دم مست قلندر مست….!!
جنهن وقت اسان سيوهڻ ۾ داخل ٿياسين
اها ٽاڪ منجهند هئي
اياز جي ان سٽ جهڙي
“ڪو پکيءَ جو نه پر، ٿو ٻري کيرٿر”
منهنجي ڊرائيور بنا پڇڻ جي گاڏي
ان مزار طرف ڦيرائي
جتي مستن ان هال ۾ رقص ڪيو هو
جتي اگربتين جي خوشبو نه
پر انساني گوشت ۽ بارود جي بوءِ ڦهليل هئي
صدين کان پوءِ
سيوهڻ جي سرزمين تي پيل
اها پهرين ڌمال هئي
جنهن جو سپنو اياز هن شعر ۾ ڏٺو هو
“اڄ لال لهوءَ جي سرگرم تي
ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري
منهن هيڊ ٿيا غدارن جا
بي شرم وڏيرن پيرن جا”
اهائي ته اها ڌمال هئي
جنهن لاءِ قلندر لال
سرحدن کي لتاڙيندڙ سفر ڪري
اتي پهتو هو
جتي هڪ پاسي جامد کيرٿر
۽ ٻي طرف سنڌ درياهه روان دوان هو
کيرٿر اڄ به کڙو هو
سنڌو اڄ به وهي رهيو هو
پر اهو پراڻو سپنو نون گلن جي پتين جو پهراڻ پائي
ستو پيو آ
اهو سپنو ننڊ ڀريل نيڻن جا ڇپر ڇلڪائي
ڪڏهن جاڳندو؟
ڪڏهن هيءَ قوم ڇرڪ ڀري اٿندي؟
انقلاب ڪڏهن ايندو؟
ڪڏهن سياسي بينرن جي بي وفا ڇانوَ ۾
ويٺل اهي ماڻهو
ائين اٿندا، جيئن واچوڙو اٿندو آهي!
مرونديءَ جي مزار تي
هي ملامتي سرخو
ڪجهه به سوچي نه ويو هو
صرف اهو ڏسڻ ويو هو
مستن انساني ڍال بڻجي
قلندر جي مرقد ڪيئن بچائي هئي؟
۽ جڏهن بند چپن ۽ کليل دل سان
مون خاموش هٿ کنيا
تڏهن اوقاف کاتي جي ڪنهن اڻڄاڻ ملازم
منهنجي ڪلهن تي
اها شال وڌي
۽ مون کي معلوم به نه هو ته هڪ شاعر
ان منظر کي محفوظ ڪري رهيو آهي
جنهن منظر کي ڏسي اياز جو اهو شعر ياد اچي رهيو آهي
“ڇو مرڪي منهن ڦيرائين ٿو؟
اي مروندي مون ڏانهن ڏسي
ڇا تون به ائين ئي ڀائين ٿو؟
هڪ پوئين ويڙهه به اچڻي آ
مون کي وڙهندي مرڻو آ
پر منهنجي ڌرتي بچڻي آ”
یہ تحریر فیس بُک کے اس پیج سے لی گئی ہے۔