دنيا جو لافاني شاعر عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جو شجرو ٻنهي جهانن جي سردار حصرت محمد صه جن سان ملي ٿو. سندن وڏا هرات جا هئا، جي نه صرف زهد ۽ تقويٰ جي ڪري مشهور هئا، پر وڏي مال متاع جا به مالڪ هئا، هنن مان هڪ بزرگ مير حيدر شاهه سير سياحت لاءِ هالن ۾ اچي نڪتو. جتي سندس هڪ بزرگ شاهه محمد هالائي جي نياڻي سان شادي ٿي. ڪجهه سالن بعد پنهنجي والد جي وفات جي خبر پوندي واپس وطن موٽيا. ان بعد سگهو ئي کين پٽ ڄائو، جنهن جي اولاد مان ناميارو شاعر ۽ اوليا شاهه ڪريم بلڙي وارو به ٿي گذريو آهي. جيڪو لطيف سائين جو تڙ ڏاڏو هو.
شاهه لطيف جو پڙ ڏاڏو سيد جمال شاهه، شاه ڪريم بلڙي مان لڏي مٽياري ۾ اچي ويٺو، ڪن ڪتابن ۾ اچي ٿو ته مٽياري ۾ عزيزن جي اڻ وڻت ڪري شاهه حبيب جو والد سيد عبدالقدوس پنهنجي عزيز سخي هاشم شاهه جن جي مشوري تي مٽياري مان لڏي ڳوٺ سئي ڪندر موجوده تعلقي ٽنڊو آدم ۾ آباد ٿيا، جتي ڏيرا برادري آباد هئي ۽ ڏيرن فقيرن ۾ ڪيترائي عالم درويش فقير هئا. ڊاڪٽر گربخشاني لکي ٿو ته “اتي شاهه حبيب جي شادي ڏيرا برادري جي عربي ڌياڻيءَ جي ڌيءَ سان ٿي.” دين محمد وفائي اهو خيال ڏيکاريو آهي ته “شاهه حبيب سندس ئي خاندان جي مخدوم ڌياڻيءَ جي ڌ يءَ سان شادي ڪئي، جيڪو وڏو بزرگ به هو.” ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي مضمون شاهه حبيب جو ڪٽنب ۾ لکيو آهي ته “شاهه حبيب جي شادي سئي ڪندر ۾ ڏيرا فقيرن جي هڪ شاخ ثابت ٻوٽا مان عرس فقير ڏيرو جي نياڻي سان ٿي. شاهه حبيب کي سئي ڪندر ڳوٺ ۾ ٻه پٽ عبداللطيف ۽ عبدالرشيد پيدا ٿيا. جيڪي ننڍي هوندي وفات ڪري ويا. جن جا آخري آرام گاهه اڄ به سئي ڪندر ڀرسان سنڌ جي مشهور وڏي قبرستان ساياتن جو قبرستان ۾ آهن. شاهه حبيب کي اولاد نه بچڻ ڪري کين اتان جي بزرگ ماڻهن ٻڌايو ته هتي اوهان جو اولاد نه بچندو، جنهن ڪري هتان ٻئي ڪنهن هنڌ لڏي وڃو، جتان شاهه حبيب لڏي هالا حويلي ۾ اچي ويٺا، جتي شاهه لطيف پيدا ٿيو. هالا حويلي بابت مختلف روايتون آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته اها هالا ويجهو هئي، ڪن مورخن مٽياري وٽ ڄاڻائي آهي، پر تازو ڪجهه نوجوان اديبن پاران ڪيل تحقيق مان ثابت ٿيو اهي ته هالا حويلي ٽنڊوالهيار، ٽنڊوآدم روڊ تي عثمان شاهه هڙي بس اسٽاپ کان اولهه طرف آهي، جيڪا اڄ به هالا حويلي سڏجي ٿي. سيد غلام حيدر شاهه مرحوم پير آف ڀٽ شاهه جي ويجهو عزيز سيد مير شاهه مرحوم جيڪو وڏو ڄاڻو هو ان به تصديق ڪئي ته هالا حويلي عثمان شاه هڙي ويجهو آهي، جتي هر سال جشن ولادت شاهه لطيف ملهايو وڃي ٿو، ليڪن ڪجهه ليکڪن لطيف سائين جو جنم ڳوٺ سئي ڪندر لکيو آهي. شاهه لطيف جي جنم تاريخ جو هتي پتو نه ٿو پوي. شاهه لطيف تي تحقيق ڪندڙن لطيف جي جنم تاريخ جدا جدا لکي آهي، پر سڀ کان وڌيڪ تحقيق ڪندڙن مان ڊاڪٽر ٽرمپ 1680ع، سگا 1660ع، مرزا قليچ بيگ 1687ع، مير علي شير ڪانهي 1667ع، ڪلياڻ آڏواڻي، 1689ع ۾ ڄاڻايو آهي. شاهه لطيف کي شروعاتي تعليم لاءِ آخوند نور محمد ڀٽي وٽ ويهاريو ويو. لطيف سرڪار جي تعليم بابت ڪيترائي مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، ڪي ته لدني علم جي پالوٽ ٿا ٻڌائين، ڪن محققن جي خيال مطابق بزرگن سان ملاقاتون ۽ گهرو تربيت سندس دل جا پردا کولي ڇڏيا هئا، روايت آهي ته آخوند نور محمد لطيف سرڪار کي الف پڙهائڻ بعد ب چيس ته لطيف سرڪار جواب ڏنو ته مون لاءِ الف کوڙ آهي، آخوند نور محمد وائي جو ڳوٺ موجوده اڏيرو ۽ هالا حويلي جي وچ تي هو. ان وقت اڏيري ۾ دائري شريف جو وڏو ديني درسگاهه هو، جتي باطني ۽ ظاهري علم پڙهايا ويندا هئا. دائري وارن جي قرت مديني تائين مشهور هئي، امڪان آهي ته شاهه لطيف اتان علمي فيض پرايو هجي. ڇاڪاڻ ته لطيف سرڪار جي فڪري انداز تاريخي ڳوڙهي اڀياس، عربي فارسي جي وڏي ڄاڻ، سنڌ جي وڏن عالمن سان رهاڻيون ظاهر ڪن ٿيون ته پاڻ وڏو عالم ۽ مفڪر هو. پاڻ سدائين پاڻ سان گڏ قرآن شريف ۽ مثنوي مولانا رومي ۽ رسالو ڪريمي کڻي هلندا هئا، ڊاڪٽر ٽرمپ به سندس علمي ڄاڻ جي خيال بابت پٺڀرائي ڪن ٿا. ڊاڪٽر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته “لطيف اڻ پڙهيل واري دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ شاهه جو ديوان ئي ڪافي آهي، جنهن ۾ هن فارسي، عربي زبانن جو اونهو محاورو ڏيکاريو آهي،” ڊاڪٽر گربخشاڻي جو چوڻ آهي ته “شاهه لطيف عربي، فارسي ۽ سنڌي جو وڏو عالم هو، ان کانسواءِِ ٻين ٻولين بلوچي، پنجابي، هندي ۽ٻين جي به ڪافي ڄاڻ هئن” ڪن روايتن موجب سندن والد هالا حويلي مان لڏي ڪوٽڙي بيگ ۾ جيڪا کنڊو بس اسٽاپ کان اولهه طرف هئي ۽ اتي مغلن جو ڪوٽ موجود هالا حيدرآباد روڊ تي اولهه طرف هو، ڪوٽ جا نشان هاڻ ختم ٿي چڪا آهن، مغل، شاهه حبيب جا مريد ٿيا، انهن ۾ مرزا بيگ نالي وڏي پهچ ۽ بااثر ماڻهو به رهندو هو، جنهن جي خاندان جو شجرو وڃي چنگيز خان سان لڳي ٿو، هن خاندان جو شاهه حبيب ۾ وڏو عقيدو اعتماد هوندو هو، هو سندن وڏي عزت ڪندا هئا، هڪ ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پئي ۽ دستور موجب تعويذ ڦل ۽ دعا ڦيڻي لاءِ شاهه حبيب کي سڏايو ويو، ان ڏينهن شاهه حبيب حي طبيعت ناساز هئڻ ڪري وڃي نه سگهيا ۽ پنهنجي پٽ شاهه لطيف کي اوڏانهن روانو ڪيائون، مغل نهايت سخت پردو ڪندا هئا ۽ حويلي ۾ ڪنهن به مرد ماڻهو کي اچڻ ڪونه ڏيندا هئا ۽ بيمار ڇوڪري کي چادر ۾ ويڙهي ويهاريائون ۽ جيئن شاهه کي ڇوڪريءَ جي آڱر ڦيڻي وجهڻ لاءِ هٿ ۾ ملي، تيئن عشق ڄڀيون ڏيڻ لڳو ۽ مجازي عشق اري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيس، پاڻ ڇوڪري کي دل ڏئي ويٺا ۽ چوڻ لڳو، “جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪو لوڏو.”
مشهور ليکڪ غلام نبي سڌايو آرٽيڪل علامت نگاري ۽ شاهه لطيف ۾ مختلف اديبن جا حوالا ڏئي لکي ٿو ته “اها روايت صحيح نه آهي،” بهرحال اها ڳالهه مغلن کي ناگوار لڳي ۽ ساداتن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مجبورن هو ڪوٽڙي مان لڏي ويا. شاهه لطيف عشق جي الفي ڳچيءَ ۾ وجهي اندر جي اڌمن ڪڍڻ لاءِ سندن لڪل شاعراڻو شعور پلٽجي پيو ۽ سندن عشق واري ڳالهه ۽ اندر جي اڌمن وارن بيتن جو پوري علائقي ۾ چرچو وڌي ويو. شاهه لطف کي عشق اهڙو ته اري مان ڪڍي ڇڏيو جو تن من دنيا جو خيال نه رهيس، جهرجنگ برپٽن ۾ ڏينهن جا ڏينهن پيو ڀٽڪندو هو، چون ٿا ته هڪ دفعي لطيف سائين هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ۽ محبوب جي خيال ۾ ايترو ته ٻڏي ويو جو 3 ڏينهن لڳي ويس ۽ اڏامندڙ واريءَ ڪلهن تائين ڍڪي ڇڏيس.ڀٽ ڌڻي پنهنجي فقيرن لاءِ چوندا هئا ته هو منهنجو اولاد آهن، شاهه صاحب جن وٽ سدائين سماع لڳو پيو هوندو، آئي ويئي سان پاٻوهه سان ملڻ ۽ محبت ونڊڻ ڪري سندن هاڪ هر هنڌ هلي پئي ۽ پري پري کان ماڻهو وٽن اچي حاضر ٿيڻ لڳا. ويجهو رهندڙ پيرن مشائخن کي اها ڳالهه ڪانه وڻي. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، شاهه لطيف جي دشمنن جو احوال ڏيندي لکي ٿو:
“انهن مان هڪڙا هالن وارا پير مخدوم نوح جو اولاد ۽ ٻيا مٽيارين وارا سيد جي خود شاهه جا ويجها عزيز هئا ۽ سنڌ جا حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو انهن ڌرين لطيف کي گهڻو ستايو،” ليڪن مخدوم طالب الموليٰ جن جو لکيل ڪتاب جيڪو مخدوم جميل الزمان ڇپايو آهي، انهيءَ تاريخي، روايتن حوالن سان ان جي ترديد ڪئي آهي ته مخدوم نوح جو اولاد شاهه لطيف جا دشمن نه هئا. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته شاهه لطيف کي پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙي جو مقبرو ٺهرائڻ جو خيال ٿيو ۽ ڪاشيءَ جون سرون آڻڻ لاءِ پاڻ ملتان ويو، جتان واپس ٻيڙيءَ ۾ خداآباد ڪلهوڙن جي گادي جي هنڌ وٽان لنگهيو ته اتي ساهي پٽڻ لاءِ لنگر هنيائين، سندن اچڻ جو ٻڌي ماڻهن وڏي تعداد ۾ سندن حاضري لاءِ پهچڻ لڳا، ميان نور محمد ڪلهوڙو به پنهنجي قاصد هٿان موتين جي معجون جي دٻلي نذراني طور ڏياري موڪلي. شاهه صاحب دٻلي وٺي درياءَ ۾ اڇلائي ۽ چيائين ته ميان صاحب کي سلام ڏجو ۽ چئج ته اوهان جي سوغات فقط اسين کائون ها ته اسان کي فائدو پهچي ها پر هاڻ ڀل ته عميق ۾ جيڪا مخلوق آهي اها به فيض حاصل ڪري چون ٿا ته اوڏي مهل اتان مئل مڇيون ترنديون ڏسڻ ۾ آيون!
روايتون آهن ته شاهه لطيف جي هاڪ ملڪان ملڪ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي ۽ ڪيترائي استاد ڳائيندڙ گويا هندستان مان اچي نڪتا اٽل ۽ چنچل نالي دهليءَ جا ٻه مشهور ڳائيڻا به اچي اتي پهتا، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو مشهور گويئي تان سين جا پٽ هئا، ويرانيءَ ۾ آباد ڪيل نئين ڳوٺ ڀٽ شاهه ۾ ميلي جيان سماءُ لڳو پيو هوندو هو. شاهه سائين پنهنجا بيت پاڻ به ڳائنيدو هو، پڇاڙيءَ واري وقت ۾ کين ڪربلا جي زيارت ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سنڀري نڪتو ته هڪ مريد گڏين ۽ چيائين ته قبلا هي ڇا اوهان ته چوندا آهيو ته ڪفن دفن ڀٽ ۾ ٿيندو چون ٿا ته مريد الله جو پهتل هو ۽ ان حال پروڙي ورتو. شاهه سائين کي هي لفظ دل سان لڳا، موٽي ڀٽ تي آيو، ڪارو ويس ڪري سر ڪيڏارو جا بيت چوڻ لڳو ۽ فقيرن کي به دنبوري تي ڪيڏارو ڳائڻ جو چيو، پاڻ هڪ ايڪيهيون ڪڍيو، جنهن بعد وهنجي چادر ويڙهي مراقبي ۾ ٿي ويٺو ۽ فقيرن کي سماع ڪرڻ جو اشارو ڪيائون، ٽي ڏينهن سماع هلندو رهيو. آخر سماع بند ڪري فقير شاهه جي ويجهو وڃي ڏٺو ته پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا هئا. سندن وفات 1752ع بمطابق 1125هه صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ٿي ۽ انهيءَ تاريخ تي هر سال ڀٽ شاهه ۾ ٽي روزا ميلو لڳندو آهي.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جيڪو لطيف سائين جي دعائن سان پئدا ٿيو ان سن 1127هه مطابق 1754ع ۾ ڀٽ ڌڻي جي آخري آرامگاه کي اڏايو ۽ دروازي تي ڪيترايون فارسي جي بيت واريون سرون لڳرايون. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته شاهه لطيف جي چهري مان سدائين نور پيو ٻهڪندو هو ۽ اکيون وڏيون ۽ سدائين مشعل وانگر پيون ٻرنديون هيون. وڳنڌ نالي فقير کانسواءِ ڪنهن ٻئي سان چرچو ڀوڳ نه ڪندا هئا، پاڻ سادو کائيندو سادو پائيندا هئا، بدن تي گيڙو ڪفني، مٿي تي ڊگهي جمني ٽوپي جنهن تي ٻه ٽي واراڪا ڪپڙي جا ويڙهيل هوندا هئا، پاڻ اڪثر پير اگهاڙا ڪري هلندو هٿ ۾ هڪ ڊگهي لٺ کڻندو هو، کاڌي پيتي لاءِ هڪ وڏو ڪشتو هوندو هو چون ٿا سندن ڪافي نشانيون اڳ درگاه تي رکيون هيون، ليڪن اهي هاڻ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. پاڻ گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو هو، هڪ دفعي فقيرن شڪايت ڪئي ته سائين ڀٽ تي مڇر ڏاڍا آهن، پاڻ جواب ڏنائون ته ابا مڇر اوهان جا سڄڻ آهن، جو اوهان کي غافل ٿي سمهڻ نٿا ڏين ۽ اوهان کي هدايت ٿا ڪن ته سستي ڇڏي الله جي عبادت ڪريو. روايتون آهن ته محرم مهيني ۾ پاڻ ڪربلا جي شهيدن لاءِ ماتم ڪندو هو، سر ڪيڏارو ۾ شهيد امامن لاءِ دانهون ۽ آهون ڪيون اٿس. شاهه لطيف جي شاعري انساني جذبن ۽ امنگن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ انسان ذات جي ڀلائي بهتري لاءِ پيغام ڏئي ٿي. لطيف جي مشاهدي جي قوت تمام تيز آهي، هو هر شيءِ جي گهرائي ۾ وڃي بهتر نتيجا اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو، سندس ڪلام ۾ انساني فطرت جو هر رخ ۽ انساني تجربي جو عڪس نمايان نظر ايندو. شاهه جي نظر ۾ ڪائنات جي سمورن رنگن ۾ وحدت آهي، هن اسان کي سمجهايو آهي ته ڇو انڌا ٿيا آهيو، ڇو پيا پاڻ ۾ وڙهو، اوهان ته پاڻ ۾ هڪ آهيو، اوهان پاڻ کي هڪٻئي کان جدا سمجهڻ اوهان جي جهالت ۽ بي فڪري آهي.
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار نه مون،
مون ۾ آهين تون, متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
يعني پنهنجي پاڻ کي الڳ سمجهڻ وڏي ناداني آهي، خودپرستي جي تصور ۽ اونچ نيچ رنگ نسل ۽ ذات پات جا ويڇا پيدا ڪري انسان کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو آهي. بغض، ڪينو، حسد، ساڙ، خودغرضي، تڪبر، تعصب ۽ انسان دشمني انهيءَ تصور جي پيداوار آهي، انهيءَ ڪري ملڪ ۾ انتشار فساد آهي، لطيف سرڪار پنهنجي بيتن ۾ سمجهائي ٿو ته زندگي جو مقصد رڳو مادي ترقي تائين محدود نه رکو، هتان ماديت ۾ مبتلا ٿبو ته خود غرضي ۾ نه ڦاسي پئبو، پنهنجي مفاد ۽ مقصد لاءِ ٻئي کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿا ڪريو. اهڙي حالت ۾ حقيقي مقصد هٿ نه ايندو. شاه سائين پنهنجي شاعري ۾ اهو پيغام ڏي ٿو ته پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي جي تمنا ضرور رکو، پر ٻين جا حق غضب نه ڪريو، ٻين جي راهن ۾ رڪاوٽون پيدا نه ڪريو، پاڻ جيئو ۽ ٻين کي جيئڻ ڏيو. حقوق العباد تي مڪمل عمل ڪريو.
شاهه لطيف جو رسالو ۽ سندس وجود سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ قوم لاءِ هڪ اعليٰ آدرشي نمونو آهي، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته جڏهن ٻين شاعرن جي شاعري ٿڌي ٿانئري ٿي ويندي آهي، تڏهن به شاهه صاحب جي شاعري ساڳئي جلوي، زندگي ۽ دنيا جي منجهيل، ڪٺن ۽ ٻاٽ اونداهين وارن رستن کي روشن ڪندي رهندي. لطيف سنڌي ٻولي کي سلاست، بلاغت، فصاحت ڏيندڙ ڌڻي هو. نوان نياپا نوان طريقا نيون امنگون ۽ اظهار جا نوان طريقا ڏئي ويو، لطيف عظيم هو، ڀلا ڀاڳ آهن سنڌ جا لطيف جهڙو عظيم صوفي بزرگ ۽ لافاني شاعر هتي پيدا ٿيو