ڇوگڏي ۽ گڏيءَ لڙڪي لائون لڌيون؟!!
انهن جا وجود وڻ تان لاٿا ويا
انهن جو انتم سنسڪار به ٿي چڪو
انهن کي پوريو ويو يا ساڙيو ويو؟
سوشل ميڊيا وٽ ان جو ڪوئي جواب ڪونهي!
هو جيڪي پيار جا ٻه پکيئڙا هئا
هو جن آتم هتيا کان اڳ ويڻيءَ ۾
پرڻي رات وارا ڳانا ٻڌا
پويون ڀيرو پيار ڪيو
هڪ ٻئي جون اکيون اگهيون
هي ڪهڙو ميلاپ هو؟
هيءَ ڪهڙي جدائي هئي؟
ڪنهن کي ڪو پتو نه پيو!
اها اسٽوري ته انقلابي شاعر
مخدوم محي الدين جي ان نظم جهڙي هئي
“اڪ چنبيلي ڪي منڊوي تلي
مئه ڪدي سي ذرا دور
اس موڙ پر….!
دو بدن
پيار ڪي آگ مين جل گئي
چاره گر!
هم ني ديکا انهين
تم ني ديکا انهين
سب ني ديکا انهين
مسجدون ڪي منارون ني ديکا انهن
مندرون ڪي ڪواڙون ني ديکا انهين
دو بدن پيار ڪي آگ مين
جل گئي
چاره گر!
اي بتا چاره گر تيري زنبيل مين
نسخه ڪيميائي محبت بهي هي؟”
اسان جيڪي علمي، ادبي ۽ سياسي چاره گر آهيون
اسان جي ڪتابن ۾
اسان جي خطابن ۾
محبت جي مرض جو ڪو نسخو لکيل ڪونهي!!
ان ڪري محبت جا اهي ٻه معصوم مريض
تڙپي تڙپي ٿڌا ٿي ويا!!
اسان جو علم
اسان جو عقل
انهن جي ڪم نه آيو!!
هو جيڪي محبت جا ٻه معصوم مسافر هئا
انهن جي منزل موت بڻي
هو جيڪي ننڍڙا گهوٽ ڪنوار هئا!
نه انهن لاءِ دلين جا دل وڳا
نه انهن لاءِ نڙين جون شهنايون گونجيون
نه ڪنهن لاڏا ڳاتا
نه ڪنهن جهمر وڌي
نه مسرت ڀريو ميڙ ڪٺو ٿيو
تمام گهڻي ۽ گهنگهور تنهائيءَ ۾
انهن پاڻ ۾ پرڻو ڪيو
انهن جا لاش هوا تي لڏندا رهيا!!
اهو ننڍڙو گهوٽ جنهن کي نيري قميص پاتل هئي
اها ننڍڙي ڪنوار جيڪا پنهنجي مٿي ٿي پاڻ
ٻانڌڻي پوتي ٻڌي آئي هئي!
ان جي عمر ئي ڪيتري هئي!
ان عمر جون ڇوڪريون ته پيار جي نالي تي ڇرڪي پونديون آهن
ان عمر جون ڇوڪريون پاڻ کي نه پر پنهنجين گڏين کي پرڻائينديون آهن
ان عمر جون ڇوڪريون ته اهو نظم ڳائينديون آهن:
“اچو گڏيءَ کي زيور پايون
ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪايون”
هوءَ ننڍڙي گڏڙي هئي
اسان هن کي نه پرڻايون
۽ هوءَ پاڻ پيار جي پينگهه ۾
لڏي لائون لهي وئي!!
ان جو درد هن ديس جي دل کي
چمائون گوليءَ وانگر چمي گذري ويو!!
ڪاش! اڄ حسن درس هجي ها
۽ هو محبت جي مقتول معصوم جوڙي تي
اهڙو نظم لکي ها
جهڙو نظم لکڻ لاءِ هن جنم ورتو هو!!
ڇا مون کي ان پوسٽ جي ابتدا
انهن لفظن کان ڪرڻ کپي….؟
پهرين حسن جو حادثو ٿيو
۽ پوءِ اهي ٻه ٻارڙا پيار جي پينگهه ۾
آخري لائون لهڻ لاءِ لڏندا رهيا…!!
سنڌ سڪتي ۾ آيل ڪنهن جيجل جيان
بس تڪيندي رهي
ڪنهن نه ڳوڙهن جي ڪائي اکٽ گهور ڪئي
ڪنهن نه لڙڪن کي تن تي نڇاور ڪيو
هو پکي پيار جا
هو ننڍا ٻارڙا
پيار جي پينگهه ۾
لڏندا رهيا!
ڪو نه ليڊر لڙيو
ڪو نه ڳوڙهو ڳڙيو
ڪنهن نه ڪجهه به ڪڇيو
ڪنهن نه ڪنهن کان پڇيو
“ڇو گڏي ۽ گڏيءَ
لڙڪي لائون لڌيون
ڇو گڏي ۽ گڏيءَ
لڙڪي لائون لائون لڌيون؟”