فخرِ پنجاب پاڪستان استاد آڍا خان سوين ايڪڙ ايراضي جو جاگيردار ملڪ آڍا خان جي پوٽي ملڪ شير محمد آڍي خيل جي سڀني کان ننڍي پٽ جو جنم 4 اپريل 1944ع تي ٿيو. جيئن ته ملڪ شير محمد آڍي خيل جو ڏاڏو تمام وڏو زميندار هو انهي جي نالي تي خيلي هلي پي آئي ته انهي محبت ۾ ملڪ شير محمد پنهنجي پٽ اصغر جو نالو آڍا خان رکيو. اللّه پاڪ انهي جي پٽ کي ايتري ته عزت ڏني جو سندس نالو سنڌ توڙي هند ۾ چمڪڻ لڳو. هن نه صرف پاڪستان ۾ پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ خيلي جو نالو پڻ روشن ڪري ڇڏيو. الحاج ملڪ استاد آڍا خان جو نالو سندس پڙ ڏاڏي جي نالي تي هو.هن شاعري جي شروعات 1960ع ڌاري ڪئي جڏھن پاڻ اٺين ڪلاس جو شاگرد هو. هن انهي کانپوءِ ڏوهيڙي جي صنف ۾ ڪافي شعر لکيا. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ هڪ سردار جيان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائون. تعليمي شعبي ۾ نالو ڪمائڻ کانپوءِ ھن جي شھرت جو اهو عالم هو جو 60ع ۾ جڏھن سوشل ميڊيا ته پري جي ڳالھ پر اليڪٽرانڪ ميڊيا جو به نالو نشان ڪونه هو صرف پرنٽ ميڊيا جو دور هو ان وقت ۾ هن تي هڪ اخبار ۾ پورو صفحو ڇپيو هو. عطااللّه عيسي خيلوي صاحب کي جڏھن هن بابت معلوم ٿيو ته هُن هِن جي شھر گنجيال شريف ۾ حاضري ڏني ۽ کائنس سندس ڪلام/شاعري پڙھڻ جي اجازت گهري. پاڻ خان صاحب کي بنا معاوضي شاعري پڙھڻ جي اجازت ڏني. الحاج ملڪ استاد آڍا خان صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آئون شاعري پنهنجي ذات کي سڪون بخشڻ لاءِ ڪندو آھيان اڄ تائين ڪنهن کان به شاعري پڙھڻ جو معاوضو ناهي ورتو. سندس خودداري جو اهيو عالم هو جو عطااللّه عيسي خيلوي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سندس باري ۾ اهيو چيو ته منهنجي زندگي ۾ موجود ڪيترن ئي ماڻھن منهنجي ذات مان ڪم ورتا پر استاد آڍا خان اهو واحد شخص آھي جنهن ڪڏھن به مون کي پنهنجي ڪنهن به ذاتي ڪم لاءِ نه چيو. سندس شاعري ۾ تصوف، صوفي ازم جي گهڻي جهلڪ هئي. پاڻ وڏو نالو ڪمايو. الحاج ملڪ استاد آڍا خان خواجه غلام فريد کان گهڻو متاثر هو. هتي اهو به عرض ڪندو هلان ته مشھور ۽ معروف ڪلام ”جانی رات رہ پو گالہیں کریسوں“ هي ڪلام خواجه غلام فريد جو نه پر استاد آڍا خان جو آھي. عطااللّه عيسي خيلوي هڪ انڪشاف ڪيو هو ته جڏھن هو سندس ڪلام پڙھندو آھي ته اُھا ئي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي جيڪا خواجه غلام فريد جي ڪلام پڙھڻ تي ٿيندي آھي. پاڻ 1983ع ۾ مديني منور ويو جتي ٽن سالن جي قيام کانپوءِ 1986ع ۾ واپس آيو. اتي قيام دوران پاڻ مشھور زمانه ڪلام ”میرے آقا ربی رحمت تے برکت دا انعام ہووی“ لکيو. جڏھن پاڻ عمريو ڪري رهيو هو ته روزي رسول جي ڄاري کي چمڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين.جنهن تي اتي نصب نجدي ان کي بدعت چئي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ڇاڪاڻ ته پاڻ جدي پُشتي بريلوي خاندان سان تعلق رکڻ وارا هئا ان کانپوءِ پاڻ آقا ڪريم جي خدمت ۾ ڪلام لکيو ۽ هن نجدي ڄاري مبارڪ چمڻ جي اجازت ڏني. ائين ته ڪيترن ئي واقعن سان سندس زندگي ڀري پئي آھي. سندس شاعري جا ٽي مجموعا شائع ٿيا”راز و نياز“ ”اور“ ۽ ”رموز عشق“. پاڻ سسئي پنهون جو قصو لکيو جنهن کي بي پناه شھرت ملي. سهڻي ميهار جو قصو پڻ لکيو. ان کان سواءِ ”درود بر حبيب خدا“ جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو آھي اهيو به ڪافي مشھور ٿيو. سندس ڏوهيڙا ۽ ٻيا ڪلام سڀ لاجواب هئا. منهنجو هڪ دوست ٻڌائي رهيو هو ته جڏھن مون هڪ سنڌي جي سامهون سندس ڪلام پڙھيو ته هو ويچارو ادب مان اٿي بيھي رهيو ۽ چيائين ته ڪلام واقعي اثرائتو آھي. راقم جي والد محترم به بحرين ۾ احمد فراز مرحوم جي سامهون استاد آڍا خان جو ڪلام پڙھيو جنهن کي ٻڌڻ کانپوءِ احمد فراز استاد آڍا خان سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ فون تي استاد آڍا خان سان ڳالهايو به هو. 4 مئي 2012ع تي جمعي جي ڏينهن سندس وفات ٿي. اللّه رب العزت نبي پاڪ جي صدقي سندس مغفرت فرمائي آمين.
تمھارے نام آخری خط
آج سے تقریباً پندرہ سال قبل یعنی جون 2008میں شمس الرحمٰن فاروقی صاحب نے ’اثبات‘ کااجرا کرتے ہوئے اپنے خطبے...