڳل تان گذري ويل ڳوڙھو صرف ھڪ سڪل لڪير ڇڏي ويندو آھي.
کیا حرف ع جس لغت میں ہو وہ عربی کا ہو گا؟
اردو کا ہر وہ لفظ، جس میں حرفِ "عین" آتا ہو، وہ اصلاً عربی کا ہو گا! مرزا غالب اپنے...