(Last Updated On: )
”سرءُ جي اداس شام
هن اچي پڇيو
ڇا مان ڏيئو ٻاريان؟“
ها! تون ڏيئو ٻار
تنهنجي ڌرتيءَ
ديپ ڌڪاريا
تون نه ڌڪار
ڏيئو ٻار“
اهو ڏيئو
جنهن لاءِ سنڌ جي سدا جوان شاعر
امداد حسينيءَ لکيو هو:
”ڏيئو آ اونداهيءَ جو گهاءُ“
ان ڏيئي جو اهاءُ
ان روشنيءَ جو پيغام آهي
جنهن لاءِ هڪ پرهه تڙڦي ٿي!
اهو ڏيئو اسان جي اکين جون
اونداهيون دور ڪندو!
اهو ڏيئو هڪ روشن دعا آهي
انهن دلين لاءِ
جن ۾ پن ڇڻ جي موسم
پيهي وئي آهي.
هي ڏيئو رڳو هڪ رسم ناهي
هي ڏيئو اسان جي آئيندي جو اهڃاڻ آهي
هي ڏيئو سنڌ جي سڃاڻ آهي
ان ڏيئي جي لاٽ
طوفانن سان وڙهندي
ان ڏيئي جي لاٽ
سرد هوائن جي همسفر هوندي
ان ڏياريءَ جي ڏڻ تي
اچو ته پنهنجو ٻڪ
هڪ ڏيئي وانگر اڀاريون
۽ هر آڱر تي ان دعا جي
جوت جلايون
”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين“