ان نوجوان تي آڱر نه کڻو!!
ان نوجوان تي آڱر نه کڻو
جنهن جو جنم جلاوطنيءَ ۾ ٿيو!
هو جڏهن پيدا ٿيو
تڏهن هن جو پيءُ دمشق جي اسپتال ۾
آليون اکيون لڪائڻ لاءِ
ڪارو چشمو پائي آيو!
هو جڏهن ڏاڏاڻي ڏيهه آيو
تڏهن آنسو گيس جي شيلن
هن جو آڌرڀاءُ ڪيو!!
هو جنهن لوليون ٻڌڻ بدران نعرا ٻڌا
هو جنهن وڏي پڦيءَ جي حڪومت ۾
وڏي پيڙا سٺي!!
هو جنهن جا پهريان ڳوڙها
ايراني ٻليءَ جي بجن ۾ جذب ٿيا!!
هو جنهن پهرين چمي
شهيد والد جي سرخ پيشانيءَ تي ڏني!
هو جيڪو سياسي سازشن جي سرزمين تي
هلڻ سکيو!
هو جنهن پهريان خواب پرين جي ديس جا نه
پر مڇريل انبوهن جا ڏٺا هئا!
هو جيڪو پوپٽ هو
۽ بندوقن جي پهري ۾ پليو!
هو جنهن ستر ڪلفٽن جي سوڳوار لان تي
ايراني ڏاڏيءَ جي زخمي غازيءَ مٿان
غمگين چنڊ کي ڏٺو!
هو جنهن کي سنڌ ۾
سرءُ جي موسم ملي!
هو جيڪو بهار جو بيقرار جهوٽو هو
هو جيڪو خزان جي خاموش شامن ۾ وڌندو رهيو
ان ول وانگر جنهن جو هر گل اداس هو!
هو جنهن جو معصوم هٿ بندوق بدران
مصوريءَ جي برش طرف وريو!
هو جنهن آرٽ ذريعي انقلاب جو
خواب ڏٺو!
هن جا سپنا سرڪاري پروٽوڪول کان
پري پليا!
هو جن ما ڻهن سان مليو
سي ازل کان اداس هئا!
هو جيڪو فوٽوگرافر بڻيو
هو جنهن الم جي البم ۾
اداس عڪس ڪٺا ڪيا!
هو جنهن لاءِ ٽهڪ اجنبي هئا
هو جنهن چهڪ قبول ڪيا
هو جيڪو ڪمزوريءَ کي
طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو!
ان نوجوان تي آڱر نه کڻو
جيڪو جڏهن خيرپور ۾
گينگ ريپ واري گهر ويو
ڪنڌ کڻي نه سگهيو!
ان جهڪيل ڪنڌ سان هو
جلاوطن ٿي ويو!!
هو اڃان جلاطن آهي
۽ هو جلاوطن رهندو
تيستائين
جيستائين
هن جو ديس ڪنڌ مٿي نه ٿو کڻي!
اهو نوجوان اڄ ڀٽائي ۽ بلها شاهه بڻجي ويو آهي
اهو نوجوان صرف ايترو ٿو چاهي
هي ديس سندس آڱرين تي نيل پالش نه
انقلاب جو سرخ سپنو پسي!!!
“