فلاح بھبود جي بنيادن تي قائيم آغا خان ۽ لياقت نيشنل اسپتال جا دروازا غريب ماڻھن لاء بند ڇو؟؟
آغا خان اسپتال ۽ لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي اھي ٻئي اسپتالون ٽرسٽ اسپتالون آھن لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي جنھن جو افتاح ان وقت جي گورنر جنرل اسڪندر مرزا ڪيو ھو ان اسپتال جي پوري اراضي ۽ ان جي تعمير حڪومت پاڪستان خيراتي مقصد لاء ته غريب ماڻھن جو مفت ۾ يا معمولي رقم تي ڪيو ويندو اھڙي طرح آغا خان اسپتال جي پوري ايراضي تقريبن 83ايڪڙن کان وڌيڪ آھي اھا پوري زمين جنرل ضياء الحق جي دور ۾ مفت ۾ ڏني وئي ھئي ان لاء آغا خان فائوئڊيشن اھا گذارش ڪندي زمين ورتي ھئي ته ھو غريب ماڻھن جو اعلاج ڪرڻ لاء اھا اسپتال تعمير ڪري رھيا آھن ٽرسٽ قانون موجب اھڙي مقصد لاء حاصل ڪيل پراپرٽي تي وفاقي يا صوبائي ڪنھن به قسم جو انڪم ٽئڪس ۽ پراپرٽي ٽئڪس لاڳو نه ٿيندو آھي يعني ٻنھي اسپتالن ڪو به پراپرٽي ٽئڪس ۽ انڪم ٽئڪس ادا نه ڪيو ھو لياقت نيشنل اسپتال نج فيڊرل حڪومتي اسپتال ھئي ليڪن بعد ۾ جعلسازي ۽ جعلسازن جي ذريعي ڪجھ صنعتن جي گروھن قبضو ڪري ڇڏيو
آغا خان اسپتال به ٽرسٽ جو بھانو بنائي پنجاه ارب رپئن جي سرڪاري زمين حڪومت کان حاصل ڪئي ٻئي اسپتالون جڏھن خيراتي مقصد لاء ٺھيون ھيون جيڪي اربين رپيا ڪمائين ٿيون ٻئي اسپتالون ملڪ جي غريب عوام.خصوصن سنڌ جي غريب عوام جي فلاح بھبود نه پيون ڏين جيڪا ملڪ ۽ قوم سان ڌوڪيبازي آھي ھنن ٻنھي اسپتالن ۾ غريب ماڻھن جو مفت ۾ اعلاج نٿو ڪيو وڃي جڏھن ته اھڙيون جيڪي به اسپتالون آھن اتي الڳ سان ويلفئر اوپي ڊيز آھن اسپتالن ۾ داخل تيندڙ اپستالن ۾ غريب ماڻھن سان وڏي رعايت ڪئي ويندي آھي پر ھنن ٻنھي اسپالن پاران غريب ماڻھن کي رليف نه ڏيڻ جون شڪايتون آھن ھنن ٻنھي اسپتالن ۾ داخل ٿيَڻ لاء ويندڙ غريب مريضن کان ايڊوانس ۾ ٻٽي لک ورتا ويندا آھن غريب ماڻھن وٽ ايتريون رقمون ڪٿان اينديون ان ڪري غريب ماڻھون لياقت نيشنل اسپتال ۽ آغا خان اسپتال ۾ وڃڻ ته پري پر تصور به نٿا ڪري سگھن اھڙي قسم جون شڪايتون وقت به وقت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اچڻ ڪايتون ٿيڻ کان وٺي ساڃاھ وند ماڻھن پاران وفاقي ۽ سنڌ سرڪار کي درخواستون موڪليندا رھن ٿا ليڪن حڪومت پاران ڪو نوٽيس وٺي ھنن اسپتالن جي انتضاميه کي پابند نه ڪري سگھيا آھن ته ھو غريب ماڻھن لاء الڳ اوپي ڊي قائيم ڪن ۽ داخل ٿيندڙ غريب مريضن سان خاص رعايت ڪئي وڃي ڪراچي جي ھڪ وڪيل درمحمد شاھ سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ آغا خان اسپتال تجارتي بنيادن تي ھلائيڻ جي خلاف ھڪ درخواست داخل ڪئي ھئي جنھن ۾َ ھن موقوف اختيار ڪيو ھو ته اسپتال کي تجارتي بنيادن تي ھلائيڻ انھن شرطن خلاف آھي جنھن تحت آغا خان فائونڊيشن اسپتال لاء حڪومت کان مفت زمين ورتي ۽ اسپتال کي انڪم ٽئڪس پراپرٽي ٽئڪس کان آزاد قرار ڏنو ويو اسپتال جو 85ع کان 2017ع تائين رڪارڊ طلب ڪيو وڃي درخواست گذار جي درخواست تي ڪيس ھليو جنھن جي مختلف پيشئن تي جسٽس محمد علي مظھر اسپتال جي وڪيل کان پڇو ته آسپتال کي چئريٽئي لاء زمين ڏني وئي ڇا اسپتال ۾ مفت ۾ اعلاج ڪيو وڃي ٿو اھو ٻڌايو وڃي ته اسپتال رفائي ادادو آھي يا نه اوھان حڪومت سان ڪيل معاھدي ۾ لکيو آھي ته منافع بخش ڪاروبار نه ڪنداسين آغا خان اسپتال گذريل ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪ وقت تائين عوام جو رت چوسي رھي آھي معزز جج صاحب ھڪ پيشي جي موقعي تي چيو ته سوال اھو ٿو پئدا ٿئي اھي آفيسر جن کي خبر آھي ته آغا خان اسپتال رفائي ادارو نه پر تجارتي ادارو آھي اڄ تائين اھي خاموش ڇو خاموش آھن ھڪ پيشي تي معزز جج صاحب سوال ڪيو ته اھو ٻڌايو وڃي ته غريب مريضن کي ڪيتري رعايت ڏني وئي آھي مفت اعلاج ۽ رعايت جو ڪھڙو پيمانو آھي ۽ ڪنھن جو اعلاج مفت ٿئي ٿو اگر ڏھ لکن جو بل آھي ته غريبن لاء ڪيتري رعايت آھي ٻڌايو غريبن جي باء پاس جي آپريشن جي ڪيتري چارجنگ آھي ٻڌايو وڃي ھن اداري جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪو غريب شاگرد داخلا وٺي سگھي ٿو ڪيس جي ھر شنوائي تي آغا خان اسپتال جو وڪيل خاطر خواه جواب نه ڏئي سگھيو ھر شنوائي تي جڏھن معزز جج سوال ٿي پڇيا ته خاطر خواه جواب نه ڏئي سگھيو انھن سوالن جي جواب ڏيئڻ لاء مھلت گھرندو رھيو جنھن تي معزز جج صاحب چيو ته اوھان بار بار مھلت وٺي ھليا وڃو ٿا ھڪ پيشي تي معزز جج صاحب جي سوال تي آغا خان اسپتال جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته چئرٽيبل اسپتال جو مقصد بلڪل مفت نه آھي پر مستحقن لاء رعايت ۽ مفت اعلاج موجود آھي معزز جج صاحب اسپتال جي ھڪ پيشي ۾ اسپتال جي وڪيل اعتراف ڪيو ته 83ايڪڙ زمين رفائي اداري ۽ ميڊيڪل ڪاليج لاء ڏني وئي ھئي ھن ڪيس جون چند پيشون ٿيون ان بعد شايد ڪيس جو نمبر نه آيو آھي
اسان ڪراچي جي ان شھري کي سلام ٿا پيش ڪيون جنھن آغا خان اسپتال خلاف سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ ڪيس جي شنوائين جو احوال ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي عام ماڻھن تائين پھتو ته آغا خان اسپتال ھڪ فلاحي ادارو آھي جنھن کي حڪومت مفت زمين ڏني پر اسپتال ۾ غريب مستحق مريضن جو اعلاج ۽ مختلف قسم جا آپريشن رعايت ۽ مفت ڪرڻ بجاء ڪاروبار ڪيو پيو وڃي ساڳي حالت لياقت نيشنل اسپتال ڪراڇي جي آھي جنھن جي خلاف به شڪايتون آھن ته انتھائي منھنگي اگھن ۾ ڪيو وڃي ٿو ھي اسپتال وفاقي حڪومت جي خرچ تي ٺھي زمين به مفت ۾ ملي پر اتي به غريب مستحقن جو اعلاج مفت ۾ نٿو ڪيو وڃي ھن سلسلي ۾ سوشل ميڊيا ميڊيا تي شڪايتون ٿيڻَ ان خلاف ساڃاھ وندن پاران وفاقي صوبائي حڪومت کي درخواستون به موڪليون آھن پر خبر نه آھي ڇو حڪومت توڙي واسطيدار حڪام خاموش آھن ھو ڇو نوٽيس نه پيا وٺن اسان سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کي گذارش ڪنداسين ته آغا خان اسپتال خلاف ھلندڙ ڪيس جي تاريخ اھڙي نمبر تي لڳائي وڃي جو اھو ڪيس تڪڙو ھلي سگھي غريب عوام جون ان ڪيس ۾ اکيون آھن اسان وفاقي حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته لياقت نيشنل اسپتال جنھن جو بنياد فلاح بھبود تي پيو ان جي انتضاميه کي سختي سان پابند ڪيو وڃي ته غريب ماڻھن جو مفت ۾ اعلاج ڪيو وڃي آغا خان اسپتال پاران غريبن جو مفت ۾ اعلاج نه ڪرڻ جو نوٽيس ان علائقي جو ڊي سي به وٺي سگھي ٿو پر ڊي سي کان وٺي چيف سيڪريٽري تائين صحت کاتي جي وزير کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير تائين سڀ خبر ھئڻ جي باوجود خاموش آھن