ملت جعفره تبليغ دين ذاڪر آل محمد ھڪ تاريخي شخصيت علامه طالب جوھري جو لاڏاڻي نه صرف پاڪستان پر پوري عالم اسلام کي شديد صدمي ۽ غم ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي پاڻ وڏي پائي جا ذاڪر شاعر مورخ فلسفي اسڪالر ھئا مونکي ننڍي ھوندي جا اھي ڏينھن ياد آھن جڏھن پھنجي ڳوٺ ملدسي ۾ 10محرم تي رات جو پڙ نھر ڪري رات جو مھنجي سوٽ حاجي خالد جي ھوٽل.جيڪا عاشوري جي ڏينھن بند ھوندي ھئي پر رات جو ٽي وي تي علامه طالب جوھري جي شام غريبا ٻڌڻ جي لاء کولي ويندي ھئي ان زماني ۾ ھوٽل ۾ رڪاڊنگ لاء لائوڊ اسپيڪر به ھوندوھو اسپيڪر ڇت تي رکي مائيڪ ٽي وي جي اسپيڪر تي رکي ويندي ھئي جنھن سان علامه طالب جوھري جي پڙھيل شام غريبان نه صرف ھوٽل۾ ويٺل پر سڄي ڳوٺ سميت آسپاس جي ڳوٺن وارا به ٻڌندا ھئا اسان جي علائقي ۾ ان زماني ۾ سنت جماعت جو وڏو اثر ھوندو ھو پڙ به سنين جا ھئا پر ھوٽل تي ويٺل ٽي وي تي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن وارا ڇت تي رکيل ڊولن وارن اسپيڪرن تي علامه طالب جوھري کي دلچسپي ۽ عقديت سان ٻڌندا ھئا ان ڏينھن ھوٽل ۾ تر ڇٽڻ جي جاء نه ھوندي ھئي آئون صحافت ۾ اچڻ بعد 81ع ڌاري ڀٽ شاھ جي صحافي اڪبر ساند سان گڏجي ڪراچي جي سيد مشرف شاھ(جنھن لطيف سرڪار جي مزار تي منٺار ڀٽي پاران لڳائيل موجوده علم کان اڳ خوبصورت الم لڳايو ھو کيس خواب ۾ اشارو ٿيو ته درگاه تي علم لڳاء ھن وٽ پئسا نه ھئڻ ڪري ھن پلاٽ وڪرو ڪري الم لڳايو ھو) جنھن جي علامه طالب جوھري سان سڄاڻ ھئي ان جي معرفت حاضري ڀري زيارت ڪئي ان دور ۾ مونکي آٽو گراف وٺڻ جو شوق ھوندو ھو کائونس آٽو گراف ورتو (آٽوگراف بوڪ 2011ع وري برساتي ٻوڏ ۾ ڳوٺ واري گھر مٿان ٺاھيل لائبرري جي ڇت ٽٽڻ ڪري اخباري رڪارڊ ناياب ڪتاب ان وقت جي اردو سنڌي رسالن جا پرچا به ٻڏي ويا اھو آٽو گراف بوڪ جنھن ۾ ان زماني جي مشھور شخصيتن کان ورتل آٽوگراف به ھئا ضايع ٿي ويو ) انھي سال محرم الحرام ۾ نشتر پارڪ ۾ سندس پڙھيل مجلس روبرو ٻڌڻ جو شرف حاصل ٿيو مون کي اھو اعزاز حاصل آھي ته 74ع کان (جڏھن پنج درجي جو شاگرد ھئس) تڏھن کان 10 محرم تي علامه طالب جوھري جي شام غريبان ٻڌندو رھيو آھيان علامه طالب جوھري کي نه صرف شعيا پر تقريبن ھر فقحا جا ماڻھون به کيس دلچسپي سان ٻڌندا ھئا نه صرف مسلمان پر ھندو سک عيسائي يھودي به کيس شوق ۽ دلچسي سان ٻڌندا ھئا ھي مسلمان جي سڀن فقحن سان گڏ ھر مذھب جي ساڃاھ وند ماڻھن ۾ ھڪ جيترو مقبول ھو پاڻ جيڪو به بيان ڪندو ھو اھو قران شريف ۽ حديثن مان ھوندو ھو سندن پڙھيل مجلسون ڪڏھن به تڪراري نه رھيون ھر بيان دلائيل سان ڪندو ھو علامه طالب جوھري 27آگسٽ 39ع تي ھندستان جي مشھور رياست بھار جي شھر پٽنا ۾ پنھجي دور جي مشھور عالم دين علامه مصطفي جوھري جي گھر ۾ جنم ورتو ننڍي ھوندي کان انتھائي ذھين ھو پاڻ ابتدائي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي مذھبي اعلي تعليم نجف شريف ۾ آيت الله العطظمي سيد ابوالقاسم الحوني جي زير احتمام جوزه ۾ داخل ٿيو جتي آيت الله شھيد باقر الصدر جو شاگرد رھيو پاڻ آيت الله سستاني علامه ذيشان حيدر جوادي ھم ڪلاسي رھيو پاڪستان ٺھڻ بعد سندس خاندان ھجرت ڪري ڪراچي اچي آباد ٿيو علامه طالب جوھري اتحاد بين المسلمين جو وڏو حمايتي رھيو سندس ڪيل خطاب پڙھيل مجلسن جو موضوع الله سائين جا حڪمن جي پيروي سنت رسولالله ۽ اھلبيت رھيو ھر ڳالھ قران شريف ۽ حديث نبوي مان ڏيندو ھو پاڻ شعيه ۽ سني مسلڪ ۾ ۡھڪ جھڙو مقام ڏنو سندن لکيل ڪتابن ۾ ٻين کانسواء احسن حديث .قراني تفسير . حديث ڪربلا. ذڪر معصوم نظام حيات انساني علامات مظھر مھدي.خلفاء اشناعشر.علامات ظھور مھدي .عقليات معاشره ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن جڏھن ته سندس پڙھيل مجلسن تي مبني ڪتاب تھذيب نفس.تھذيب حاضر .عالم معاشره اور قران الحڪيم .اساس آدميت اور قران .انساني معاصر اور قران .انسانيت ڪا الوحي منشور .منصب قران و حيادت .ميزان حيات اور قران. ميرث عقل و وحي الاھي . معيار تقوي جڏھن ته سندس شاعري جنھن به تصيده مرثيه ربايون غزل نظمن جا به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن جن ۾ ٻين کانسواء حرف نمو .پس آفاق .شاخ صدا .به شامل آۡھن جڏھن ته ڀارت جي مشھور آن لائين لائبرري تي سندس چار غزل موجود آھن جن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي نشرت پارڪ ڪراچي ۾ قديم زماني کان پڙھي ويندڙ شام غريبا جيڪا علامه طالب جوھري کان اڳ مشھور عالم اسلام دين علامه رشيد ترابي پڙھندو ھو ان جي وصال بعد علامه طالب جوھري پڙھندو آيو آھي پي ٽي وي شروع کان سندس پڙھيل شام غريبا ھلندي ھئي نجي ٽيليويزن اچڻ کان اڳ صرف پي ٽي وي ھوندي ھئي 10 محرم تي ملڪ جا لکين ماڻھون سندس پڙھيل شام غريبا جو انتظار ڪندا ھئا جن وٽ ٽي وي ھوندي ھئي سڄو پاڙو اتي جمع ٿي ويندو ھو سندس آخري مجلس 18صفر 2019ع تي ڪراچي ۾ ٿي پاڻ سندس ھر سال نشتر پارڪ ۾ پڙھيل شام غريبا جيڪا پي ٽي وي تي نشر ٿيڻ جي ڪري سندس شھريت پاڪستان سميت دنيان ۾ پکڙي اسان وٽ ڪنھنجي لاڏاڻي تي صرف سندس گھر ڀاتي ويجھا دوست سوڳوار ھوندا آھن پر علامه طالب جوھري اھا شخصيت ھو جنھن جي نه صرف اسان جي ملڪ پر دنيا جا اۡھي ڪروڙين ماڻھون جن سندس مجلسون ٻڌيون جن سندس ڪتاب پڙھيا آھن اھي سڀ سوڳوارن آھن علامه صاحب جو تڏو ته سندس خاندان وڇايو آھي پر سندس ھر مداح جي دل ۾ تڏو وڇائيل آھي جڏھن سندس لاڏاڻي جي خبر ٽي وي تي بريڪ ٿي ته اسان جي گھر سميت لکين گھرن ۾ سوڳ وارو ماحول برپا ٿي ويو نه صرف اسان جي ملڪ جي ٽي وي چينلن اخبارن پر ايران عراق ڀارت سميت دنيا جي ڪيترن ئي الڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کان وٺي سوشل ميڊياتائين خراج تحسين پيش ڪري رھيا آھن جڏھن انچولي امام بارگاه تان سندس جسم کي کڻي گرائونڊ تي جنازي نماز کان وٺي رضويه سوسائيٽي جي قبرستان ۾ سندس مدرسي جي اياطي ۾ ڌرتي ماء جي حوالي ڪرڻ تائين عوام جو سمنڊ اٿلي پيو سندس عاشق ڪرونا جي خوف کي ويساري ايس او پيز تي عمل کي ويساري ھر ماڻھون جي خواھش ھئي ته سندن ميت کي ڪلھو ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪن سندس آخري سفر جيڪو ملڪ جي سڀن چينلن۽ اتي موجوده ماڻھن فيس بوڪ تي لائيو ھلايو ته آخري سفر ۾ شامل ھر ماڻھون ڏکائيل ھر ماڻھون سوڳوار ھر ماڻھون جي اک.آلي نظر اچي رھي ھئي پاڻ سوين شاگرد پئدا ڪيا جن ۾ سندس فرزند رياض جوھري امجد جوھري اسد جوھري به شامل آھن علامه صاحب ڪجھ سالن کان بيمار ھو ڪجھ ڏينھن کان ڪراچي جي ھڪ اسپتال ۾ انتھائي نگھداشت واري شعبي دل جي تڪليف ڪري داخل ھو جتي 22جون سومر ڏينھن دم ھڻي حوالي ڪيو پاڻ جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آھي پر پاڻ اسان جي دل دماغ ۾ ھميشه ياد رھندو اسان کيس لطيف سائين جي ھن شعر سان ڀيٽا ڏيون ٿا
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙھيون مون مارين
جي جي کي جيارين سي لاھوتي لڏي ويا