پاڪ پروردگار جي ھر تخليق پنهنجي خوبصورتي يا ڪنهن به خاصيت سان سڃاتي ويندي آهي جھڙوڪ مور پنهنجي ٽلڻ جي خوبصورت انداز ڪري مشهور آهي ، چيتو پنهنجي رفتار ڪري ،ھرڻي جي خوبصورت اک مشهور آهي ته چنڊ پنهنجي من موھڻي چانڊوڪي لاء مشهور آهي ـ گل جي خوبصورتي ان جون رنگين ، نرم و نازڪ پر ڪشش پنکڙيون ۽ وڻندڙ خوشبو آھن ـ درياھ پنهنجي وسعت ڪري مشهور ٿيندا آھن ۽ پھاڙن جي سونهن انھن جي اونچائي ۾ ھوندي آهي ـ وڻ پنهنجي ڇانو ۽ ميوي ڪري مشهور آھن ۽ ريگستان جو حسن ان جي رات جي پھر ھلندڙ ٿڌڙي ھير آهي ـ جنت جي سونهن ان جي حور آهي ۽ ھن دنيا جي خوبصورتي عورت آهي ـاوڀر جي مشهور شاعر علامه اقبال پنهنجي شاعري ۾ ھيئن ٿو بيان ڪري ته "وجود زن سے ہے تصویر کائنات میں رنگ " اقبال موجب ته جيڪا ھي سموري ڪائنات رنگا رنگ نظر اچي ٿي سا عورت جي وجود بدولت آهي ـ عورت جي وجود جي اھميت جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته عورت حوا کان وٺي ھيستائين سدائين معاشري جي واڌ ويجھ ۾ پنهنجو اھم ڪردار اد اڪيو آهي ـ ھوء ماء جي روپ ۾ ھڪ نعمت آهي ، زالـجي روپ ۾ زندگي جي ساٿي آهي ، ڀيڻ جي روپ ۾ دوست آهي ۽ ڌئ جي روپ ۾ رحمت آهي ـ ھن جو ھر روپ بي مثال آهي ـ ھوء آخر الزمان نبي کي جنم ڏيندڙ آمنھ به آهي ته پاڪدامن مريم به ـ علي جي رفيق حيات فاطمھ به ته ابو بڪر جي لاڏلي عائشھ به ـ جنگ جي ميدان ۾ شھادت ماڻيندڙ سمعيھ به آهي ته علم جي روشني ڦھلائيندڙ بيبي رابعھ بصري به ـ ھن جو ھر روپ باعث راحت آهي ـ
جي نفاست جي ڳالھ ڪجي ته شيشي جيان نازڪ آهي ۽ مظبوط ٿيڻ تي اچي ته پھاڙن سان ثڪرائجي وڃي ـ سمنڊن کان وڌيڪ اونھي ۽ صابرين آهي ـ کلي پوي ته واضع ڪتاب آهي ۽ نه کلي ته انوکو راز آهي ـ دنيا جي پھرين فيمينسٽ شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي عورت کي پنهنجي شاعري ۾ اعليٰ مقام ڏنو آهي ـ لطيف چيو ته عورت محبت آهي ، عورت جي محبت ۾ عاجزي آهي ، عورت جي محبت حقيقت آهي، عورت جو وجود سمنڊ آهي ـ ھوء محبت ڪري ٿي ۽ بدلي ۾ محبت چاھي ٿيـ لطيف جو شعري مجموعو شاھ جو رسالو ست سورمين جي وفا شعاري، سادگي، سچائي، محبت ، پاڪيزگي ۽ حب الوطني جون مختلف داستانون بيان ڪري ٿوـ داستان مومل راڻو ۾ مومل پنهنجي سونهن ۽ سومل پنهنجي ڏاھپ لاء سڃاتي وڃي ٿيـ عمر مارئي ۾ مارئي پنهنجي حب الوطني، نوري ڄام تماچي ۾ نوري پنهنجي عاجزي ۽ نوڙت ڪري ۽ سھڻي پنهنجي وفاداري ڪري مشھور آھن پر انهن سڀني ۾ ھڪڙي خوبي ساڳئي آهي سا آهي بھادريـ مشهور ھندستاني صوفي گرو رجنيش اوشو چوي ٿو ته عورت خدا جو تخليق ڪيل عظيم شاھڪار آهي ھن کي سمجھڻو نه پر ھن سان محبت ڪرڻي آهي ڇاڪاڻ ھن کي محبت سان ئي فتح ڪري سگھجي ٿو ـ
امريڪي مذھبي اڳواڻ برگھم ينگ چوي ٿو ته جي توھان مرد کي پڙھايو ٿا ته توهان ھڪ فرد کي پڙھايو ٿا پر جي توھان ھڪ عورت کي پڙھايو ٿا ته توهان پوري نسل کي تعليم جي زيور سان سينگاريو ٿا ـ ماء جي ھنج سدائين ٻار جي پھرين درسگاھ رھي آهي ۽ اھڙي طرح عورت نسلن جي معلم رهي آهي ـ رومي عورت کي خدا جو نور سڏيو آهي ۽ اسلام ھن کي جنت جو مالڪ بڻايو آهي ۽ اھو اعزاز عورت جو حقيقي مرتبو آهي جيڪو ھن کي انسانيت لاء ڏنل انيڪ ڪوششن، ڪاوشن ، خدمتن ۽ ھر قسم جي تعاون جي ڪري پالڻھار طرفان مليو آهي ـ