طارق عزيز ھاڻ اسان ۾ به رھيو ھو ھن فاني دنيان مان ڏسندڙ اکين ٻڌندڙ ڪنن کي الوداع ڪري ويو طارق عزيز اسان کان ھميشه لاء رسي لاھور جي گارڊن ٽائون جي قبرستان ۾ ڌرتي جي ھنج ھميشه لاء سمھين رھيو ھو ھميشه لاء ان جھان ۾ ھليو ويو جتان ڪو به موٽيو نه آھي آئون جڏھن اڃان شاگرد ھئس ان دور ۾ پي ٽي وي تي ھن جو نيلام گُھر نالي گيم شو ھلندو ھو جيڪو عوام ۾ مقبول ترين پروگرام ھو جيڪو ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھلندو جنھن ۾ مختلف قسم جا سوال ڪيا ويندا ھئا صحي جواب ڏيندڙن کي انعام ملندا ھئا ان ۾ مشھور فنڪار به فن جو مظاھرو ڪندا ھئا نيلام گھر ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان وابسطا شخصيتن کي به مدعو ڪري ڳالھيون ڪيون وينديو ھيون ان زماني ۾ اڃان ٽي وي عام نه ھئي ڪنھن ڪنھن وٽ ھوندي ھئي اھو زماني ۾ اڃان رنگين ٽي وي نه آئي ھئي اھو زمانو اڃان بليڪ وائيٽ ٽي وي جو ھو جڏھن ڏينھن نيلام گھر ھلندو ھو ته جنھن وٽ ٽي وي ھوندي ھئي سڄو پاڙو اتي گڏ ٿي ويندو ھو طارق صرف ٽي وي جي نيلام گھر جو ميزبان نه ھو پر فلمن جو اداڪار صحافي ڪمپئر سماجي ۽ سياسي شاعر انڪر پرسن به ھو پاڻ ھر فن مولا شخصيت ھو
طارق عزيز اٺاويھ اپريل 1936ع ۾ ڀارت جي شھر جالندھر ۾ ھڪ نيڪ انسان عبدالعزيز جي گھر ۾ جنم ورتو پاڪستان جي قيام وقت 1947ع ۾ سندس والد ھجرت ڪري پنجاب جي شھر ساھيوال ۾ قيام پذير ٿيو طارق عزيز ابتدائي تعليم به اتي ادا ڪئي پاڻ ننڍي ھوندي کان ذھين ھو 50ع ۾ شاگردي واري زماني ۾ پاڻ کي ھڪ سوشلٽ چوائيڻ شروع ڪيو گريجويشن ڪرڻ بعد ريڊيو پاڪستان تي انائوسر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو 64ع ۾ پي ٽي وي جي افتاح جي موقعي تي تعارفي اعلان ڪرڻ لاء سڏيو ويو ان بعد پي ٽي وي سان وابسطا رھيو پي ٽي وي جو پھريون انائونسر جو اعزاز حاصل ھو تقريبن ٿوري وقت بعد ھن خوشحال فلم انڊيسٽري ۾ اداڪار طور قدم رکيو ھو شروع ۾ فلمن ۾ سائيڊ ڪردار ادا ڪيا فلمي دنيان ۾ ھن فلم سالگره قسم اس وقت ڪي انسان چرا غ ڪھان روشني ڪھان ۾ مئن ڪردار ادا ڪيا فلمن ۾ سائيڊ ڪردارن کان وٺي مرڪزي ڪردار ادا ڪيا پر سندس فلمن ۾ ادا ڪيل ڪردار ڏسندڙن کي ان ليول تائين متاثر نه ڪري سگھيو 60ع ڌاري طارق عزيز ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت کان متاثر ٿي ان سان محبت ٿي ويس ھو پاڻ کي ذوالفقار علي ڀٽو جو عاشق سڏائيندو ھو جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو صدر ايوب خان سان بغاوت ڪري پ پ جي قيام جو اعلان ڪيو ته طارق عزيز به پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ پارٽي ۾ ھڪ ڪارڪن جي حيثيت سان اھم ڪردار ادا ڪيو َمشھور صحافي محمود شام جي لکيل مشھور ڪتاب لاڙڪاڻه ٽاونڪنگ ۾ طارق عزيز کي پ پ جو ھڪ جوشيلو انقلابي طور ھن جو ذڪر ڪيو آھي ڀٽي جي حوالي سان لکيل ڪيترن ئي ڪتابن ۾ لکيل آھي ته طارق عزيز ذوالفقار علي ڀٽو جي جلسن ريلئن ۾ عوام ۾ جوش جذبو پئدا ڪرڻ لاء خوبصورت انداز ۾ نعره ھڻندو ھو عوام ۾ جوش جذبو پئدا ڪرڻ لاء نعره به ھڻائيندو ھو ھي ذوالفقار علي ڀٽو جي پسنديه ماڻھن مان ھڪ ھو ڀٽو جي انھن ريلئن ۾ فلم ڪئميرا به کڻي ويندو ھو ته ھو انھن ريلئن کي فلمن ۾ محفوظ رھن جڏھن آمر جنرل ضياء پي ٽي وي تي ڀٽو جي فلمن کي تباه ڪيو ويو پر طارق وٽ اھي فلمون فوٽيج محفوظ ھئا 74ع ۾ پي ٽي وي تي ڪوئيز پروگرام شيشي ڪا گھر کان متاثر ٿي طارق عزيز ۽ عارف رانا نيلام گھر نالي پروگرام شروع ڪيو جيڪو 75ع ۾ ڪراچي کان نشر ٿيو ھو اھو گيم شو طارق عزيز جي محنت انداز سان آسمان تي پھچي ويو طارق جي انداز کيس به شھريت جي بلندين تائين پھچايو ھن پي تي ٻيا به پروگرام ڪيا پر سندس شھريت نيلام گھر کان ٿي جڏھن فوجي بغاوت جي ڪري ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي چاھيو ويو اھو اھڙو ڏکيو دور ھو جو ڀٽو جا ڪيترائي ساٿي ملڪ ڇڏي ويا جيڪي ملڪ ۾ ھئا صفا چپ رھيا ڪيترائي ضياء جا ظاھري ڪي لڪل انداز ۾ حمايتي ٿي ويا اھڙي ريت طارق عزير به اڻ سڌي طرح پ پ کي ڇڏي ڏنو ۽ سندس جھڪاء جنرل ضياء ڏي ٿي ويو 93ع واري پ پ حڪومت ۾ نيلام گھر بند ڪيو ويو طارق عزيز 96ع ڌاري مسلم ليگ نواز گروپ ۾ شامل ٿيو ۽ 97ع ۾ لاھور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي موجوده وزير اعظيم عمران خان سان چون وڙھي کيس تاريخي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي جڏھن نواز شريف دور ۾ سپريم ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن ۽ پاليامنٽ ميمبرن ڪورٽ جي ديوار ٽپي ڪورٽ اندر ڀڃ ڊاھ ڪئي انھن پارليامنٽ جي ميمبرن ۾ طارق عزيز جو نالو به اڳيان ھو ان واقعي ۾ طارق عزيز تنقيد جو نشانو بنيو ان واقعي کان سگھوئي پوء ھن سياست کي الوداع ڪيل طارق عزيز ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ضياء نواز شريف پرويز مشرف سان ويجھو رھڻ جي باوجود ھن پاران ذاتي فائدو وٺڻ جو ھن خلاف اسڪينڊل ٻڌڻ ۾ نه آيو پر ھن پاران ڪيترن ئي غريب ماڻھن کي فائده وٺي ڏيڻ جون ڳالھيون مشھور آھن طارق عزيز کي مختلف علمي ادبي ثقافتي ادارن پاران لاتعداد ايوارڊ مليا جنھن ۾ شو بزنس جي دنيان جو ان وقت جو سڀ کان وڏو نگار ايوارڊ ٻه دفعا مليو جڏھن ته 14آگسٽ 92ع تي کيس صدارتي تمغيه برائي حسن ڪارگردگي ڏنو ويو طارق عزيز بھترين ڪالم نويس به ھو سندس ڪالمن تي جو ھڪ مجموعو داستان شايع ٿيو پاڻ بھترين شاعر ھو اردو ۽ پھنجي مادري زبان پنجابي ۾ شاعري ڪئي سندس اردو شاعري جو مجموعو ھم زاد دا دک شايع ٿيل آھي پاڻ ڪجھ وقت کان پھنجو ڪتاب ڦٽ پاٿ کان پارليامنٽ تائين لکي رھيو ھو پر موت کيس ايتري مھلت نه ڏني 17جون تي سندس طبعت خراب ٿي پئي سندس عزيز کيس اسپتال وٺيو پي ويا ته واٽ تي ئي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو کيس اولاد نه ھو ھن پھنجي وصيت ۾ لکيو آھي ته جئين ته کيس اولاد نه آھي ان ڪري ھو پھنجي جائيداد پاڪسان جي حوالي ڪري ٿو ھن لاڏاڻي کان اڳ ھڪ ٽيوٽ ڪيو جنھن ۾ ھن لکيو
’’یوں لگتا ہے وقت تھم گیا ہے، رواں دواں زندگی رُک گئی ہے۔ کئی دنوں سے بستر پر لیٹے لیٹے سوچ رہا ہوں کہ آزادانہ نقل و حرکت بھی مالک کی کتنی بڑی نعمت تھی۔ نجانے پرانا وقت کب لوٹ کے آتا ہے، ابھی تو کوئی امید نظر نہیں آرہی۔‘‘
طارق عزيز جي شخصيت ان جي انداز بيان جي ڪري مون سميت لکين ماڻھون سندس مداح ھئا مونکي طارق عزيز سان ملاقات ڪرڻ جو شوق رھيو جيڪو 95ع ڌاري پورو ٿيو ساڻس لاھور ۾ ٿي وئي نيلام گھر بند ٿيڻ جي حوالي سان جڏھن ڳالھ ڪئي ته ھن ڏکوئل انداز ۾ ھڪ خوبصورت جملو چيو جيڪو اکر به اکر ياد نه آھي پر ان جو مطلب اھو ھو ته بس وقت جي حڪومت جي مرضي آھي بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جو عوام لاء تفريح جو ادارو پي ٽي وي به مختلف دورن ۾ سياست جي ور چڙھيو جيڪي انتظاميه کان وٺي فنڪارن تائين سياسي پسند نا پسند جي بنيادن تي اھميت ڏني ويندي آھي طارق عزيز اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري رھيو ھو ھر شعبي جي ماڻھن ۾ مقبول ھو ان جو مثال ملڪ جي سڀن ٽي وي چينلن ريڊيو جي دنيان پرنٽ ميڊيا تي سندس وصال کي وڏي ڪوريج ملڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي مرحوم کي سندس رھائيش گاه واري علائقي گارڊ ٽائون گارڊن ٽائون واري علائقي جي قبرستان ۾ سوين روئندڙ اکين سان ڌرتي جي ھنج حوالي ڪيو ويو طارق عزيز پنھنجي ذات ۾ خود ھڪ دنيا ھو