گند جو ڍير
هوءَ ائين هئي جيئن لهندڙ سج.عورت جي عمر جي ميز تي گذرندڙ وقت جي دز ڄمي وڃي ته لهي نه سگهندي آهي.عورت به ڪير … بازار ۾ ويٺل هڪ بيسوا؟ستن قرآنن جي برابر ته شريفن جي گهرن ۾ ويٺل عورتن کي سمجهيو ويندو آهي.بازار جو سينگار بڻيل عورتن جي ڪهڙي عزت؟انهن جا وجود ته وهندڙ واهه هوندا آهن .. جنهن جي دل گهري پنهنجو پاڻ ڌوئي.هن وٽان راحت جا لمحا ميڙي پنهنجي غلاظت ڇڏي ويندڙ مرد گذاريل مخصوص گهڙين کان سواءِ هڪ نظر به پيار جي کيس ارپڻ ڄڻ ته پنهنجي مردانگيءَ جي توهين سمجهندا هئا.هوءَ عمر جي اڻيتاليهين ڏاڪي تي پير رکي چڪي هئي.جوڀن جا رنگ هوريان هوريان هن کان موڪلائي رهيا هئا.اڻيهن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ تجربن کيس ٻڌائي ڇڏيو هو ته هن معاشري ۾ سندس حيثيت گند جي ڍير کان وڌيڪ ناهي.شهر جا ڪامورا،وڏا رئيس،نالي وارا سياستدان،مالدار واپاري ۽ وڏن آفيسرن جو بگڙيل اولاد .. ڪنهن ڪنهن کي هن خوش نه ڪيو هو پر هن کي خوش ڪرڻ ڪنهن به ضروري نه سمجهيو هو.واسنا جي وهڪري ۾ لڙهندي جڏهن بدن ساڻوٿي وڌيڪ پَٽَ سَٽَ کان جواب ڏئي ڇڏيندو هين ته هن جي جند آجي ٿيندي هئي.ڍاپجڻ جي هڪ لمحي کان اڳ اهي ئي ڪامورا سندس پيرن جون تِريون چٽيندا هئا .. انگ انگ چمندا هئا ۽ اهو لمحو گذرڻ کان پوءِ کيس پاڻ کان ائين پري ڌڪي ڇڏيندا هئا ڄڻ ته کن پل ۾ گلن جي ٽوڪري گند جو ڍير بڻجي وئي هجي.ان وقت هن کي پنهنجي پاڻ کان،پنهنجي هجڻ کان ڏاڍي ڪرڀ ايندي هئي.سوچيندي هئي .. هن جو وجود اگر گند آهي،ڪچرو آهي ته پوءِ انهي گند کي چٽن ڇو ٿا؟ ڪچري ۾ پنهنجو پاڻ لوئاڙين ڇو ٿا؟غلاظت مرد جي وجود جي پيداوار آهي ته نفرت هن کان ڇو؟دل چوندي هيس جسم جي پورهئي عيوض مليل چند رپين جا نوٽ انهن ئي مردن جي منهن تي اڇلي کين رڙيون ڪري ٻڌائي ته ٻه ڳاڙها نوٽ هن جي نسوانيت جي ذلت جو بدل نه ٿا ٿي سگهن.اهوئي سبب هيو جو مرد ذات سان هن کي سدائين نفرت رهي.محبت هجڻ لاءِ محبت جو ملڻ ضروري هوندو آهي.هن جنس ته کيس سدا َضرورت جي شيءِ ڄاتو.ڪنهن جي به اکين ۾ هن جي وجود لاءِ محبت نه هئي.هجي به ڇو ها؟ هوءَ عام عورت نه هئي ..هوءَ عام انسان به نه هئي .. هوءَ ڪجهه به نه هئي،هوءَ فقط بيسوا هئي .. بازار ۾ ويٺل بيسوا.
ڪجهه ڏينهن ٿيا هئا جو کيس وڌندڙ عمر جي احساس شدت سان ورايو هو.هن کي سڌ هئي ته سندس رزق هن جي جوڀن جي جوش سان ئي جڙيل آهي.وارن ۾ چانديءَ جو لهڻ بيسوا جي زندگي ۾ ائين هوندو آهي جيئن سج لٿي جو منظر.ڏکوئيندڙ .. اداس ڪندڙ!هوءَ به اداس هئي.هن جي وارن ۾ به چانديءَ جا چار وار چمڪي رهيا هئا.هوءَ پريشان هئي.ڪئين نه ٿئي ها .. هن وٽ هڪ جسم کان سواءِ ٻي دولت ئي ڪهڙي هئي؟سوچندي هئي .. جي هوءَ ويهجي وئي،پنهنجو موهه وڃائي ويٺي ته عمر جي هن حصي ۾ بنا ڪنهن مطلب جي ڪير کيس ٻه گرهه ماني جا آڇيندو؟ڪو عزيز رشتيدار به ته نه هئس.ڪير کيس سنڀاليندو؟ڪير سهارو ڏيندو؟جڏهن کان گهر ڇڏيو هيئين گهر مان هر ڪنهن هن کي به ڇڏي ڏنو هو.ٻه چار سهيليون هيس،سي به پاڻ جهڙيون .. ايندڙ وقت کان ڊنل.جن مستقبل جي ڀوءُ کان شريفن سان شاديون ڪري وڃي گهر وسايا هئا،سي سال ٻن کان پوءِ وري اچي بازار وسائي چڪيون هيون.کين سمجهه ۾ اچي ويو هو ته شرافت هنن لاءِ ناهي.سهيلين جي تجربن مان سکي هن شريف بڻجڻ جي ڪڏهن ڪوشش نه ڪئي،توڻي جو ڪيترن کيس شاديءَ جون آڇون به ڪيون پر هن انهن مٺن ٻولن کي سٺن ٻولن کان وڌيڪ نه سمجهيو.هڪ ڀيري شاهي بازار جي هڪ سوناري،وڏي پيٽ واري سيٺ ضميرسندس ارهن تي هٿ ڦيرائيندي وڏي پيار سان کيس چيو هو”مون سان شادي ڪندينءَ؟مان توکي ڏاڍو خوش رکندس منهنجي پياري“سيٺ جو 90 ڪلو وزن هن جي بت جي مٿان هيو.دل ۾ آيس سيٺ کي لت هڻي پاڻ کان پري ڌڪي ڇڏي پر لاچار هئي.سيٺ هن جو روز جو پڪو گراهڪ هيو.چيئينس”سيٺ تنهنجو وزن ئي منهنجو ساهه ٿو ڪڍي.تنهنجي شرافت جو وزن ڪئين برداشت ڪنديس؟“سندس ڳالهه ٻڌي سيٺ جا جذبا ئي ٿڌا ٿي ويا.هو هن جي ڀر ۾ ڪري سهڪڻ لڳو.هوءَ نه چاهيندي به کلي پئي هئي.سيٺ کي لڳو هوءَ هن تي ڪيل ٽوڪ تي کلي رهي آهي پر حقيقت ۾ هن جي کل سندس ئي نصيب تي ٺٺول هئي.هڪ سيٺ ئي نه ٻين به ڪيترن هن کي عزت ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي پر هن کان وڌيڪ ڪنهن کي خبر هئي ته انهن ٻٽاڪن جي عمر ڪيتري آهي؟مرد فقط عورت جي جوڀن تي مرندو آهي.جوڀن جي موڪلاڻيءَ کان پوءِهو هن جهڙين عورتن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيندو آهي.اهائي حقيقت هئي ۽ اها حقيقت هن دل سان مڃي ورتي هئي.عورت شريف هجي يا هن وانگر ٻن ٽڪن جي رنڊي .. مرد جي اکين جي تحرير پڙهي وٺندي آهي.زبان سان وڏيون ڳالهيون ڪندڙ مردن جي اکين ۾هن لاءِ محبت جو هڪ رنگ به نه هو.ڪيئن يقين ڪري ها ڪنهن به مرد تي؟ هن مرد کي سدائين غرض لاءِ انڌو ئي ڏٺو،بي غرض ڪڏهن به نه.
سياري جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا.هن وٽ ايندڙ گراهڪن جو تعداد گهٽ ٿيندي ٿيندي ختم ٿي ويو هو.ملڪ ۾ بدحالي هئي،الائي ماڻهن مان واسنا جو احساس موڪلائي ويو هو جو ڪيترن ڏينهن کان ڪنهن هن جو در ئي نه کڙڪايو.هن جي ڀر ۾ رهندڙ هن جهڙين جو پٽڪو به ساڳيو هو سواءِ مينا جي.مينا بازار ۾ نئين آئي هئي.ارڙهن سالن جي قيامت هئي.نئون نئون فصل تيار هجي ته لڻڻ وارا گهڻا ملي ويندا آهن.هن وٽ به طلبگارن جي کوٽ نه هئي.مينا ڏانهن ويندڙ گراهڪن جي اچ وڃ جو آواز هن جي ڪنن تائين پهچندو هو.هر ايندڙ ويندڙ آواز تي هوءَ ڀر ۾ ڀت تي ٽنگيل آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ڏسندي هئي.سوچيندي هئي.. هن ۾ ڪهڙي ڪمي آهي؟ڳلن جي لالاڻ،چپن جي سرخي،سيني جي بيهڪ .. سڀ ڪجهه ئي ته ساڳيو هو .. الائي هن جو وهم هو.ڪجهه ته هيو جو ايترن ڏينهن ۾ ڪنهن ڀلجي به هن جو در نه کڙڪايو.جيڪو آيو بس مينا لاءِ ئي آيو.هوءَ ته ڄڻ هوندي به نه هئي.احساسِ ڪمتري کان بچڻ لاءِ هن وارن کي رنگ ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو هو.لپ اسٽڪ جا نوان شيڊ وٺي آئي هئي.هڪ ٻه ڪپڙن جا نوان جوڙا به هيس.سيني جي اڀارن کي ظاهر ڪرڻ ۽ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ پنهنجي ماپ کان هڪ ٻه نمبر ننڍا ۽ سوڙها بريزيئر به آندا هيئين جن جي استعمال سان هن جو سينو سورنهن سالن جي ڪنواري ڇوڪري جو سينو لڳندو هو،اهڙو ئي دلڪش،اهڙو ئي وڻندڙ پر پوءِ به ايندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهي هئي.ٻه ٽي ڀيرا پنهنجي در جي چائنٺ تي به وڃي بيٺي پر ڪجهه نه وريس.مايوس ٿي گهر جي اڪيلي ڪمري ۾ ئي قيد ٿي وئي.انهن ڏينهن ۾ هن ڄڻ ته سمجهي ورتو هو ته سندس سفر اونداهه ڏانهن شروع ٿي چڪو آهي.
انهن ئي اداس ڏينهن مان هڪ تي شام جوهن جي در تي کڙڪو ٿيو.هن سمجهيو مينا جو ڪو گراهڪ ڀلجي پيو هوندو.هن کي هاڻ پاڻ تي،پنهنجي جوڀن تي ڪو يقين نه رهيو هو.ٻيهر کڙڪو ٿيو ته هن در کوليو.ڏٺئين وچولي قد سان وچولي بت جو هڪ ڇوڪرو بيٺل هو.تازي شيو ٿيل هيس.منهن مان ڪجهه ڪجهه سڃاتل پئي لڳو.سوچيئين ”آيو هوندو اڳ ان ئي بازار ۾.هوندو ڪنهن رئيس جو بگڙيل اولاد“.ڇوڪري ڪجهه نه ڪڇيو،فقط هن کي ڏٺو پئي.هن انتظار ڪيو ته ڪجهه چئي پر ڇوڪرو مسلسل چپ هيو.هن کي ئي ڳالهائڻو پيو”چئو“
ڇوڪرو اڃان به خاموش رهيو.هن سمجهيو شرمائي ٿو.اهڙن نون ايندڙن کان هوءَ واقف هئي.
”مينا جو در سامهون وارو آهي،هي ناهي.“
هن مينا جي در ڏانهن اشارو ڪري ڇوڪري جي رهنمائي ڪئي.هن کي واقعي ڪا خوشفهمي نه هئي.
”پر مون کي توهان سان ملڻو آهي“ ڇوڪري جو آواز بيحد هلڪو هيو.
”مون سان؟“ هن جي حيرت اجائي نه هئي.اهڙن ڏينهن ۾ هن ڏي به ڪو ايندو کيس اندازو نه هو.
”جي ها توهان سان“ ڇوڪري جي اقرار هن کي پڪ ڏني.هن کاٻي هٿ سان وارن کي هڪ دلربا انداز سان سنواريو.چپن تي مرڪ آڻي چيئينس ”چئو نه“
”هڪ رات جا توهان ڪيترا پئسا وٺنديون آهيو؟“
”هزار .. پر تون پنج سو ڏجانءِ بس“ هوءَ خوش ٿي وئي.عام طور تي پنج سو ئي وٺندي هئي،ڪڏهن ڪڏهن ٻه سو به پر وڌيڪ ٻڌائي گهٽ وٺڻ ان ڌنڌي جو پراڻو داءُ هيو.نوجوان ڪاليجي ڇوڪرا ته پوءِ به گهڻي رعايت گهرندا هئا.
”مان هزار ڏيندس“
”اچ نه اندر“هوءَ ڇوڪري کي ٻانهن کان ڇڪي کيس اندر ڪمري ۾ وٺي آئي.ڇوڪرو بيڊ جي هڪ پاسي کان ويهي رهيو.هن شرٽ لاهي بريزيئر جو هُڪ کوليو ته ڇوڪري جون نظرون هيٺ جهڪي ويون.هوءَ مرڪي پئي.”معني ته نئون آ“.هوءَ هن جي ويجهو آئي.ڇوڪري جي شرٽ جي پهرين بٽڻ کي کولڻ لاءِ هٿ وڌايئين ته هن هٿ روڪي ورتس.
”پليز لائيٽ بند ڪيو“
”شرمائين ٿو؟“ هن جي مرڪ گهري ٿي وئي.
”نه .. ها .. بس لائيٽ بند ڪيو“
”پهريون دفعو ٿئي؟“
”ها“ هن بتي بند ڪئي.
پهريان تجربا هميشه ناڪامي جو منهن ڏسندا آهن.هو به ٻن منٽن ۾ ڪري سهڪڻ لڳو.هوءَ هن ڌنڌي جي پراڻي ڪاريگر هئي.وڏي عرصي کان پوءِ وٽس ڪو آيو هو.سو به اهڙو جنهن گهريل قيمت کان وڌيڪ ادا ڪئي هئي.هن پنهنجي ڪاريگري ڏيکاري.ٻيو تجربو ڪامياب رهيو.ڇوڪرو خوش ٿي ويو.شرم ۽ لڄ ختم ٿي وئي هيس.کيس پڪ ٿي وئي هئي ته هو مرد بڻجي چڪو آهي.هن جي ڀر ۾ سمهي کيس ٻک هڻي دل جا حال اوريندو رهيو:
”پهريون ڀيرواوهان کي ريشم گلي ۾ ڏٺو هو.دل اچي وئي هئي توهان تي.مون سمجهيو ڪنهن شريف گهر سان تعلق هوندوَ.اڌ ڪلاڪ توهان جي پويان هليو هيس،پوءِ خبر پئي ته اوهان بازار جون آهيو.“
هن جو اندر ڀري پيو.شرافت ۽ بازار جو گڏيل احساس هميشو سندس لاءِ ماضيءَ جا در کولي ڇڏيندو هو.
”سوچيو هيم توهان جي پويان گهٽ ۾ گهٽ سال کن ته رلڻو پوندو.ڪنهن سٺي گهر جون هجو ها ته ايترو وقت لڳي به وڃي ها،پر..“
”مان ڄائي ڄم کان بازاري نه هيس،ڪابه ڇوڪري بازاري نه هوندي آ .. ڪنهن جي به دل بازاري نه هوندي آ“
هن جي اکين مان پاڻي الائي ڇو بي اختيار نڪري پنهنجو رستو ٺاهي سندس ڳلن ۾ جذب ٿيندو ويو.اهڙا جملا اهڙا لفظ هن پهريون ڀيرو نه ٻڌا هئا.پوءِ به الائي ڇو پاڻ کي روڪي نه سگهي.ڇوڪرو هن جا لڙڪ ڏسي پريشان ٿي ويو.
”نه نه .. منهنجو مطلب اهو نه هو،مون سمجهيو توهان ..“
”تو صحيح سمجهيو.توهان مرد صحيح سمجهندا آهيو.بازار ۾ ويٺل عورت جو شرافت سان ڪهڙو واسطو؟پر مان توکي ٻڌايان .. مان ائين ڪڏهن به بڻجڻ نه چاهيو جيئن اڄ آهيان.گند جي ڍير تي اڇليل شيون ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن صاف گهر ۾ رهي چڪيون هونديون آهن.جيسين ڪم جون هونديون آهن گهر ۾ رکيون وينديون آهن،ڪم جون نه رهيون ته گند جي ڍير جو حصو بڻجي وينديون آهن.“
”ڇا هاڻي توهان مون کي اهو ٻڌائيندوءُ ته توهان جي گهر وارن توهان کي هتي بازار ۾ کپائي ڇڏيو؟هو ظالم هئا.هنن توهان جي زندگي برباد ڪري ڇڏي.“
ڇوڪري جي چپن تي مرڪ هئي.هوءَ سمجهي وئي.طنز ۽ پاٻوهه واري مرڪ ۾ فرق ڪرڻ کيس ايندو هو. ”بازاري عورتن تي ٺهيل هر ٻئين فلم ۾ مرڪزي ڪردار سان ائين ئي ٿيندو آهي. Viewers کان Sympathy آساني سان ملي ويندي آهي مرڪزي ڪردار کي“
”مون سان ائين نه ٿيو هو.منهنجي گهر وارا مون سان ڏاڍو پيار ڪندا هئا.بابا،امان،ادا وارا … سڀني جي لاڏلي هيس مان.هر خواهش پوري ڪندا هئا.جيڪو چوان..جيئن چوان.بابا چوندو هو تون مون کي سڀني کان مٺي آهين.مان پڇندي هئي مانس”بابا ادا وارن کان به مٺي آهيانوَ؟“مٿي تي مٺي ڏئي ڇوندو هو ”ها انهن کان به مٺي“ڏاڍو پيار ڪندو هو مون سان.جڏهن به ٻاهران ايندو هو مون لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور وٺي ايندو هو.ادا وارا به گهٽ نه ڀائيندا هئا.پنهنجي حصي جون شيون به مون کي ڏئي ڇڏيندا هئا.ڳالهه ڳالهه تي چيڙائيندا هئا.رسي ويندي هئي مان ته پاڻ اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پرچائيندا هئا..۽ امان .. امان لاءِ ڇا ٻڌايان؟ هوءَ ته محبت جو گهر هئي.خدا جي محبت کي مون امان کان مليل محبت مان ڄاتو.ڪنهن ڪم کي هٿ لائڻ نه ڏيندي هئي.ساهه صدقي ويندي هئي.راڻي هيم مان امان جي“
هوءَ وهندڙ لڙڪن کان بي خبر هئي.نظرون ڇت ۾ لڳل پکي جي آهستي ڦرندڙ پرن ۾ کتل هيس.ائين لڳس اجهو جذبن جي شدت کان هن جي دل جي ڌڙڪن به ائين ئي آهستي هلندي هلندي رڪجي ويندي.ڇوڪري جي منهن تي به تجسس جو رنگ واضح نظر ٿي آيو.هن کي اندازو نه ٿي سگهيو ته ايتري پيار ايتري لاڏ کان پوءِ به سندس ڀر ۾ ليٽيل عورت بازار جو حصو ڇو بڻي؟هوءَ ڇوڪري جي اڻ تڻ کان بي خبر پنهنجي ماضيءَ جي ڊائريءَ جا ورق کوليندي وئي.
”ڪچي عمر جون ڇوڪريون پڪي دل وارن کي سمجهي نه سگهنديون آهن.جيئن بهار جي موسم ۾ گل جوڀن جي نشي ۾ اهو ڏسي نه سگهندو آهي ته بلبل جي ڳايل محبت جي گيتن جي عمر ڪيتري آهي؟هن کي لڳندو آ بلبل سدائين هن سان محبت ڪندي رهندي پر بي خبر گل کي خبر تڏهن پوندي آ جڏهن بهار جي وڃڻ کان پوءِ سرءُ ايندي آ.نتيجي ۾ گل وٽ پڇتاءَ کان سواءِ ٻي ڪابه راهه ناهي بچندي.مون سان به ائين ئي ٿيو.ايتري شديد پيار،ايڏي لاڏ کان پوءِ به منهنجي دل ۾ هڪ گل ٽڙي پيو .. محبت جو گل.مون کي محبت ٿي وئي. هو ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون ڪندو هو.اسڪول کان ڪاليج تائين مون سان گڏ پڙهيو هو.ڪاليج جي آخري ڏينهن ۾ هن مون کي پرپوز ڪيو.ان ڏينهن پهريون ڀيرو منهنجي اکين وڏا خواب ڏسڻ شروع ڪيا.منهنجي سهيليءَ کان منهنجو موبائيل نمبر هٿ ڪري روز الائي جي ڪيترا ميسيج موڪليندو هو.هر ميسيج ۾ محبت جا دعويٰ .. رنگين زندگيءَ جا خواب.خوبصورت هو،امير هو،وڏي ڳالهه ته مون کي چاهيندو هو .. ڪيسين پير روڪيان ها؟محبت جو ڪاروبار ٻنهي طرفن کان ٿيڻ لڳو.هڪ ڏينهن هن مون کي پنهنجي چمڪندڙ ڪار ۾ ويهڻ لاءِ چيو.ان وقت مون کي خبر نه هئي ته وڏين چمڪندڙ ڪارين جو سفر شاندار هوٽلن جي وڏن ڪمرن تي وڃي ختم ٿيندو آهي.مون گهڻو روڪيو،گهڻو لنوايو پر هن جي قرب ۾ جا لذت هئي،تنهن مون کان منهنجي برداشت کسي ورتي.طوفان آيو،هلي به ويو.ان ڏينهن کان پوءِ هو هر ٻئين ڏينهن مون کي وٺي ويندو هو.هو به جوان هو،مان به سمجهدار نه هيس.ٻنهي جي بيوقوفي ٽئين وجود جي تخليق جو سبب بڻي.منهنجون راتيون عذاب ۾ ڪٽجڻ لڳيون.روئي روئي بي حال ٿي ويس.ڏينهون ڏينهن پيٽ وڌندو ٿي ويو.امان بابا گهڻائي دفعا پڇيو،ڊاڪٽر ڏي هلڻ لاءِ چيو،پر مان لنوائيندي رهيس.هن کي چيم ته پنهنجي گهر وارن کي رشتي لاءِ گهر موڪلي پر هن لاءِ سڀ نارمل هيو.انهي ڪار ۾ هو هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي سڃاڻ جي ڊاڪٽرياڻي ڏانهن وٺي هليو.ابارشن مون لاءِ محبت موت هيو.ٽيون وجود اسان جي محبت جو نتيجو هو،ان کي ختم ڪيئن ڪيان ها؟مون نه مڃيو،هن اسرار به نه ڪيو..هليو ويو.مون کيس گهڻو ڳولهيو.شهر ۾ اهڙيون وڏيون ڪارون گهڻيون هيون پر انهن ۾ هو نه هو.جڏهن ڳالهه حد کان وڌي وئي ته مون گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ان کان سوا ٻي کا واٽ ئي نه هئي.بابا کي..امان کي..ادا وارن کي ڪيئن ٻڌايان ها انهن جي عزت کي مون ڪار جي مختصر سفر عيوض وڪڻي ڇڏيو آ!بس اها هئي هن بازاري عورت جي ڪٿا.هڪ هزار جي عيوض تنهنجي بستر کي گرم ڪندڙ هي عورت ڪڏهن ڪن شريفن جي عزت هئي“
”پر هن گند ۾ .. هن بازار ۾ توهان کي ڪير ڇڏي ويو؟“ڇوڪري جي فڪرمندي اڃان برقرار هئي.
”جن جو ڪوئي نه هجي،انهن عورتن جي آخري منزل بازار ئي هوندي آهي .. پهچي ويم هتي“
”۽ ٻار؟“
”ڏئي آيم هڪ فلاحي اداري کي.سوچيم مون سان گڏ رهيو ته ذلالت کان سوا ڪجهه نه ملندس.ماڻهو حرامي چوندس.نه هو ٻڌي سگهندو،نه مان برداشت ڪري سگهنديس.اڄ جتي به هوندو گهٽ ۾ گهٽ مون کان ته وڌيڪ خوش هوندو نه .. هڪ ماءُ لاءِ ڪافي آ“
ٻار جي ذڪر تي هن جي اکين مان ٻه گرم لڙڪ ڪري پيا.هوءَ بيسوا سان گڏ ماءُ به هئي.بيسوا وٽ عزت ڀلي نه هجي،مامتا جي دولت هوندي آ.
”۽ گهر وارا؟ توهان جو بابا؟امان ۽ ڀائر؟“
”گهر ڇڏڻ جي ٻئين هفتي هڪ سهيلي کي فون ڪري گهر ڳالهرائڻ لاءِ چيم.امان ڳالهايو”تنهنجي وڃڻ کان پوءِ تنهنجي پيءُ خودڪشي ڪري ڇڏي.بي غيرت بڻجي زندهه رهي نه سگهيو.ٻين گهر وارن سان اگر ٿوري به همدردي اٿئي ته ٻيهر رابطو نه ڪجانءِ .. نه اچجانءِ .. مري وئينءَ اسان لاءِ تون“
هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.هن کي خبر نه پئي ته اهي ڳالهيون جيڪي روز جي گراهڪن کي به هن ڪڏهن نه ٻڌايون هيون،اڄ هن ڪلهه جي ڇوڪري کي ڇو پئي ٻڌايون.ڇوڪري جون اکيون به ڀرجي آيون.هو هن جا لڙڪ اگهندو رهيو،سندس ڳل پيار منجهان چمندو رهيو.
”توهان هتي ئي ڇو آيون؟جي اچڻ وس ۾ نه هيوَ ته واپس وڃڻ،هن ماحول کي ڇڏڻ ته پنهنجي وس هيوَ“
”نالو ڇاهي تنهنجو؟“هن ڇوڪري کان هن جو نالو پڇيو.
”رضا .. رضا علي“ڇوڪرو سمجهي نه سگهيو ته نالي پڇڻ جو هي ڪهڙو وقت،ڪهڙي مهل آهي؟
”رضا علي تون عورت ناهين ..بازار ۾ ويٺل عورت! تون چاهين به ته منهنجي ڪيفيت،منهنجي مجبوريءَ کي سمجهي نه سگهندين.عورت جي عزت شيشي جهڙي نازڪ هوندي آهي.ڪنهن غير مرد جي هڪ رهڙ به هن شيشي کي سڄي عمر جي لاءِناقابلِ احترام بڻائي ڇڏيندي آهي.تون لڪل لفظن ۾ شريفن سان شادي جي ڳالهه ٿو ڪرين،اسان سان ڪوئي عزت دار ماڻهو ڏينهن جي روشني ۾ ناهي ملي سگهندو.ان ڊپ کان ته ڪٿي ڪو کيس ڏسي نه وٺي ۽ ان جي عزت تي بدنامي جو ڪو داغ نه لڳي.بي عزتيءَ جا داغ ڏاڍا گهرا هوندا آهن بيوقوف ڇوڪرا“ هوءَ کلي پئي.لڳس نه کلندي ته رڙيون ڪري روئي پوندي.
”ڪيترائي ماڻهو جيڪي سماج سڌارڪ تنظيمن سان واسطو رکن ٿا،اهي اهڙين ڌڪاريل عورتن کي شيلٽر ڏين ٿا ۽ ..“
”۽ انهن شيلٽر ۾ بنا پئسي روز انهن ڌڪاريل عورتن جي مٽي پليد ڪندا رهن ٿا.هتي بازار ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو پاڻ وڪڻڻ جا پئسا ته ملن ٿا.تنهنجي دنيا جي سماج سڌارڪن کي اسان کا وڌ ڪير سڃاڻيندو هوندو“
هن ڇوڪري جي ڳالهه ڪٽي کيس حقيقت جو آئينو ڏيکاريو.هوءَ دنيا جي دورنگيءَ کان واقف هئي ۽ ڇوڪرو ويچارو دنيا کي اڃان سمجهي ئي نه سگهيو هو.ڪيئي پل خاموشي رهي.نه هن ڳالهايو نه ڇوڪري ڪجهه ڪڇيو.هن جي اکين اڳيان ماضي جا خوبصورت ۽ تلخ لمحا فلم جيان هلي رهيا هئا.مسرت ۽ اذيت جو مليل جليل تاثر هن جي چهري تي واضح هيو.ڇوڪرو به ڪنهن گهري سوچ ۾ گم هيو.لڳو ڪا اهڙي ڳجهارت سامهون اٿس جا سلجهيس ئي نه ٿي.رات جي سانت ۾ ڇوڪري جي آواز هن جو ڌيان ڇڪايو”مون سان شادي ڪندوءُ؟“
”مون توکي پنهنجي ڪٿا ان لاءِ نه ٻڌائي جو تون مون سان واقعي به همدردي ڪر..جيئن هر ٻئين فلم ۾ بازاري عورتن سان ڏسندڙن جي همدردي وابستا ٿي ويندي آهي“هن ڇوڪري جي اڳ ۾ چيل جملي کي ٻين لفظن ۾ ورجايو.ڇوڪري جون نظرون پل کن لاءِ هيٺ جهڪي ويون.ڇوڪري جي آڇ هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي.هر ٻيون ماڻهو کيس ائين ئي چوندو هو.اهوئي سبب آهي جو شاديءَ جهڙو رنگين لفظ هن لاءِ بي رنگ بڻجي ويو هو.گڏ ستل ڇوڪري جي ته پو به عمر اهڙي هئي جنهن ۾ ۡخواب ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ کان اڳ ڪجهه سوچيو نه ويندو آهي.
”مان سيريس آهيان.توهان ڏاڍيون سٺيون آهيو ۽ هي جڳهه ڏاڍي خراب آهي..توهان لاءِ ناهي.مان هن سال ارڙهن سالن جو ٿي ويو آهيان.ملڪ جو قانون مون کي پنهنجي مرضي سان شادي جي اجازت ڏئي ٿو.مان واقعي توهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“
هوءَ ڇوڪري جي منهن ڏانهن ڏسندي رهي.ڄڻ ته ان منجهه ڪجهه ڳولهيندي هجي.”توهان کي يقين نه ٿو اچي ته هلو هاڻي ئي ڪيون ٿا شادي“
”تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو آ؟“
”بابا بئنڪ مئنيجر آهي“ڇوڪري فخر سان ٻڌايو.
”مون سان شادي ڇو ٿو ڪرڻ چاهين؟پاڻ کان ايڪويهه سال وڏي بازاري عورت سان..همدردي جي ڪري؟“
”نه .. مون کي محبت آهي توهان سان..سچ ۾.ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن پهريون ڀيرو اوهان کي ڏٺو هيم.توهان جهڙي عورت کي هن گندگيءَ جو حصو نه رهڻ گهرجي.توهان ڏاڍيون سٺيون آهيو.مان توهان کي عزت جي زندگي ڏيندس..پيار ڏيندس..پئسو سڀ ڪجهه“
”گهر ڏيندين؟گهر وارا ڏيندين؟پنهنجي رشتن ۾ ڀائيوار ڪندين؟“
”اصل ۾ .. ڏسو .. منهنجو مطلب آ،توهان کي خبر آ نه اسان جي معاشري ۾بازاري عورتن جي ڪابه عزت ناهي.ايڪچوئلي ممي پاپا کي ڏاڍو خراب لڳندو.ٻاهر سوسائٽي ۾ اسان جو ڏاڍو سٺو اميج آهي..توهان کي گهر وٺي وڃڻ سان سالن کان ٺهيل اهو اميج سڄو ڊسٽرائي ٿي ويندو.شاديءَ کان پوءِ توهان کي رينٽ تي گهر وٺي ڏيندم.توهان آرام سان اتي رهجو.مان ايندس توهان وٽ روز.توهان جي هر ضرورت پوري ڪندس.توهان کي عزت ..“
”تو هزار چيو پر پنج سو ڏي.منهنجي ايتري وقت جي قيمت ايتري ئي آهي.عزت جي ڳالهه ٻيهر نه ڪجانءِ..نه مون کان هضم ٿي سگهندي نه تنهنجي معاشرتي اميج کان.نئون خواب ڏيکارڻ لاءِ تنهنجي مهرباني پر منهنجن اکين خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن.وڃي سگهين ٿو تون“.هن جو لهجو مضبوط هيو.هن ڀيري هن جا لڙڪ نه ڪريا.هن کي خبر هئي عزت هن لاءِ ناهي.
”توهان پليز مائنڊ نه ڪيو..مان توهان سان ڏاڍو پيار..“
”ڪمري جو دروازو سامهون آهي.هليو وڃ ته جيئن ڪو ٻيو اچي نئون خواب ڏيکاري.ايترن پئسن ۾ ايترا ئي خواب ڏسي سگهجن ٿا“
ڇوڪرو مايوس ٿي ويو.ڪپڙا پائي ڪمري جي در کان ٻاهر نڪري ويو.هوءَ اٿي ڪمري جو دروازو بند ڪري بيڊ تي اچي ويٺي.نه ڄاڻ ڪٿان هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.روئندي روئندي بي اختيار مرڪي پئي. سوچڻ لڳي .. هن جو رنگ مٽجي ويو .. روپ مٽجي ويو .. وارن ۽ جسم جي بيهڪ مٽجي وئي ..پر ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آ سندس سڃاڻپ اڄ به ساڳي آ.هن جي حيثيت اڄ به اهائي آ .. هوءَ ڪالهه به گند هئي،اڄ به گند آهي ..
یہ تحریر فیس بُک کے اس پیج سے لی گئی ہے۔