ھڪ پاسي ڪرونا وائرس زندگي مفلوج بنائي ڇڏي آھي ٻيو قھر جي گرمي ٽيو واپڊا وارن جي مھربانين سان غير اعلانيا لوڊ شيڊنگ مٿان سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ پئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ ۽ ڪيترن ئي شھرن مان پئڻ جو گندو پاڻي فراۡم ڪرڻ جون دانھون اليڪٽرانڪ پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نظر اصل دانھون دانھ آھي ڀلا عوام ويچاري ته دانھون ئي ڪري سگھي ٿو ٻڌڻ ۽ ان تي نوٽيس وٺي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ رياست جو ڪم آھي خوشحال سنڌ جو عوام پئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آھي ھن ملڪ جي قيام کي ھي 73سال ھلي پيو پر ڪنھن به حڪومت عوام کي پئڻ جي صاف پاڻي ڏيڻ لاء پلانگ ڪري ان تي عمل نه ڪيو جنھن ڪري ڪيترن ئي سالن کان سڄي سنڌ ۾ پئڻ جي پاڻي جي کوٽ پئڻ جو گندو پاڻي فراھم.ڪرڻ ڪٿان مٺي پاڻي ڏيئڻ جون لاء احتجاج ڪٿان پبلڪ ھيلٿ انجنئرنگ وارن جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري واٽر سپلاء جون اسڪيمون رولڙي جو شڪار ڪٿان واٽر سپلاء جون اسڪيمون مڪمل ٿيڻ جي باوجود چالو نه ٿيڻ جون شڪايتون ٿينديون رھيون آھن اھڙيون شڪايتون سڄو سال ميڊيا تي ٻڌڻ ۾ اينديون آھن پر خاص طور گرمي جي موسم ۾ جڏھن پاڻي جي کپت وڌي ٿي ته اھڙيون شڪايتون به وڌن ٿيون سنڌ واسين جي بدقسمتي اھا آھي ته سنڌ معدنياتي ذخيرن سان مالا مال ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ تيل گئس ڏيندڙ جتي دنيان جي ڪوئلي جا وڏا اڻ کٽ ذخيرا جتان سنڌو درياء وھي ٿو جتي سي پورٽ آھي جتي ميون جا وڏا باغادات زرعي آباديون جتي ڪاروجھر جھڙو جبل آھي جنھن جي پٿر مان ٺھندڙ ماربل سڄي دنيان جي ماربلن َ۾ خوبصورت ماربل آۡھي جيڪو سڄي دنيان ۾ امپورث ڪيو وڃي ٿو سنڌ جيڪا سڀن صوبن کان وڌيڪ روينيو ڏي ٿي پر افسوس جو اڄ 21صدي ۾ به سنڌ جو عوام پئڻ جي صاف پاڻي کان ته محروم آھي پر جيڪو واٽر سپلاء جو گندو پاڻي ملي رھيو آھي ان جي کوٽ جون دانھون ميڊيا تي ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن جڏھن ته ھن وقت سنڌو درياء ۾ پاڻي ھئڻ ڪري واھ شاخون تارون تار وھي رھيا آھن ان جي باوجود پئڻ جي پاڻي جي کوٽ ڇو آھي ڳالھ سمجھ کان ٻاھر آھي خوشحال سنڌ جي ٻھراڙين جي جيڪا حالت آھي اھا پٿر واري دور جھڙي نظر اچي رھي آُھي شھرن توڙي ٻھرايون بنيادي سھولتن کان محروم آھن ٻيو ته ٺھيو پر سنڌ جو عوام پئڻ جي صاف پاَڻي کان به محروم آھي پاڻي زندگي آھي پاڻي انساني زندگي جو جياپو آھي انسان کي جئيڻ لاء پاڻي جي اشد ضرورت آھي اسان جر زندگي جو سمورو دارو مدار پاڻي تي آھي پاڻي صرف انسان نه پر ھر جاندار جي جياپي لاء اھم آھي ليڪن خوشحال سنڌ جي عوام کي 73سال ھلي رھيو آھي ليڪن جيڪي به حڪمران آيا اھي سنڌ واسين کي صاف پاڻي به نه ڏئي سگھيا ليڪن سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ جيڪو گند پاڻي عوام کي پياريو پيو وڃي اھو به ھن وقت قھر جھڙي گرمين ۾ نه آھي سوين شھرن مان پئڻ جو پاڻي نه ھئڻ جون دانھون ڪوڪون ميڊيا تي نظر اچي رھيون آھن روز عوام احتجاجي مظاھره ڪرڻ تي مجبور آھي جڏھن ته ڪافي شۡھرن مان پئڻ جو گندو پاڻي فراھم ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ گيسٽرو پيٽ جي مختلف بيمارين ڪاري سائي جا ڪيس وڌي رھيا آھن ڪيترائي ماڻھون اھڙين بيمارين ۾ مري رھيا آھن سنڌ جي پنج سيڪڙو علائقن ۾ جر جو پاَڻي پئڻ جي لائق آھي باقي جر جي پاَڻي ۾ سيڪيو زھر ملي ويو آھي جنھن ڪري عوام مجبورن زھريلو پاڻي پئڻ تي مجبور آھي جنھن سان ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون سنڌ جي واٽر سپلاء جي حالت ميڊيا تي ڏسي روئڻ ايندو آۡھي ته خوشحال سنڌ جي عوام کي پئڻ جوصاف پاڻي به موھيا نٿو ڪيو وڃي مختلف شھرن جي واٽر سپلاء جا جيڪي فوٽيج ميڊيا تي اڇن ٿا انھن ۾ واٽر سپلاء جي تلائن ۾ ڪتا ويٺل ھوندا آھن ڪافي تلائون مان مئل ڪتا ٻلا پيا ھوندا آھن واٽر سپلاء جو پاڻي فلٽر ڪري صاف سٿرو حفظان صحت موجب بنائي سپلاء ڪرڻو آھي پر ھتي ائين نه آھي ھتي بس ھر ڪامورو پنھنجو الو سڌو ڪرڻ ۾ مصروف آھي سنڌ ۾ پئڻ جو صاف پاڻي نه ھئڻ خلاف ھڪ ساڃاھ وند وڪيل اوستو شھاب الدين پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل پٽيسشن تي سپريم ڪورٽ واٽر ڪميشن جوڙي رٽائيرڊ جسٽس سپريم ڪورٽ امير مسلم حاني کي سربراھ بنايو ويو جنھن سڄي سنڌ جا دورا ڪري پئڻ جي پاڻي جي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد جيڪا ھن 63 صفن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ کي پيش ڪئي جنھن ۾ سنڌ ۾ پئڻ جي پاڻي جي جيڪا صورت حال ٻڌائي اھا ڏاڍي حيرت ۽ افسوسناڪ ھئي ان ڇرڪائيندڙ رپورٽ کي ملڪي توڙي غير ملڪي ميڊيا تي وڏي ڪوريج ملي ميڊيا تي وڏا تبصره به ٿيا واٽر ڪميشن جي چئرمئن جيڪا سنڌ ۾ پئڻ جي پاڻي جي صورتحال ٻڌائي اھا لڱ ڪانڊاريندڙ ھئي ان رپورٽ موجب سنڌ جو سيڪڙو 95 سيڪڙو گندو يا زھريلو پاڻي پئڻ تي مجبور آھي جن واھن شاخن مان واٽر سپلاء لاء پاڻي اچي ٿو انھن واھن ساخن ۾ آسپاس جي شھرن ڳوٺن جي گندي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو جنھن سان پئڻ جي پاڻي سان غلاظت مليل آھي ڪراچي سميت ڪيترن ئي شھرن جي واٽر سپلاء جي پاڻي ۽ گٽر جا پائيپ ڳري وڃڻ ڪري ٻئي پاڻي ملي وڃن ٿا ڪيترن علائقن ۾ جر جو پاڻي ايترو ته زھيريلو آھي جو ڪنھن به صورت ۾ پئڻ جي لائق نه آھي ھن اھڙي رپورٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي سپريم ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن جي روشني ۾ جيڪا واٽر ڪميش چيئرمين مختلف شھرن جا دورا ڪري پبلڪ ھيلٿ انجئنرنگ کاتي جي آفيسرن بلديه جي چئرمئنن آفيسرن کي چنڊ پٽيندي چيو ھو ته ڪيترو ئي وقت گذري وڃڻ واٽر سپلاء جي حالتن ۾ بهتري ناهي آئي انتظاميه عوام جي ڀلائي لاءِ تڪڙا قدم ڇو نٿي کڻي عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪرائڻ لاءِ دورا ڪري رهيو آهي ته جيئن صورتحال بهتر ٿي سگهي پر ڪيترو ئي وقت گذرڻ باوجود سنڌ جي مختلف شھرن جي واٽر سپلاء جون حالتن ۾ بهتر ناهي آئي جنهن ڪري عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي انڪري ضلعي انتظاميه سميت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي نه ته عملدارن کي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي درياءَ سميت واھن شاخن ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ فوري طور تي بند ڪيو وڃي، ھن چيو ته هُو تمام جلدواٽر سپلاء اسڪيمن کي بھتر ڏسڻ ڇاھي ٿو جيڪڏهن بهتر ڏسڻ ۾ نه آئي ته ملوث عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ان ڪري لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هُو شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان جنگي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي شھرن ۾ عوام کي گٽرن جو پاڻي پيارڻ تي افسوس ڪندي چيو ته ان ڪري عوام مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو آھي جنهن ڪري عوام ڏکيا ڏينهن ڏسي رهيو آهي. واٽر ڪميشن جو چئرمئن جڏھن مختلف شھرن ۾ ويو ته اتان جي عوام صاف پاڻي نه ھئڻ جي شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا جن شھرن ۾ واٽر سپلاء اسڪيمون مڪمل ھيون اھڙن ڪافي شھرن جي عوام شڪايتون ڪيون ته اھي اسڪيمون مڪمل ھئڻ جي باوجود عوام لاء بي لاڀ بنيل آھن هن وقت تائين شهرين کي مٺو ۽ صاف پاڻي ملي نه سگهيو آهي شهري ڪڙو ٻاڙو پاڻي پئڻ تي مجبور آهن ڪروڙ رپيا هڙپ ڪيا ويا ھن مختلف شھرن جا دورا ڪري ڏٺو ته ڪيترن ئي شھرن ڳوٺن ۾ جيڪي واٽر سپلاء جون اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون اھي هڪ ڏينهن به نه هليون آهن جن جا پئيسا پبلڪ هليٿ کاتي وارن ڪاعذي ڪاروائي ڪري هڙپ ڪري ڇڏيا آهن ان دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي جي اجلاس ۾ سنڌ لاءِ آر او پلانٽن جو 5 ارب رپين کان وڌيڪ جو پراجيڪٽ بنا فزيبلٽي اسٽڊي جي شروع ڪرڻ ۽ 2150 آر او پلانٽن مان 448 پلانٽ گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو ، ڊي جي آڊٽ ان ميٽنگ ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته 72 سيڪڙو آر او پلانٽ فعال ئي نه آهن اجلاس ۾، اسپيشل انيشيٽو کاتي جي پراجيڪٽن ۾ 52 ڪروڙ 30 لک رپين جي بيضابطگين بابت بحث ڪيو ويو، ڊي جي آڊٽ آر او پلانٽن واري پراجيڪٽ لاءِ پي سي ون جي جاچ رپورٽ تي ڳالهائيندي چيو ته فزيبلٽي اسٽڊي بنا ئي پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو، هن چيو ته 2150 آر او پلانٽن مان 1652 پلانٽ فيلڊ ۾ آهن، سپريم ڪورٽ آڊٽ ڪرڻ ۽ چيف سيڪريٽري ذريعي عدالت ۾ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، ان تحت سروي ڪري رپورٽ ڏئي ھئي ،جنهن تحت 72 سيڪڙو پلانٽ فعال نه هئا،نه ئي وري پلانٽن کي پي سي ۾ ڏسيل هنڌ تي ٺاهيو ويو .ھوڏانھن جولاءِ 2018ع نيب چيئرمين ٿرپارڪر، مٺي ۽ ڇاڇرو ۾ پاڻي جي فراهمي واري منصوبي ۾ مبينا بي ضابطگين جي جاچ جو حڪم تي جيڪا رپورٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي ھئي ان ۾ پڌرو ڪيو ويو ته سنڌ اندر ٿرپارڪر، مٺي ۽ ڇاڇرو ۾ صاف پاڻي جي فراهمي جي منصوبي جو من پسند ڪمپني کي 450 آر او پلانٽ لڳائڻ جو ٺيڪو ڏنو ۽ منصوبي جي طئه ٿيل رقم 5 ارب روپيا به ادا ڪئي وئي جڏهن ته ڪمپني اڃان تائين ڪجهه ئي پلانٽس لڳايا ۽ اهي به مڪمل طور تي فعال ناهن جڏهن ته لڳايل ڪيترن آر او پلانٽس ڏيک ريک نه هجڻ سبب بند ٿي ويا جڏهن ته نيب چيئرمين رپورٽ ۾ سوال ڪيو ھو ته آر او پلانٽس جو منصوبو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪمپني کي پوري رقم ڪيئن ۽ ڇو ادا ڪئي وئي ظاھر ٿيو ته حڪمران ۽ آفيسر شاھي ملي ڀڳت ڪري پئڻ جي صاف پاڻي ۾ به ڪيڏي وڏي ليول تي ڪرپشن ڪئي آھي جڏھن ته سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ لڳائيل آر او پلانٽس مان ڪيترائي خراب پيا آھن جڏھن ته سڄي سنڌ ۾ واٽر سپلاء جي اسڪيمن ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آھي آفيسرن جي نااھلي جي ڪري اھي اسڪيمون رولڙي جو شڪار آھن وقت اندر مڪمل نه ٿي سگھيون آھن ڪافي اسڪيمون مڪمل ٿيڻ جي باوجود شروع نه ڪيون ويون آھن ڪٿي واٽر سپلاء اسڪيون مڪمل ٿيڻ بعد چالو ڪيون ويون پر صحي ڪم نه ٿيڻ ڪرپشن جي ڪري وري خراب ٿي وڃڻ ڪري بند ٿي ويون ڀث شاھ شھر ۾ ڀٽ شاھ خوبصورتي واري پلان مان ڪروڙين روپئن جي اسڪيم ڏني وئي سڄي شھر ۾ پائيپ به وڇايا ويا جيڪي ايترا ته ناقص ھئا جو جئين پاڻي ڏنو ويو ته اھي پائيپ ڦاٽي پيا ۽ سڄي شھر ۾ پاڻي ڦوھارا ڪري ٻاھر نڪتو ھڙي ريت ڪافي شھرن ۾ واٽر سپلاء جون مڪمل ٿيل اسڪيمن جو اھڙوئي حال جون دانھون شھن سپريم ڪورٽ پاڻي جي حوالي سان آخري پيشي ۾ واٽر ڪميشن ٽوڙي سنڌ واٽر ڪميشن جي سربراه جي پيش ڪيل رپورٽ چيف سيڪريٽري جي حوالي ڪندي ھدايت ڪئي وئي ته واٽر ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪري هر 15هين ڏينهن رپورٽ پيش ڪري، شهرين کي صاف پاڻي جي فراھمي کي يقيني بنايو وڃي ان موقعي تي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ کي يقين ڏياريو ته ھو پئڻ جو صاف پاڻي جي فراھمي کي يقيني بنايو ويندو ليڪن سپريم ڪورٽ جي اھڙي فيصلي اُھڙي حڪم ۽ سنڌ حڪومت پاران پئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي کي يقيني بنائيڻَ واري يقين دھاني ۽ گندو پاڻي سنڌو درياء واھن شاخن ۾ ڇوڙ نه لرڻ تي ڪيترو عمل ٿيو خنر نه آھي سنڌ واسي پئڻ جي صاف پاڻي لاء اڄ به ٻاڪاري رھي آھي اڄ به عوام. روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آھي اڄ به ڳوٺن شھرن جي گندي پاڻي جو چوڙ سنڌو درياء واھن شاخن ۾ ڪيو وڃي پيو اسان پ پ جي چئرمئن بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پبلڪ ھيلٿ انجنرنگ کاتي سنڌ جي وزير کي گذارش ڪنداسين ته خدارا سنڌ جي عوام کي پئڻ جو صاف پاڻي ڏيڻ کي يقيني بنايو وڃي سنڌ ۾ صاف پاڻي جو ڪيس وڙھندڙ مشھور وڪيل اوستو شھاب الدين کي به گذارش ڪنداسين ته سنڏ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي پئڻ جو صاف پاڻي موھيا نه ڪرڻ گندي پاڻي جو ڇوڙ سنڌو درياه واھن شاخن ۾ ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم تي عمل نه ڪرڻ جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرڻ گھرجي