جمع ڏينھن منشيات خلاف عالمي ڏينھن ملھايو ويو سوشل ميڊيا تي ايڪسائيز پوليس ۽ ڪجھ پوليس آفيسرن سنڌَ جي ڪافي ڊي ايس پيز ايس ايڇ اوز جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلين جا وڊيو ۽ پوسٽون نظر آيون منشيات خلاف ھي عالمي ڏينھن ھر سال ملھائيندا آُھيون سنڌ جي گورنر وڏي وزير ايڪسائيز جو وزير آء جي پوليس سنڌ جا پيغام به ھر سال نظر ايندا آھن اھڙيو ن ريليون به ھر سال نڪرنديون آھن ريليون ڪڍندڙ ڪافي اھڙا ايس ايڇ او به نظر ايندا آھن جن جي حدن ۾ منشيات سري عام ھلندي آھي ماضي ۾ نشن ۾ شراب ڪچو شراب عرف ٺرو آفيم چرس ڀنگ ھوندا ھئا جنرل ضياء جي دور کان اڳ شراب آفيم ڏوڏي جا گتي جي نالي سان تقريبن ھر شھر ۾ دوڪان ھئا جنرل ضياء جي دور ۾ انھن گتن کي بند ڪيو ويو بعد ۾ صرف ھندن لاء شراب جي گتن لاء لائسنس جاري ڪيا ويا باقين نشن تي بندش وڌي وئي سڀ خراب آھن ڪنھن به مذھب ۾ نشي ڪرڻ جي اجازت نه آھي نشو ڪرڻ گناه قرار ڏنل آھي ماضي ۾ اسان وٽ شھراب ديسي شراب چرس آفيم ڀنگ جو نشو واپرايو ويندو ھو ھيروئن جو نشو جنرل ضياء جي حڪومت جو تحفو آھي وقت گذرڻ سان گڏ اسان وٽ نوان نشا مئن پري گھٽڪو مائو ظفري سفينا مائو جيم شيشو ۽ ٻيا ڪيترائي مختلف نالن سان نشا عام تي ويا آھن اھي نشا ھئڻَ جي باوجود ايڪسائيز پوليس پاران ڇاپا ھڻڻ گرفتاريون ڪرڻ جو اختيار نه آھي حالانڪ ھي نشا چرس آفيم ڀنگ شراب کان وڌيڪ خطرناڪ آھن چرس آفيم ھيروئن ڀنگ شراب ٺري کي روڪڻ لاء اھو نشو ھلائيدڙن خلاف قانوني ڪارواين لاء ايڪسائيز ۽ پوليس وٽ اختيار آھن پر سنڌ ۾ اھي نشا سري عام ھلي رھيا آھن جتان پوليس ۽ ايڪسائيز وارن جا ڀتا مقرر ھئڻ ڪري ھي ڪاروائي نٿا ڪن ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي تقريبن سنڌ جي ھر شھر مان شڪايتون نظر اينديون آھن تقريبن ھر شھر ڳوٺ ۾ ٺري جون بٺيون آھن ٺري ٺاھڻ وارا ٺري کي وڌيڪ نشي وارو بنائيڻ لاء ڪيميڪل استعمال ڪرڻ ڪري اھو زھريلو ٿي ويندو آھي جنھن ڪري ٺرو پئڻ ڪري ھڪ ئي وقت ڪيترائي ماڻھون مرڻ جا واقعا ٿيندا رھيا آھن شراب قديم زماني کان پيتو وڃي ٿو حضرت محمد صه جن جي دور ۾ شراب کي حرام قرار ڏنو ويو
حالانڪ ھندو مذھب ۾ به شراب سميت ھر نشو حرام قرار ڏنل آھي پوء ۡھنن لاء شراب گتن جا لائيسنس ڇو ڏنا ويا آھن مزي جھڙي ڳالھ اھا ته شراب جي گتن تان ھندو گھٽ مسلمان وڌيڪ وٺن ٿا شراب جي گتن مسلمانن کي شراب ٻيڻي ٽيڻي اگھن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو ان ڪري به ٺري جي وڪري ۾ اضآفو ٿي ويو آھي خير اھو الڳ موضوع آۡھي ان تي مون اڳ به لکيو آھي آئينده به لکڻ جي ڪوشش ڪبي ٺرو جيڪو زھر آھي جنھن سان ڪاري ڪامڻ دل گردن پيٽ معدي ڦڦڙن ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون ٺري ٺاھڻ ۽ وڪرو ڪرڻ تي سخت پابندي ھئڻ جي باوجود تقريبن سنڌ جي ھر شھر ڳوٺ ۾ ٺھي پيو ۽ وڪرو ٿئي 2016ع ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ٺرو پئڻ ڪري 200کان وڌيڪ ماڻھون مئا ھئا ٽنڊو محمد خان جا ڪجھ صحافي ٻڌائين ٿا ته ٽنڊو محمد خان ۾ ٺري پئڻ ڪري 400ماڻھون مئا ھئا پر سندن مائيٽن خواري کان ۽ پوليس جي دٻاء جي ڪري اھي لڪايا ويا ھئا ان وقت اسان به ٽنڊو محمد خان پھچي صحافين ساڃاھ وندن سان ملياسين ته خبر پئي ته ٽنڊو محمد خان ضلع ۾ 400کان وڌيڪ شراب جون بٺيون منظم انداز ۾ ھلن پيون جن جي سرپرستي اقتداري پارٽي جو ھڪ بااثر ڪري رھيو آھي اھو ڌنڌو پوليس جي آشيروارد سان ھليو پي جنھن جي ان وقت جي ايس ايس پي کي به خبر ھئي ان واقعي بعد ايس ايس پي کي ھٽايو ويو ظاھري طور ٺري جي بٺين جو ڌڻي بنيل علي نواز پنھور کي گرفتار ڪيو ويو ان مسئلي تي اسيمبلي جي فلور تي به ڳالھايو ويو ۽ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائيم علي شاھ ميڊيا سخت بيان به سامھون آيو ته ٺرو ٺاھيندڙ وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي سنڌ ۾ ٺرو ٺھڻ ۽ وڪرو ٿيڻ نه ڏبو ان وقعي وقت اي ڊي خواجه آء جي سنڌ ھو ان جي سخت ھدايتن تي سڄي سنڌ ۾ پوليس ٺري جي خلاف وٺ پڪڙ ڪرڻ جي باوجود اھو ڌنڌو مڪمل طور ته بند نه ٿيو پر ڪجھ وقت لاء ٺھڻ ۽ وڪرو ٿيڻ ۾ ڪجھ گھٽتائي آئي بعد ۾ عام پھاڪي اھو ڱن اھا ڪھاڙي وانگر وري اھو ڌنڌو منظم انداز ۾ سڄي سنڌ ۾ شروع ٿي ويو ۽ ميڊيا تي ٺري جي ڪري ماڻھن جي مرڻ جون خبرون ميڊيا تي نظر اچن ٿيون اتي چند ڏينھن پوليس نمائيشي ڪاروايون ڪري بعد به اجازت ڏيو ڇڏي اوھان کي اھو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ٽنڊو محمد خان ۾ ٺري کي وڌيڪ نشيدار ڪرڻ لاء ڪيميڪل جي استعمال ڪرڻ ڪري زھيريلو ٿي وڃڻ ڪري ماڻھون مئا ان جي ذميوار علي نواز پنھور ضمات تي آزاد آھي ھن واقعي تي ان وقت جي آء
اي ڊي خواجه جي آء ٽي جوڙي ھئي پر افسوس جو جوڙيل جي آء ٽي چار سال گذري وڃڻ جي باوجود تحقيقاتي رپورٽ پڌري نه ٿي سگھي آھي ان ۾ بھتر ڪردار وارا پوليس آفيسر ساڃاھ وند ۽ ٽنڊو محمد خان ٽي کن صحافي به شامل ھئا جي آء ٽي ٽيم جانچ ڪئي يا نه ڪيترو فعال ھئي آيا ھن رپورٽ جي آء ٽي جي سربراه کي پيش ڪئي يا نه ڪئي پر اھا رپورٽ پڌري نه ڪئي وئي جي آء ٽي جو سربراه ان وقت جو آء جي سنڌ اي ڊي خواجه بدلي ٿد وڃڻ بعد ان جو سربراه جيڪو آء جي ھوندو اھو ئي سربراه ھوندو آھي پر ان رپورٽ جو ڇا ٿيو ان جو جواب ته جوڙيل جي آء ٽي ڏئي سگھي ٿي چوڻ وارا چون ٿا ته اگر جي آء ٽي حقيقي رپورٽ پڌري ٿئي ھا ته اقتداري پارٽي جا ڪيترائي ڀوتار جن جو ان ڌنڌي ۾ ھٿ ھو ڪيترائي پوليس آفيسرن جا چھرا بي نقاب ٿين ھا ان ڪري اي ڊي خواجه جي بدلي بعد جيڪو نئون آء جي آيو ان کي روڪيو ويو ته جي آء ٽي جي رپورٽ پڌري نه ڪئي وڃي ٽنڊو محمد خان ۾ ٺري ۾ آفيشل طور به 200ماڻھون ٺري ۾ مرڻ تي سنڌ ھاء ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گھرجي ھا انصاف جي تقاضا ته اھا ھئي ته ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير کي جي آء ٽي جوڙي چاليھ ڏينھن ۾ جانچ مڪمل ڪري رپورٽ پڌري ڪرڻ جو اعلان ڪري ھا پر سنڌ حڪومت به اھڙي ذميواري محسوس نه ڪئي ڪافي وقت کان ڇرس ھيروئن آفيم ڀنگ شراب سان گڏ نوان نشا ھٽڪو مين پوري سفينا ظفري سٽي جيم مائو ۽ ٻين نالن سان سري عام ھلي رھيا آھن ماضي وارن نشن کي ماڻھون عيب سمجھندا ۡھئا پر ھنن ذڪر ڪيل نشن کي فئشن طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ھن نشي ۾ ھر عمر جا مرد عورتون مبتلا آھن ۽ وڌيڪ مبتلا ٿي رھيا آھن شروع ۾ ته ھنن نشن تي ڪابه بندش نه ھئي پر اڳتي ھلي بندش پئي ته پوليس جي چاندي ٿي وئي اھڙي منشيات جي ٺھڻ ۽ وڪرو خلاف ڪمزور قانون ھئڻ ڪري ھي نشو بند نه ٿي سگھيو ليڪن پوليس جي ڪمائي جو ذريعو بنجي ويو جڏھن به ڪنھن شھر مان ھن منشيات خلاف ميڊيا تي شڪايتون ٿينديون ھيون ته پوليس حڪام جي نوٽيس وٺڻ تي پوليس وڏن ڊيلرن بجاء ڪنھن ڪئبين واري پويا چند پڙا لڳائي ڪيس داخل ڪري شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو ھو جيڪي ڪورٽ ۾ اقراري ٿيندا ھئا ته ڪورٽون پاران لڳائيل چند سو رپيا ڏنڊ ڀري آزاد ٿي ويندا ھئا نشا سڀ خراب آھن پر مئن پوري گھٽڪو مائو ظفري سفينا جيم ۽ اھڙا ٻيا آيل نوان نشا اتھائي خطرناڪ آھن ھنن نشن سان ڪينسر ڦڦڙن جي تڪليف گردن جون معددي جگر جون بيماريون ٿين ٿيون ڪينسر ڪري گلن ۾ سوراخ ٿي وڃنن ٿا ھنن نشن جي نقصانن بابت اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو پيو وڃي جن کي ھنن نشن ڪري ڪينسر ٿيڻ ڪري گلن ڻ سوراخ ٿين ٿا انھن جون خوفناڪ تصويرون سوشل ميڊيا تي ڏسڻ جي باوجود ھنن نشن جا عادي ٿيل ماڻھون ھي نشو نٿا ڇڏين شروع ۾ گھٽڪي مئن پوري جون فيڪٽريون ڪراچي ميرپور خاص حيدرآباد لاڙڪاڻو سکر ۾ ھونديون ھيون پر جڏھن مئن پوري گھٽڪو واپرائيڻ وارن جو تعداد وڌيو ته ھنن جون فيڪٽريون پھرين وڏن شھرن ۽ ھاڻ ته ننڍن شھرن ۾ فيڪٽريون قائيم ڪيون ويون مائو ظفري جيم جون ڪراچي حيدرآباد ۾ فيڪٽريون آھن جڏھن ته بلوچستان جي ڪيترن ئي شھرن ۾ فيڪٽريون آھن جڏھن ته سفينا ڀارت مان اچي ٿي ھڪ سروي موجب سڄي ملڪ ۾ سنڌ مٿي ذڪر ڪيل نشن جي واھپي جو مرڪز آھي باقين صوبن ۾ به ۡھن نشي جو واھپو آھي پر نه ھئڻ برابر لڳي ٿو سنڌ واسين کي ھنن موت مار ۾ ماڻھن کي مفلوج ڪري ڇڏيندڙ ھنن نشن کي ھڪ سازش تحت ڦھلايو ويو آھي گھٽڪا مئن پوري مائو سفينا ظفري جيم جھڙن نشن خلاف سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ داخل ھڪ پٽيشن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران حڪم جاري ڪيو ويو جنھن موجب مين پڙي، گھٽڪي يا ڪنھن ٻئي اھڙي شئي جيڪا عام صحت کي نقصان رسائيندڙ قرار ڏنل آھي، رکندڙ يا کپائيندڙ تي پي پي سي جي سيڪشنن 269، 270 يا 273 بجاءِ پي پي سي جو انجري وارو سيڪشن زھر جي وسيلي گھاءّ رسائڻ 337 J لاڳو ٿيندو، جنھن ۾ 10 سالن تائين جيل جي سزا ھوندي ۽ ان ڏوھ جي الزام ۾ گرفتار کي ٿاڻي تان ضمانت نه ملي سگھندي، اسان سمڌو ته سنڌ ھاء ڪورٽ پاران اھڙي حڪم بعد ھي نشا ھاڻ ختم ٿي ويندا ڪورٽ جي اھڙي بعد ھفتو ٻه ھفتا پوليس سختي ڪئي پر صرف ڪيبئن وارن ننڍن ڊيلرن کي گرفتار ڪري ڪمزور ڪيس داخل ڪري چالان ڪيو جڏھن ته چند وڏن ڊيلرن ڪجھ فيڪٽرين وارن جن تي پوليس جي ڪاوڙ ھئي انھن کي 337j جا قلم لاڳو ڪيا ان بعد ھي نشا تقريبن سڄي سنڌ جي ھر شھر ڳوٺ واھڻ وستي ۾ سري عام ھلي رھيا آھن اسان جي ملڪ جا ڀارت سان ڪشمير اشو تي تڪرار جي ڪري وڌي ويل ھيڏي ڪشيدگي جي باوجود روزانو ڪئين ٽنن جي حساب سان ڀارت مان ھتي ڪئين ٿي پھچي اھو ھڪ وڏو سوال آھي جنھن جو جواڀ اينداڙ ڪنھن ڪالم ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين اھڙو اھڙو سوال آھي جنھن جو جواب ڪالمسٽن ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي اھڙا راز جڏھن فاش ٿيندا ته وڏو تلڪو مچندو ۽ ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جي زندگي کي خطرو آھي بدقسمتي سان اسان جو ملڪ مختلف طاقتور مافيائون جي حوالي آھي بس ڪڇان ته ڪافر واري ڳالھ آھي اسان ڳالھ پي ڪئي ميرپور خاص ۾ منشيات جي ته ڪجھ وقت اڳ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اھي خبرن نظر آيون ته ھر ھفتي سفينا جو ڪنٽير عمرڪوٽ ۾ اچي ٿو چيو وڃي ٿو ته جن وٽ سفينا جو ۡھر ھفتي ڪنٽيئر اچي ٿو انھن منشيات فروشن کي اقتداري پارٽي جي ھڪ اھم ۽ طاقتور شخصيت جو مڪلمل آشيرووارد حاصل آھي عمرڪوٽ ۾ غلط يا صحي پر اھو پڙاڏو ھلي پيو ته سفينا جو ڊيلر پوليس کي ھر مھيني لکين رپئا ڏين ٿا جڏھن ته منشيات خلاف آواز اٿاريندڙن کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري وڃي ٿي پوء جنھن تي به راضي ٿين عمرڪوٽ جي ڪئبنن دوڪانن تي سفينا سميت مٿي ذڪر ڪيل منشيات سري عام ائين ٿي ھلي جئين ٽافيون چاڪليٽ بسڪيٽ ھلن ٿا عمرڪوٽ ۾ سفينا ۽ ٻي منشيات جي الڳ ڪھاڻي آھي جنھن جو الڳ ذڪر ڪبو ھتي نه ھي نشا ڪورٽ پاران بند ڪرڻ هو حڪم ۽ 337 جي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي جنھن ۾ ڏھن سالن تائين سزا ايندي ان الزام ۾ گرفتار ٿيندڙن کي ٿاڻي تان شخصي ضمانت نه ٿيندي صرف ڪوٽ غلامحمد ليڪن پوليس سنڌ ھاء ڪورٽ جي اھڙي حڪم تي عمل ڪرائيڻ بجاء پھنجا اگھ وڌائي ڇڏيا آھن اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ گھٽڪي مين پوري جون فيڪٽريون اقتداري ڀوتارن ۽ پوليس جي آشيروارد سان ھلي رھيا آھن گھٽڪي مين پوري جي فيڪٽرين جي حوالي سان ڪراچي حيدرآباد کان پوء ميرپورخاص ٽئي نمبر تي آھي جتان ڪافي ضلعن ۾ اھڙي منشيات وڪرو ٿئي ٿي جڏھن ته ھيروئن چرس آفيم جو وھاپو به وڌي ويو آھي چرس جي حوالي سان ڪراچي ٽاپ تي آھي ھڪ سروي موجب دنيا ۾ چرس پئڻ جي حوالي سان آمريڪا جو شھر نيو يارڪ آھي جتي روزانو 77ٽن چرس پيتو وڃي ٿو دنيا ۾ چرس پئندڙن جي حوالي سان ڪراچي ٻئي نمبر تي آھي جتي روز 42ٽن چرس پيتو وڃي ٿو جڏھن ته ھيروئن چرس آفيم ٺري جي حوالي سان پاڪستان جي سڀن صوبن ۾ ٽاپ تي آھي چرس آفيم ھيرون افغانستان مان اچي ٿي پاڪ افغان سرحد تي سخت چيڪنگ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڇپي چپي تي پوليس جي چيگنگ صوبن جي سرحد تي رينجرس جي چيڪنگ جي باوجود سنڌ ۾ ھيڏي وڌڏي مقدار ۾ افغان مان منشيات اچڻ ھڪ سواله نشاني آھي ان تي ڪنھن ٻئي دفعي بعث ڪبو اسان جي پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن منشيات جي واپارين کي گرفتار ڪري انھن خلاف قانوني ڪاروايون ڪرڻ بجاء مولين کي گرفتار ڪري چالان ڪرڻ وارا ڪارنامه ڪندا آھن منشيات جي عالمف ڏينھن تي سنڌ جي وڏي وزير آء جي پوليس ۽ ايڪسائيز جي وزير ۽ ٻئي حڪام کي گذارش ڪنداسين ته سنڌ کي منشياٿ کان پاڪ کي نوجوان نسل کي تباه تيڻ کان بچايو وڃي گھٽڪي مين پوري سفينا ظفري مائو سٽي جيم شيشي ۽ ٻين اھڙن نشن کي به منشيات ۾ شامل ڪري ايڪسائيز پوليس کي به ھنن نشن کي روڪڻ لاء ڪاروايون ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃن جنھن ضلع ۾ منشيات خلاف شڪايتون ٿين ته ان تي نوٽيس ورتو وڃي جنھن پوليس حد ۾ منشيات ھلي ته اتان جي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او خلاف سخت ڪاروائي ٿيڻ گھرجي منشيات خلاف ڪاروايون ڪندڙ پوليس کي انعام ڏنا وڃن منشيات خلاف آواز اٿاريندڙ صحافين سماجي ورڪرن کي ھر سال منشيات خلاف عالمي ڏينھن تي ايوارڊ ڏنا وڃن ۡکين مڪمل تحفظ ڏنو وڃي