سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تي پارڪن روڊن سرڪاري زمين پلاٽن قبرستانن تاريخي ماڳ مڪانن ايريگئشن جي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرڻ لاء آپريشن ھلي رھيا آھن روزاني سنڌ ۾ ھزارين گھر ڊھي رھيا آۡھن ليڪن.سنڌ جي تاريخي ماڳ پڪو قلعو جي وڏي حصي تي ٿيل قبضو ختم پيو ڪيو وڃي جنھن ڪري سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي سڃاڻپ بنيل پڪو قلعو تباهه ٿي رهيو آهي. جنھن ڪري پڪي قلعي حيدرآباد تان قبضو ختم ڪري هنگامي بنيادن تي بچائڻ لاءِ اپاءُ نه ورتا ويا ته هي تاريخي قلعو مڪمل طور تباهه ۽ برباد ٿي ويندو نيرون ڪوٽ جو قلعو جو بعد ۾ حيدرآباد جو قلعو نالي سان مشهور ٿيو آهي. روايتون آهن ته هي نيرو نالي هڪ هندو ٻڌايو هو. اهي به روايتون آهن ته هي قلعو جبل جي جنهن ٽڪر تي آهي. اهو نيرون ٽڪر آهي ان ڪري هي قلعو نيرون ڪوٽ قلعو جي نالي سان مشهور ٿيو. هي قلعو ڪڏهن ٺهيو ان بابت به ڪئين روايتون آهن پر پڪي ثابتي نه ملي سگهي آهي. خيال آهي ته هي قلعو 600ع ڌاري ٺهيو هو. هي قلعو ماضي کان ميرن جي حڪومت تائين فوجي اهميت جو حامل رهندو آيو آهي. تاريخ ۾ اچي ٿو ته راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ راجا ڏاهر جو پٽ جئسينه پڻ مختلف وقتن تي هتي اچي رهيو آهي. محمد بن قاسم ديبل فتح ڪرڻ کانپوءِ جڏهن موجوده حيدرآباد واري علائقي ۾ پهتو ته ان وقت حيدرآباد ننڍي وستي هئي. تاريخي حوالن موجب نيرون قلعو ٻڌڌرم جي پوئلڳن جي بستي هئي. هتان جي حاڪم جو نالو بهندرڪو هو. هن حاڪم عراق جي گورنر حجاج بن يوسف سان ٺاهه جو معاهدو ٿيل هو. ان ڪري محمد بن قاسم هن قلعي تي حملو نه ڪيو. ۽ محمد بن قاسم لاءِ قلعي جا دروازا کوليا ويا سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. محمد بن قاسم پنهنجي سردارن سان گڏ قلعي جو دورو ڪيو ۽ اندر هڪ مسجد جي تعمير جو حڪم ڏنائين. 800ع کان 1600ع ۽ 1700ع ۾ ارغونن ترخانن، مغلن جي دور جو مختصر احوال تاريخ ۾ درج ٿيل آهي. مرزا محمد باقي نيرون ڪوٽ وارو علائقو مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي سلطان جي حوالي ڪيو. تحفة الڪرام ۾ آهي ته مرزا غازي بيگ جي دور ۾ ٺٽي جي نواب خسرو خان جو ڏوهٽو نيرون ڪوٽ جو حاڪم رهيو. اها به روايت آهي ته خواجه عبيدالله احرار جي اولاد مان خواجه ڪمال الدين جو ارغونن سان گڏ آيو ۽ اچي ٺٽو ۾ رهيو ان جو پوٽو خواجه امير ابوتراب اتي ئي وصال ڪيائين اتي ئي دفن ٿيو. 1800ع ۾ ڪلهوڙا دور ۾ غلام شاهه ڪلهوڙو نيرون ڪوٽ واري هنڌ نئون قلعو جوڙايو ڇاڪاڻ ته پراڻو قلعو زبون حالي ٿي ويو هو، روايتون آهن ته مير ايوب تراب کان پوءِ ڪو حڪمران يا ڪو نواب ڪو سردار هن قلعي ۾ نه رهيو هو. غلام شاهه جي حڪم تي 1789ع جنوري، بمطابق 1182هه ذوالفقده مهيني ۾ نيرون ڪوٽ قلعي جي هنڌ نئون قلعو ٻڌائڻ جو فيصلو ٿيو مشهور مورخ مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته ”مهيني ذوالقعده سنه 1182هه ۾ نيرون ڪوٽ سرزمين تي هڪ مضبوط جبل آهي. تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي آهي. ٻن مهينن ۾ اهو قلعو هنگامي حالتن ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ ان قلعي ۽ شهر جو نالو حيدرآباد رکيو ويو ۽ اتي جيڪو نئون شهر ٻڌايو ويو ان بابت روايتون آهن ته اهو شهر موجوده شاهي بازار، طاهر بازار وارو علائقو هو.غلام شاهه جي وصال بعد سندس پٽ ميان سرفراز پنهنجي گادي جو هنڌ هالا وٽ خدا آباد کي بنايو. ميرن سان ڪيل جنگ ۾ ميان عبدالنبي ميان سرفراز، ميان عطر خان ۽ ٻين کي گرفتار ڪري هن قلعي ۾ قيد ڪيو ويو. ۽ قيد خاني ۾ ئي قتل ڪرايو ويو. ميرن جي حڪومت ۾ به ڪجهه وقت سندن تخت گاهه خدا آباد رهيو. بعد ۾ فاتح سنڌ مير فتح علي خان 1789ع ۾ خدا آباد کي ڇڏي هن قلعي ۾ اچي رهيو. ۽ حيدرآباد کي وسيع ڪيو ترقي ڏني. انگريز جي قبضي بعد هن تاريخي قلعي جو زوال شروع ٿيو. پاڪستان ٺهڻ بعد. ڀارت مان آيل مهاجر ڀائرن غير قانوني طور هن تاريخي قلعي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ تاريخي يادگارن کي ڊاهي ان مان سرون ڪڍي وڏي تعداد ۾ گهر ۽ دوڪان ٺاهيا اهڙو عمل آثارِ قديمه جي قانون جي ابتڙ آهي. ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ اهڙو عمل نه ٿيو ته اتان جي تاريخي ڪوٽن قلعن اندر گهر ٺاهيا وڃن ۽ تاريخي يادگارن کي ڊاهي پٽ ڪري سرون ڪڍي اتي وڏي تعداد ۾ جڳهيون ٺاهيون وڃن جڏهن ته ان قلعي مان ڪيتريون ئي نادر شيون کڄي ويون آهن. پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين حيدرآباد پڪي قلعي جي آثار قديم پاران سار سنڀال نه لهڻ ڪري ڪابه مرمت نه ٿيڻ ڪري قلعي اندر رهائشي گهرن مان نڪرندڙ گٽر جي پاڻي ڪيترن ئي هنڌن تان قلعي جي ديوارن ۾ وهڻ ڪري ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آهن قلعي جي مضبوط ديوار هنڌان هنڌان ڀري رهي آهي. قلعي جا حصا آهستي آهستي ڪري رهيا آهن. قلعي کي ائين تباهه ڪرڻ ۾ قلعي اندر رهندڙ ماڻهن جو وڏو هٿ آهي. پاڪستان ٺهڻ بعد 1947ع ۾ هندستان مان آيل مهاجر ڀائرن کي آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيل اداري سيٽلمنٽ وارن سنڌ جي هن تاريخي ثقافتي ورثي کي تباهه ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي هن تاريخي قلعي ۾ ماضي جي حڪمرانن جي رهائش گاهه. سندن حويلين، سندن فوجي سالارن، فوجين، نوڪرن لاءِ ٺاهيل گهرن ۽ گهوڙن لاءِ ٺاهيل جاين کي به الاٽ ڪري ڏنو. جيڪو قانوني اخلاقي طور غلط هو ۽ آهي غير قانوني عمل هو ۽ آهي ۽ هن تاريخي قلعي جو زوال اتان شروع ٿيو. ماضي ۾ ملڪ جا آثار قديم وفاقي حڪومت وٽ رهيا آهن ۽ وفاقي حڪومت آثار قديمه کي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن. وفاقي حڪومت پاران سڀ کان وڌيڪ رقم پنجاب جي آثار قديمه لاءِ رکي ويندي آهي، باقي صوبن خاص طور سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن جي عڪاسي ڪندڙ آثار مٽجي رهيا آهن ڪيترائي مٽجي ويا آهن. ڪيترائي تاريخي دڙا آثارن کي لينڊ مافيه کي غير قانوني طور الاٽ ڪرائي ڇڏيا آهن.سابقه پ پ پ حڪومت جو اهو هڪ ڪارناموآهي ته ملڪ جي اهڙن ڪوٽن، قلعن، تاريخي ماڳن کي بچائڻ انهن کي اصولوڪي حالت ۾ آڻڻ لاءِ آثارِ قديمه هر صوبي جي ثقافت کاتي جي حوالي ڪيا آهن. ليڪن فنڊ نه هئڻ ڪري اهڙن ماڳن مڪانن جي سروي ڪئي وئي آهي پر سروي وارن کان 51 کان وڌيڪ اهڙا ماڳ مڪان سروي کان رهجي ويا آهن. ليڪن مسئلو ته جتي هو اتي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي بچائڻ لاءِ خصوصي فنڊ نه ڏنا ويا آهن.فنڊ نه ملڻ جي ڪري حيدرآباد جو پڪو قلعو کي بچائڻ ۽ ان کي ساڳي حالت ۾ آڻڻ ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته جيسين پڪو قلعو ۾ رهندڙن کي اتان ڪڍي کين متبادل رهائش ڏني وڃي. حيدرآباد جي پڪي قلعي جي تباهي ۽ هن کي فوري طور وڌيڪ نقصان پهچڻ کان بچائڻ لاءِ ثقافت کاتي جي سابقه وزير ميڊم سسئي پليجو مئي 2010ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ دانهون ڪيون ته پڪي قلعي کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قلعي اندر رهندڙن کي اتان ڪڍي انهن لاءِ رهائش جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي. قلعي جي بنا دير مرمت ڪرائي وڃي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو ثقافت کاتي جي ڪنهن وزير اهڙي جرئت ڪئي. ليڪن ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو جو هي آواز اسيمبلي جي فائيلن ۾ دٻجي ويو. اسيمبلي ۾ اٿاريل سندس هن آواز کي ڪئين سال گذري ويا آهن، يعني پ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ تائين نه ته قلعي ۾ رهندڙن کي انساني همدردي تحت متبادل رهائش جو انتظام ڪيو ويو نه وري قلعي کي بچائڻ لاءِ ڪو هنگامي فنڊ رکي ماسٽر پلان جوڙيو ويو. ۽ هن وقت تائين ائين نه ڪيو ويو آهي، ثقافت کاتي جي موجوده وزير سيد سردار علي شاهه به پڪي قلعي مان رهائشي جايون ختم ڪري قلعي کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي، سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا هن قلعي کي انهي حال ۾ ڇڏيو ويندو؟؟ جيڪڏهن هن تاريخي قلعي کي بچائڻ لاءِ فوري طور ڪجهه نه ڪيو ويو ته هاڻ هي مڪمل تباهه برباد ٿي ويندو.
اسان کي يقين هو ته سسئي پليجو جي هن قلعي بابت اٿاريل آواز کي سنڌ جا علمي، ادبي، ثقافتي، سياسي، سماجي حلقا سگهارو بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اسان کي اها به اميد هئي ته متحده قومي مومينٽ وارا جن جو هر اقتدار ۾ شيئر رهيو، اهي به سنڌ جي هن قديم قلعي کي بچائڻ لاءِ سسئي پليجو جي ان موقوف جي حمايت ڪندا ۽ متحده جي اڳواڻن کان وٺي عام ڪارڪن تائين حيدرآباد جي سڃاڻپ واري هن قلعي کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا، ليڪن ايئن نه ٿيو.اسين حڪمرانن کي گذارش ڪنداسين ته حيدرآباد جي قلعي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي اتي غير قانوني طور رهندڙن کي انساني همدردي تحت متبادل رهائش ڏني وڃي ۽ هن قلعي کي اصلوڪي حالت ۾ آڻڻ لاءِ ماسٽر پلان جوڙي وڃي ۽ لاهور جي شاهي قلعي وانگر اهڙي انداز ۾ مرمت ڪرائي وڃي جو هن قلعي جي اصلوڪي سونهن برقرار رهي سگهي. اسان سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کي گذارش ڪنداسين ته مھرباني ڪري جھرندڙ تاريخي ماڳ حيدرآباد سھر جي سڃاڻپ بنيل پڪي قلعي ۾ غير قانوني طور ويٺل ماڻھن کي فوري طور اتان لڏائي انھن جي متبادل رھائيش لاء حيدرآباد وٽ خريد ڪيل.زمين کين الاٽ ڪئي وڃي
اسماء صبا خواج کا افسانہ مایوسی فنی و فکری مطالعہ
اسماء صبا خواج کا تعلق لکھیم پور کھیری ہندوستان سے ہے، اردو کی ممتاز لکھاری ہیں، آپ کا افسانہ ''مایوسی"...