…….جي نالي
اعجاز منگي
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي اها مائي شدت سان ياد آئي، جيڪا ناريءَ جي روپ ۾ هڪ ندي هئي.اها عورت جيڪا هر نديءَ وانگر باغي ۽ باعمل هئي. اها ناري جنهن جي خوابن ۾ مهاڻن جا سنهڙا ۽ سانورا ٻار مسڪرائيندا هئا. اها ناري جنهن جي ماٺ ۾ ٻيڙيون ڪاهڻ وارا گيت ڳائيندا هئا. جنهن جي اوجاڳيل اکين ۾ ننڊ هارڪا مانجهي پنهنجي ونجهه سان ڪنولن جا گل ٽوڙيندا ويندا هئا.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کان اها عورت ڪيئن ٿي وسري سگهي؟ جنهن آبشارن سان پهاڙن جي اوٽ ۾ لڪي ملڻ جا انجام ڪيا هئا. اها عورت جيڪا ريگستاني هوائن جي ساهيڙي هئي. جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي ٻيلي ۾ گهايل پکيءَ وانگر پناهه وٺندي هئي. اها عورت جيڪا چنڊ جا ڪرڻا چڳندڙ چڪوري هئي. جيڪا گنگا جل ۾ گوري هئي. جنهن کان جٽائن وارا جوڳي ڇرڪي پاسو ڪندا هئا. اها ناري جنهن جي ٽور تي مور شڪي ٿي ترسي پوندا هئا. جنهن جي وارن تي هلڪا ڪڪر پاڻ کي نپوڙي برسي پوندا هئا. جنهن جي لڱن ۾ نازبو جهڙي تيز خوشبو هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي اها عورت ياد آئي، جيڪا تهذيبن جي تيز وهڪرن کي تميز سان هلڻ جي هدايت ڪندڙ پل هئي. جيڪا درياهه جي سطح تي سياري جي سانجهيءَ جو گردآلود غبار هئي. اها عورت جيڪا جذباتي مڇي هئي. اها عورت جيڪا چالاڪ ڄار هئي. اها عورت جيڪا بنهه تنها هئي. اها عورت جيڪا پورو سنسار هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کان ڪئين ٿي وسري سگهي؟ اها عورت، جنهن کي ننڍڙيون واليون ۽ ڊگهيون ڳالهيون ڏاڍيون پسند هيون. اها عورت جيڪا مصورن جي تلاش ۾ آسمان تان لٿي هئي. اها عورت جيڪا فرشتن کان فرار ٿي وئي ٿي وئي. جنت مان پاڻمرادو جلاوطن ٿيل اها عورت، جنهن کي ڌرتيءَ سان ايترو پيار هو، جيترو پيار صرف هڪ عورت ئي ڪري سگهندي آهي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون اها عورت، مون کي پنهنجو پاڻ ياد آئي، جنهن عورت جون اکيون الڪوهل سان ڇلڪندڙ هيون. جنهن جي وارن ۾ سگريٽن جي دونهين جا ڇلا هئا. جيڪا اڪيلائيءَ ۾ شرمائيندڙ ۽ هجوم ۾ بي حجابيءَ سان پيار ڪندڙ هئي. جنهن جي چپن ۾ ڊاک جو ذائقو هو. جنهن جي هٿن ۾ کوهه جي پاڻيءَ جي خوشبو ۽ جنهن جي جسم ۾ ٻنيءَ جهڙي سائي سار هئي. اها عورت جنهن کي پيار جي پراسرار دنيا جا سمورا قصا ياد هئا.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کان اها عورت ڪئين ٿي وسري سگهي؟ جيڪا اداس مزارن تي ٻرندڙ ڏيئي جهڙي هئي. اها عورت جنهن جي خاموش نيڻن ۾ لوبان جي واس جهڙو هڪ وائڙو وچن وڇڙي ويل پيار جو پتو پڇندو هو. اها عورت جيڪا ستارن سان ڀريل آسمان کي حسرت سان تڪيندي هئي. اها عورت جيڪا وڇڙي ويل پکين جي جوڙن جا پتا ڏسيندي هئي. اها عورت جيڪا پاڻ هڪ تنها پکي ۽ پاڻ هڪ اڪيلو آکيرو هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي اها عورت ياد اچڻي هئي، جيڪا مردن جيان هوشيار ۽ ٻارن جيان بي صبري هئي. اها عورت جيڪا اجبني ساحلن تي سپيون ميڙيندڙ هڪ شاعر جي محبوبا هئي. جنهن کي رنگن کان وڌيڪ سر وڻندا هئا. جيڪا پاڻ به هڪ ساز هئي. جنهن کي آرٽسٽ آڱرين جو انتظار رهندو هو. اها عورت جيڪا نينهن هئي. نشو هئي.جيڪا آلو ڏينهن هئي. جهڙ جي جهالر هئي. جيڪا مئخاني مٿان مستقل وسندڙ برسات هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
اها عورت مون کي ياد آئي، جيڪا وقت کان وسري چڪي هئي. جنهن کي تاريخ پنهنجن بابن مان بي دخل ڪري ڇڏيو هو. جيڪا مغرور حڪمرانن کي ٺوڪر هڻي آئي هئي. اها عورت جنهن کي جهنڊن ۽ لشڪرن کان نفرت هئي. جيڪا فتنن ۽ فسادن کان پري سڪون سان سمهڻ جي لاءِ اهڙي مرد جي تلاش ۾ هئي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڳولي چڪو هجي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي اها عورت ياد اچڻي هئي، جنهن جي سينڌ ستارن پاڻ سنواري هئي. جيڪا پنهنجي روح ۾ هڪ ريگستان جهڙو مزاج رکندڙ هئي. جيڪا واريءَ وانگر نرم ۽ واريءَ وانگر گرم هئي. اها عورت جيڪا مسافرن کي اداس نهار سان الوداع ڪندي هئي. جيڪا شام جو پريشان ٿي پڇندي هئي، پکي واپس ڇو نه وريا آهن؟
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون ياد ڪيو، ان عورت کي، جيڪا ڪوڙي ٽهڪ ۽ سچي چهڪ جيان وسرڻ جهڙي نه هئي. جيڪا پنهنجي ادائن ۾دعا جهڙي هئي. جيڪا پنهنجي اميدن ۾ دغا جهڙي هئي. هڪ سلجهيل ۽ هڪ الجهيل نياپي جهڙي ناري، جيڪا واعدن کي وساري ڇڏڻ جي عادي هجڻ باوجود به عاشقن لاءِ اڏيءَ جي اوٽ هئي. جيڪا پنهنجي ماٺ ۾ به قتل جي ڪوٺ هئي. جيڪا هڪ راهه هئي. جيڪا هڪ ڳوٺ هئي. جيڪا ڳوٺ جي ڳلي هئي. جيڪا مندر ۾ وڄندڙ ٽلي هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي اها عورت ياد آئي، جيڪا وسري ويل شاعريءَ جو حوالو هئي. اها عورت جنهن جو “هر پور پگهر ۾ آلو هو. جنهن مٿان هو ٽامي جهڙو سج تتو پر هن وٽ جيءَ جهڙالو هو” اها عورت جيڪا ماترائن ۾ پوري نه ايندڙ وائي هئي. اها عورت جيڪا ڇند وديا جهڙن ڇڇورن ماپن کان مٿانهين هئي. اها عورت جيڪا هڪ اهڙو خوبصورت خيال هئي، جيڪو ڪنهن به آرٽ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي نه ٿو سگهي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون اها عورت ياد آئي، جنهن جي عمر صدين جي سفر جيتري هئي. جنهن اڃان جنم ئي نه ورتو هو. اها عورت جيڪا قديم شهرن وانگر پنهنجو پاڻ ۾ مدفون هئي. اها عورت جنهن جي پيرن کي ڇهڻ لاءِ درياهه وهڪرا تبديل ڪندا هئا. اها عورت جنهن بي خياليءَ ۾ ڪيتريون تهذيبون تباهه ڪري ڇڏيون. اها عورت جيڪا مختصرن لفظن واري آڳاٽي ٻولي هئي. اها عورت جيڪا ڳالهائيندي گهٽ ۽ مسڪرائيندي گهڻو هئي. اها عورت جيڪا هڪ اڻ لکيل گيت ۽ اڻ ڪيل وچن هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون اها عورت ياد آئي، جنهن کي وسارڻ ممڪن نه هو. اها عورت جنهن جي نيڻن ۾ ننڍڙي ٻار جهڙي اجري تمنا ۽ جنهن جي آڱر ۾ پٽ تان لڌل ڇلو پيل هو. اها عورت جيڪا پنهنجي پوشاڪ جي باري ۾ موسمن کان مشورا وٺندي هئي. اها عورت جنهن کي ديوتائن صرف ۽ صرف پيار ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو هو. اها عورت جيڪا گرنٿ هئي. جيڪا پنٿ هئي. جيڪا پوڄارين جو پهاڙي پنڌ هئي. جيڪا جبل ۾ پيل رات وانگر ڪجهه پريشان ۽ ڪجهه حيران هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي ان عورت جي ياد آئي، جيڪا ماڪ ڦڙن وانگر مهڪندڙ ۽ پکين وانگر چهڪندڙ هجڻ جي باوجود به ڪنهن پور جي سور ۾ سدائين سانت رهندي هئي. جيڪا سپنن ۾ مسلسل ڪهندي هئي. جنهن کي پنهنجي وطن جي تلاش هئي. جيڪا مهانگن هوٽلن جي ريسٽورانن ۾ ويٺي روئي پوندي هئي. جنهن کي گلابي رنگ جا ڪپڙا ۽ رابيل اجا اڇا گل تمام گهڻو وڻندا هئا.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي ان عورت جي ياد آئي، جيڪا منافق معاشري سان الجهڻ لاءِ آئي هئي. جنهن جي جات ۾ جدوجهد جا ڪيئي موڙ موجود هئا. جيڪا پنهنجي تڪميل لاءِ هڪ پيار ڀريو پنڌ هئي. اها عورت، جيڪا هڪ منزل هئي. جيڪا هڪ مسافر هئي. جيڪا هڪ سفر هئي. جيڪا گذريءَ جي گونج هئي. جيڪا شام جي ويلا هڪ ناراض ڳوٺ مٿان اڏامي ويندڙ ڪونج هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي ياد آئي، اها عورت، جيڪا سمنڊ هئي. جيڪا سمنڊ ۾ ٻڏل هڪ ٻيڙي هئي. جيڪا اجري واريءَ تي ڊوڙندڙ هڪ سير هئي. جيڪا سامونڊي سرحدون ڪراس ڪندڙ سونهري رنگ واري مڇي هئي. اها عورت جيڪا سچي جل پريءَ جي ڪوڙي ڪهاڻي هئي. اها عورت جيڪا ساحلن کان بغاوت ڪري پاڻ ۾ سمائجي وئي. اها عورت جيڪا هڪ مهاڻي سان ڪيل واعدون پاڙڻ لاءِ ساحلن کان بغاوت ڪري پنهنجو پاڻ ۾ سمائجي وئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي پنهنجي ياد ۾ وڪوڙي وئي، اها عورت جيڪا ڀنيءَ رات ۾ ٽڙيل ول هئي. جيڪا پنهنجن گلن کان ناراض ٿي وئي. جيڪا پنهنجي خوشبو کان گهائجي وئي. جيڪا هڪ ننڊ پيل پوپٽ جي سپني ۾ سمائجي وئي. جيڪا چري پريءَ جي ڪهاڻيءَ وانگر بي آغاز ۽ بي انجام هئي. اها عورت نه هئي، هڪ وهم هئي. هڪ غم هئي. هڪ دلاسو هئي. هڪ دم هئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي ان عورت جي ياد ايئن آئي؟ جيئن اوچتو اکين ۾ پاڻي اچي وڃي!!
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي ان عورت جي ياد ائين آئي، جيئن پهاڙي واديءَ ۾ اوچتو جهڙ ڦڙ ٿيڻ لڳي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي ان عورت جي ياد آئي ۽ ائين آئي، جيئن بند درين جا تاڪ ڀڃڻ لاءِ ڪوئي طوفان اچي وڃي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي اها عورت هڪ هارايل جنگ جي انتقام وانگر ياد آئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي اها عورت لوڻياٺي لهر وانگر لوڙهي وئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي ان عورت جي ياد، ائين آئي، جيئن وسري ويل دعا ياد اچي، جيئن نه وسري سگهندڙ دغا ياد اچي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي!
مون کي اها عورت ائين ياد آئي، ويراني ۾ پويون ساهه کڻندڙ سپاهيءَ کي پنهنجو گهر ياد اچي. جيئن ولهه جي وسڪاري ۾ اڪيلي عورت کي پنهنجو ور ياد اچي. جيئن يتيم ٻار کي مري ويل ماءُ ياد اچي. جيئن هڪ ماءُ کي مري ويل ٻار ياد اچي. جيئن دعا گهرندڙ دل کي مٽيءَ ۾ پوريل پيار ياد اچي……….!!
یہ تحریر فیس بُک کے اس پیج سے لی گئی ہے۔