فاضل مرڻو ڪو نه آ….!!
هو شاعر نه هو. اديب نه هو. دانشور به نه هو.
پر اهو ڪجهه هو، جنهن مان شعر جڙندا آهن.
جنهن مان افسانا ۽ ناول جنم وٺندا آهن.
جنهن مان داناهيءَ کي دان ملندو آهي!
هو سياسي پورهيت هو. هن جا پگهر ڦڙا جڏهن ڌرتيءَ تي وسندا هئا، تڏهن مٽي مهڪي پوندي هئي. تڏهن سج جا ڪرڻا مسڪرائڻ لڳندا هئا. تڏهن ٻٻرن جي ٽارين تي ٽنگيل انقلابي رنگ وارا پرچم هوا سان الجهي اهي ڳيچ ڳائڻ لڳندا هئا:
“نيٺ ته ڌرتي ويس وسڻ جا پائيندي
۽ لوسڻ جيئن لهرائيندي!!”
اهو شايد هڪ شخص نه هو. هڪ خواب هو. هڪ سپنو هو. جيڪو ڪنهن به ساڀيان جي قيد ۾ قابو ٿيڻ کان زور هو.
اهو ماڻهو جيڪو مهانتا جي منزل جو مسافر نه هو. جنهن جي واٽ انوکي هئي. سڀ کان چوکي هئي. هو پيرا پيرا ڪڙ هلڻ وارو پانڌي نه هو.
اهو انسان جيڪو لاڙ جي ڳوٺ ۾ رات دير سان هلندڙ هير مثل هو. اهو انسان جيڪو کٻڙ جي وڻ هيٺان رکيل مٽ جهڙو ٿڌو ۽ مٺو هو. اهو انسان جيڪو سونمياڻيءَ تي لٿل سانجهي هو. جيڪو پنهنجي هوش، همت ۽ حوصلي ۾ اهڙو مانجهي هو، جنهن جي ڪشتي جهموري جدوجهد جي طوفانن ۾ ڪڏي سياست جي ساحلن کي حيران ڪري وئي هئي.
هي دور جنهن ۾ خوش ٿيڻ واريون خبرون اچڻ بند ويون آهن. هي دور جيڪو پٿر جي اهڙي پيٽ واري مورتي بڻجي ويو آهي، جنهن مان انقلاب جو ڪو خوبصورت ٻار جنم وٺي نه ٿو سگهي. اهو دور لوڪ ستي، ڪڏهن ڪڏهن رڻ مٿان رڙندڙ چنڊ ڏانهن تڪي هن جو پتو پڇندو آهي.
ڇا هو نالو هو؟ هڪ حوالو هو؟ ڇا هو نعرو هو؟ هڪ تقرير هو؟ هڪ تدبير هو؟
يا سنڌ جي تريءَ تي رت جي مينديءَ سان لکيل اهڙي تحرير هو، جنهن کي موهن جي دڙيءَ جي ٻوليءَ جيان پڙهڻ مشڪل آهي! اها تحرير ئي هن قوم جي تقدير آهي. هيءَ قوم جيڪا ان اڌڙوٽ عورت جهڙي آهي، جنهن کي نوجوانيءَ کان وٺي ڪوڙن واعدن جي ڄار ۾ قيد ڪيو ويو. جنهن جي چپن جي مرڪ لٽي وئي. جنهن جي اک جي جو ڪجل ڦريو ويو. جنهن جي ڪارائيءَ جون ڪنگڻيون ٽوڙيون ويون. جنهن وارن جي ڇانو بيوفا ڪهاڙيءَ سان ڇانگي وئي. جنهن سان جڏهن به ڪيا ويا ڪوڙا وچن ڪيا ويا. جنهن کي جڏهن به ڏنا ويا. هن جو جسم معصوم محبت وانگر مقدس هو، ان مٿان وحشت وارا ڏنڀ ڏنا ويا. هاڻي هيءَ ڌرتي اڌ چري ناري وانگر آهي، جيڪا لهندڙ سج جي لاليءَ ۾ پنهنجي لٽيل ڀاڳ جو ڀنڀور تڪيندي آهي.
اهڙي ڌرتيءَ جي دل جو سهارو هو، اهو شخص!
اهو شخص جيڪو صرف تاريخ ناهي پر تاريخ جي چيخ به آهي. هو جڏهن به جن ڪنن ۾ وڄي ٿو، تن کي ڌونڌاڙي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو جيڪو آهه ناهي. هو اتساهه آهي. هو ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ وارو جذبو آهي.
هيءَ سياست جيڪا ميڪاوليءَ جي پاڇي به ناهي، تنهن کي منصوري مام جو ڪهڙو پتو؟ هيءَ سياست ان شخص لاءِ سوريءَ سندو نينهن نه پر هڪ جهڙالو ڏينهن هئي. هيءَ سياست ان شخص لاءِ اها راند هئي، جيڪا ٻار رهندا آهن. هيءَ سياست ان شخص لاءِ هڪ ايتري آسان هئي، جيتري ٻاراڻي ڳجهارت هوندي آهي. پر هن کي معلوم هو ته هن جي ديس جا ڦٽ پراڻا ها ۽ اقتداري سياست جا ويڄ اياڻا هئا.
اهو شخص جنهن جو ڪارخانن سان ڪو وڏو واسطو نه هو. اهو شخص جنهن جو مٽيءَ سان محبت وارو رشتو هجڻ سبب هن جي مائوزيتنگ جي لفظن ۾ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي. هن ۾ به اهو احساس ڪر موڙي اٿيو هو، جيڪو مائوءَ جي من ۾ پيهي ويو هو. اهي لفظ هن مٿان ڪڪر بڻجي وسندا هئا، جيڪي لفظ هو “تضادن جي باري ۾” پڙهندي پنهنجي حالتن جي حوالي سان پرکيندو ويندو هو. اهي سٽون هن مٿان سانوڻ ساءِ وسنديون وينديون هيون، جن سٽن کي هو انقلابي استادن جون هدايتون ڪوٺيندو هو. هو جيڪو پاڻ کي تاريخ جي آڏو جوبدار محسوس ڪندو هو، تنهن جي تمنا هئي ته هو تاريخ جي ڌارا کي تبديل ڪري. ان تبديليءَ جو جهنڊو کڻي هو اڳتي هليو. هو جنهن کي پنهنجي خواب ۽ خيال ۾ اهي ڪردار اچي ايلاز ڪندا هئا، جيڪي هو چيني افسانن ۽ ان ڪتاب ۾ پڙهندو هو، جنهن ڪتاب جونالو “ڳاڙهو لالٽين” هو.
هو ڏسڻ ۾ ته هڪ انسان هو پر پنهنجي ذات ۽ پنهنجي عمل ۽ پنهجي مجموعي ڪردار ۾ “ڳاڙهو لالٽين” هو. هن ۾ ڪيترائي ڪردار جيئندا هئا. هو انهن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو. هو “عوامي تحريڪ” جو اڳواڻ نه هو. هو پاڻ عوامي تحريڪ هو. هو انقلابي تصوف جو ڪو پوتا ميل هو. هڪ رلمل ڪندڙ رنگ هو. هڪ جوش ۽ هڪ ترنگ هو. پر هو صرف هٿوڙو ۽ ڏاٽو نه هو. هو صرف ڀيڪوڙيل مٺ نه هو. هڪ صرف رت لٿل اکين جو ڪروڌ نه هو. هو صرف انقلابي معرڪي جو پوسٽر نه هو. هو ان کان اڳتي به هو. هو انساني جذبن جي رم جهم رت جي لمس به محسوس ڪندو هو. هو هاري ماڻهن جي اکين ۾ وڏيرن خلاف بغاوت جو مشعلون به ٻاريندو هو ۽ انهن جي ٻارن جي باري ۾ خاندان جي وڏي گهري پور ۾ ويچاريندو هو. صرف هاري نه هو. هر نه هو. ڪوڏر ۽ ڪهاڙيءَ جو ڦر نه هو. پر هو ڀنيءَ رات ۾ رابيل جي خوشبو به هو. هو رشتن ۽ ناتن جي جهانن ۾ جلندڙ روشنين جي روپ سروپ جي طاقت ۽ توانائيءَ کي صرف تسليم نه ڪندو هو پر ان جي اهميت کي دل جي گهرائيءَ سان محسوس ڪري اهو ڪجهه ڪندو هو، جيڪو ڪجهه خاندانن جا وڏڙا پنهنجي گهر سان ڪندا آهن.
ڇا هو پارٽي هلائيندڙ شخص هو؟ هو هڪ انقلابي قبيلي جو سردار هو. هن جي قبيلي ۾ جيڪي به جوان هئا. جيڪي به ٻار هئا. جيڪي ٻڍا هئا. انهن جو ڏک سک هو پنهنجي سيني ۾ محسوس ڪندو هو. هو مردن جي دنيا ۾ عورتن کي عشق جي آزادي ڏيندڙ اڳواڻ هو. هن جا قانون صرف ڪتابن تائين محدود نه هئا. هو انهن اصولن کي عملن جي ڌاڳي ۾ پوئيندو ويندو هو. هو هڪ صدا به هو ۽ سانت به هو. هو هڪ ڏينهن به هو ۽ رات به هو. هن جي انقلابي قبيلي جي دانشورن گهڻي در کان پوءِ ڄاتو ته هن وٽ جدليات ائين اسري آئي هئي، جيئن سارين جا سلا اسري ايندا آهن. هن وٽ جدليات صرف کوڙن جو کيل نه هو پر هو ان ۾ جماليات جا ڪيترائي رنگ روپ ڀريندو ويندو هو.
جڏهن به رات جو هوا سرن جي ساز کي وڄائيندي هئي ۽ جڏهن به ڪا آر ڪوئي جهونو ڳيچ ڳائيندي هئي ۽ جڏهن به ڪو ستارو ڪنهن انتظار ڀريل اک جو ڳوڙهو بڻجي ڳڙندو هو ۽ جڏهن به وقت جي ريشمي هٿن ۾ تقدير جي لڪير لهوءَ جي ڌارابڻجي ويندي هئي ۽ جڏهن به ڪاري رات ۽ ڪچي گهڙي جي وارتا ڪنهن محفل ۾ “سر سهڻيءَ” جي ساک ڏيندي هئي ۽ جڏهن به سڄي رات هليل ميٽنگ پوئين پهر بعد صبح جي ساک ڏيندي هئي. تڏهن اهو شخص هڪ اميد سان سرشار ٿي ويندو هو. اهو شخص جنهن سنڌ جي سياست ۾ انوکي ڏات آندي. جنهن صرف ڳايو نه پر تند کي تلوارن سان وڙهايو به ۽ جنهن صرف رياستي بازن کي للڪاريو نه پر پنهنجي جذبن جي جهنگ ۾ تيار ٿيل جهرڪين کي انهن بازن سان وڙهايو به!
اهو شخص جيڪو اها ڳالهه ڪنهن هام وانگر هڻڻ بدران مرڪندڙ چپن سان ڪنهن نهايت سولي ڪم وانگر ڪندو هو ته “انقلاب اچي سگهي ٿو نه پر انقلاب اچي رهيو آهي” هن جو انقلاب بينڪن جي اڪائونٽن ۽ پلاٽن پرمٽن ۽ زمينن جي وڌندڙ تعداد سان تعلق نه رکندو هو. هن جو انقلاب گهرن کي بنگلن ۾ تبديل ڪندڙ ۽ گاڏيءَ جي نوان ماڊل مٽائيندڙ روش جو راهي نه هو. هن جو انقلاب انسان ۾ ايندو هو. اهو انسان جيڪو پهرين سوچي به نه سگهندو هو ۽ پوءِ ٻهه ٻهه ڪندي ٻرندو هو. هن جو انقلاب صرف مردن تائين محدود نه هو پر هن جو انقلاب انهن عورتن ۾ايندو هو، جيڪي صدين تائين ڍورن ڍڳين وانگر مردن جي ملڪيت ٿي رهيون. انهن کي عورتن کي هن کان پوءِ محسوس ٿيو ته ماڻهپي جو جنم عورت جي وجود مان ٿيندو آهي.
هو صرف عورتن، مردن ۽ ٻارن جو دوست نه هو پر هن جي پنهنجي پوري سنسار سان سنگت هئي. هن کي موسمن سان ملڻ ايندو هو. هن کي کنوڻ سان کلڻ ايندو هو. هو بادلن سان گڏجي روئيندو هو ۽ هو بهار جي جهوٽن سان هم آواز تي مسڪرائيندو هو. هو پنهنجي وجود ۾ هڪ ملڪ هو. هڪ صرف هڪ وجود نه هو. هو صرف هڪ ويس نه هو. هو هڪ ديس هو. اهو ديس جنهن جي صدا ساوڻ فقير جي انهن ٻولن ۾ ٻڌي سگهبي هئي ته:
“اڌ لوئي مون انگ تي
اڌ ۾ اباڻا…!!”
اها اڌ لوئي اڃان تاريخ جي انگ مٿان هئي ته هن کي ڪهاڙيءَ سان ڪٽيو ويو. فضل چانگ هڪ فرد نه پر تاريخ جي تسلسل ۽ تبديليءَ جي محرڪ کي قتل ڪيو. اهو پتو هن جي قاتل کي به نه هو ته هن کان ڪيترو وڏو ڏوهه ڪرايو پيو وڃي. هو جيڪو اڌ آسمان تي جلندڙ سورج ديوتا جيان اڀري آيو، تنهن کي سانجهيءَ جي سرخ سج ۾ تبديل ڪيو ويو!
۽ سکر وچ تان وهندڙ درياهه سڏڪو ڀريو
۽ اياز ڇرڪ ڀري ڪاغذ مٿان لکيو:
“ڄاڻون ٿا لوڪو
فاضل مرڻو ڪو نه آ
مري ويو ٻيو ڪو!”
“