درد جهڙي مرد جي لاءِ هڪ دعا
ڪاش! ڪا شاعره اهڙي به هجي ها
جيڪا مرد لاءِ اهڙو گيت لکي سگهي ها
جهڙو گيت نڪاراگوئا جي شاعر
ارنيسٽو ڪارڊينل مارلن منرو لاءِ لکيو هو:
ڪاش! هوءَ لکي سگهي ها:
“اي خدا!
مان تنهنجي حضور ۾
اهو مرد وٺي آئي آهيان
جيڪو منهنجي ڪري جنت مان جلاوطن ٿيو!
جنهن منهنجي لاءِ ناهموار ڌرتيءَ تي رستا ٺاهيا
جنهن سخت سرزمين تي هر هلايا
جنهن سرڪش سامونڊن تي ٻيڙا ڪاهيا
جنهن غارن مان نڪري گهر ٺاهيا
جنهن منهنجي خوف ڀريل رات کي
مات ڏيڻ لاءِ ميڻ بتي ايجاد ڪئي
جنهن منهنجي تحفظ لاءِ تلوار کنئي
جنهن منهنجي لاءِ درياهن جا رخ تبديل ڪيا
جنهن منهجي لاءِ تهذيب جو بنياد وڌو!
اي خدا!
اڄ مان تنهنجي حضور ۾
اهو مرد وٺي آئي آهيان
جنهن منهنجي لاءِ توکان بغاوت ڪئي
اي خدا!
تنهنجي بهشت مان نڪري
مون ان مرد جي دل ۾ پناهه ورتي
اها دل جيڪا ڪائنات کان ڪشادي آهي!
اي خدا!
تون هن مرد کي معاف ڪر
هي جيڪو باغي آهي
سرڪش آهي
هي ڪنڌ جهڪائڻ بدران
ڪنڌ ڪٽائيندو آهي
هي جيڪو جنسي جانور آهي
اي خدا!
هي مون لاءِ ڳائيندو به رهيو آهي
ساز به وڄائيندو رهيو آهي
هي مون کي رڳو رسائيندو نه
پر پرچائيندو به رهيو آهي!
اي خدا!
هي چريو آهي
اڌ فرشتي ۽ اڌ درندي جهڙو
هي مرد
مون کي ڪڏهن ڇڏي نه ويو
هن مون کي ڪڏهن نه چيو
“تون ڪني آهين”
هن سدائين منهنجي ساراهه ڪئي
هن مون تي سهرا لکيا
هن مون لاءِ سينگار سوچيا
هن منهنجي چپن لاءِ مساڳ آندو
هن منهنجي اکين لاءِ
ڪجل ٺاهيو
هو منهنجي ڪنن ۾
والن وانگر لڙڪيو!
اي خدا! هي منهنجو همراز
هي منهنجو غم ساز
هي منهنجو غم گسار
هي مرد!
جنهن منهنجي محبت
منهنجي ٻارن ۾ تلاش ڪئي
اي خدا!
فقط تون ئي مان ڄاڻون ٿا
هن اهي ٻار به پاليا
جيڪي هن جا نه هئا!
اي خدا!
اڄ تنهنجي بارگاهه ۾
مان اهو مرد وٺي آئي آهيان
جيڪو صدين جي سفر جو
ٿڪايل آهي
جيڪو نهن کان چوٽيءَ تائين
گهايل آهي
اي خدا!
مون کي اجازت ڏي
مان گنهاهگار عورت
تنهنجي آڏو
ان مرد کي سجدو ڪريان
جيڪو منهنجو مزاجي نه
پر حقيقي خدا آهي
مون سان گڏ
۽ پاڻ کان جدا آهي….!
تحریر لِنک
“