شڪارپور جي سرد هوا
شاهي باغ جا سڪا پن اڏاري ٿي
۽ ان شخص کي ساري ٿي
جنهن کي نه امير ٿيڻ جي آرزو هئي
۽ نه هو مشهور ٿيڻ جي مرض ۾ مبتلا هو
جنهن جي ڪل ڪائنات هن جا ڪتاب هئا
اهي ڪتاب جن هن جو چين چورايو
جن هن کي سنڌ جو ماڊرن ملنگ بڻايو
سنڌ جو اهو ماڊرن ملنگ ……………..!
ڪالهه آمريڪا ۾قتل ٿي ويو!!
اي سنڌ جا نوجوانو!
مان پنهنجي سيني مٿان
هن جي ساروڻين جو
ڀاري بار محسوس ٿو ڪريان
مون کي پنهنجو قلم نپوڙي
ڪٺا ڪرڻا آهن
ڪجهه مس ڦڙا
ڪجهه لڙڪ ڦڙا
جيڪي تخليق ڪري سگهن
اهي لفظ
جن مان ليئو پائي
سنڌ جي جواني پسي پائي
ان ننڊاکڙي نوجوان کي
جيڪو ڪوئيٽا جي سرد ۽ سياهه رات ۾
آسمان کي نيري ڍنڍ بڻائي
ڪاموءَ جي ڪتاب جي ڪشتيءَ ۾
ڪيترو دور نڪري ويندو هو!
سنڌ جا نوجوانو!
هو پنهنجي انداز جو گوتم ٻڌ هو
هن هر ڪرسيءَ کي ٺوڪر هنئين
هن هر لالچ کي مات ڏني
هو هر خوف جو انت هو!
هو جو آخر ۾ هڪ ساڌو هو
هڪ سنت هو!!
اهو نوجوان جنهن کي فلسفو
قيد نه ڪري سگهيو
جنهن فڪر فقير ٿيڻ کان روڪي نه سگهيو
جنهن جي دل ۾ ڪمزوريءَ جي لاءِ
اڻ مئي محبت هئي
اهو شخص جيڪو هڪ هٿ ۾ ڪتاب
۽ ٻي هٿ ۾ سگريٽ جهلي
هڪ قصو بڻجي ويندو هو!
اهو شخص خاموش ٿي ويو
انهن گولين سان
جيڪي گوليون
هڪ جاهل جي هٿان هليون
۽ هڪ عالم
۽ هڪ عاشق
موت جي آغوش حوالي ٿي ويو
هو جيڪو سموري زندگي
ڪارن جي زندگيءَ ۾ اجيارو آڻڻ لاءِ
ڪوشش ڪندو رهيو
ان کي مقتول بڻائي وئي
هڪ ڪاري قاتل جي گولي
اي سنڌ! تو ٻيهار ڪيئن ڄڻي سگهندينءَ؟
اهڙو ٻار
جهڙو ٻار جاويد هو!
اي سنڌ! تنهنجو سچو ٻچو قتل ٿي ويو
اهو جيڪو انهن لفظن جو عڪس هو:
”پاڻ نه ڄاڻون دنيا داري
جنهن کي هوندي
تنهن کي هوندي
دنيا جي اي دل بيماري
جنهن کي هوندي
تنهن کي هوندي“
اسماء صبا خواج کا افسانہ مایوسی فنی و فکری مطالعہ
اسماء صبا خواج کا تعلق لکھیم پور کھیری ہندوستان سے ہے، اردو کی ممتاز لکھاری ہیں، آپ کا افسانہ ''مایوسی"...