ڇانگان ڇڳل ڇيلڙيءَ جهڙي ڇوڪري
هن جو تعلق ان قبيلي سان آهي، جنهن ۾ هڪ هزار شاعر پيدا ٿيا. جنهن ۾ پريت جي پاڻيءَ مٿان چاهه جي چنڊ جهڙي شاعر حمل فقير به جنم ورتو. هن جي ٻولي سونهن ۽ سڪ جي ٻولي هئي. هن جي ٻولي ميٺ ۽ محبت جي ٻولي هئي. هن جي ٻولي نياز ۽ نوڙت جي ٻولي هئي. هن جي ٻولي اندر ۾اڌما آڻيندڙ پهرين ۽ پوئين پيار جي ٻولي هئي. هن جي ٻولي سفيد لڙڪ جي ٻولي هئي. هن جي ٻولي سرائڪي ٻولي هئي. ان ٻوليءَ ۾ حمل لکيو هو:
“گهنڊان گهنڊ گهتڻ دي عادت
آک ڪٿان هٿ آيئه
تي ڪنهن سکلايئه؟
هڪ ته ٽريندا هين ٽور عجب دي
ٻي جا ٻانهن لڏايئه
ڪنهن سکلايئه!؟
دنيا نال الا ڪي ميٺا
مين نال گرم الائيه
ڪنهن سکلائيه؟”
سرائڪي ۾ سوچڻ واري سنڌي ڇوڪري نورين لغاري جيڪڏهن هدايت لاءِ حمل فقير وٽ آندي وڃي ها ته هو هن کان اهو ئي پڇا ڪري ها ته “ڪنهن سکلائيه؟”
پر افسوس صد افسوس ته هوءَ شام جي شمشان گهاٽ واري خليفي وٽ ته وئي پر پنهنجي ٻوليءَ واري ان خليفي نبي بخش وٽ نه پهتي، جنهن جي ٻولن ۾ ٻهه ٻهه ٻاڻ آهن.
خليفو نبي بخش ان ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکي هن کي هدايت ڪري ها ته هوءَ ايترو پري تائين نه وڃي ها.
ڏوهه اسان جي ڇوڪرين جو ناهي. ڏوهه هن دور جي ان ڊوهه جو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجي ذات توڙي لات جي حوالي سان لوهه ٿي ويا آهيون. اسان جنهن عبوري دور تي ٽياس تي ٽنگيل آهيون، ان جو درد صرف فرد محسوس ڪري سگهي ٿو. پاڙي جي ڪائي پروڙ نه ٿي پوي. اهڙي پيڙا هن ڇوڪريءَ جي اندر ۾ به هئي، جيڪا پنهنجي وطن ۾ ويڳاڻي ٿي وئي هئي. هن کي مذهب سان محبت هئي پر اهو پيار هن جي لاءِ دهشتگرديءَ جو ڄار بڻجي ويو. هوءَ ڪهڙي ريت آهستي آهستي ان ۾ وڪوڙبي وئي؟ هن کي پتو به نه پيو.
هوءَ جيڪا سنڌ جي ڍينگر تي ويٺل ڀنڀوري هئي، هن کي ڪنهن ڦاسايو؟ هن جيڪي سدوري هئي، تنهن جي مٿي ۾ جنگجو خيال ڪنهن سمايو؟ هو جيڪا ننڍي هوندي کان وٺي پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه چاهيندي هئي، سا ايترو پري ڪيئن وئي؟ هن جو ذهن ڪنهن يرغمال ڪيو؟ ڪنهن هن جي روشن زندگيءَ ۾ انڌيرو ڀريو؟ ۽ جڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو، ڪنهن کي پتو ڇو نه پيو؟ انهن سوالن جا ڏينڀو انهن انسانن کي ڏنگ هڻي رهيا آهن، جيڪي هن کي پنهنجي قبيلي ۽ قوم جي ڇوڪري سمجهن ٿا. جيڪي هن جي گم ٿيڻ تي تشويش محسوس ڪرڻ لڳا. جيڪي هن جي اهڙي افواهه تي تمام گهڻو پريشان ٿي ويا ته هوءَ دهشتگردن جي ور چڙهي وئي آهي. جيڪي هن جي بازيابيءَ تي ششدر ۽ شرمسار آهن. هو جيڪي سوشل ميڊيا تي پيسل ڪڪڙن وانگر ماٺ آهن، تن کي پنهنجي لڄ هيٺان لڪڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. انهن کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪروڙ سوا جوان جماڻ سنڌي ڇوڪرين مان هڪ هڪڙي سوشل ميڊيا معرفت دهشتگردن جي ور چڙهي به وئي ته ڇا ٿيو؟
هي جيڪي آمريڪا، يورپ، ايشيا جون اڇيون پيليون ڇوڪريون فيس بڪ تي ڦاسڻ سبب پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ اچي خوار ٿينديون آهن، ڇا اهي پنهنجي سموري قوم جي نمائندگي ڪنديون آهن؟ ڪڏهن ڪنهن چيني ڇوڪريءَ جي ڪري پوري چيني قوم کي مهڻو مليو آهي؟ ان ڪري نورين لغاريءَ جو مثال پوري سنڌ مٿان سندس قومي ڪردار جي حوالي سان مڙهي نه ٿو سگهجي. نورين لغاري سنڌ جي نمائنده ناري ناهي. سنڌي قوم جي نمائندگي اڄ به اها ٻهراڙيءَ جي عورت ڪري ٿي، جنهن لاءِ نياز همايونيءَ لکيو هو:
“ڪانگ منهه تي
رئو ارهه تي
چيڻو وٺي ڇڻيان
ڇڄ ۾ داڻا
منهنجا راڻا
چيڻو ويٺي ڇڻيان”
اها ميري تن ۽ اجري من واري سنڌي ناري، ڌرتيءَ جي مثالي ڌيءَ آهي. اها ناري جنهن جي پوتي ڦاٽل ساٽل آهي پر پوءِ به ان جي هر ڌاڳي ۾ وفا جي ڳنڍ ٻڌل آهي. هوءَ جنهن جي اکين ۾ لڄ لاٽ بڻجي ٻري ٿي. اها سنڌي ناري، جيڪا هر حال ۾ هر هنڌ پنهنجي ماڻهن لاءِ وفا جي علامت آهي. اها ناري جيڪا مٿين ڳيچ جو اهو ٻول به آهي ته:
“عاج جي ٻانهين
سچو نه آهين
چيڻو ويٺي ڇڻيان
منڊي ڇو لاهيان؟
تنهنجي آهيان
چيڻو ويٺي ڇڻيان!”
اها عورت جنهن کي سورن سانڍيو ۽ پورن پاليو. اها عورت جيڪا سکن جي پُکي ڪڏهن نه پئي. جنهن ننڍڙي لاڪون ڏک ڏٺا. پر پوءِ به هر رشتي سان هن وفا ڪئي. هن جي ڪري هن جي ابي جي پڳ ۽ ادي جي ٽوپيءَ کي تي ڪوئي حرف نه آيو. اها ڇوڪري صرف ٻٻر جهڙي ٻهراڙيءَ ۾ ته پيلن گلن وانگر عام جام آهي پر اها شهرن ۾ به پنهنجي سڄ ڌڄ سان صحت مند سنڌياڻيءَ ٿي هلي ٿي. هو جيڪا ٻٽيون چوٽيون ڪري اسڪول ٿي وڃي. جيڪا اجرڪ اوڍي ڪاليج کان ٿي موٽي. جيڪا گهر اچڻ شرط ماني ٿي پچائي. ٿانوَ ٿي ڌوئي. ٻهاري ٿي ڏئي ۽ ننڍڙي ڀيڻ جي مٿي مان جوئون ٿي ڪڍي. جيڪا پنهنجي ڀڳل ڀريل گهر ۾ پرسڪون ٿي سمهي ٿي ۽ پکين کان اڳ اٿي ٿي ۽ والدين جي خدمت جي اصل عبادت ٿي سمجهي. اها ڇوڪري جيڪا پنهنجي محدود سوچ ۽ سمجهه سان ان ڳالهه تي فخر ٿي ڪري ته هوءَ پنهنجي مٽن مائٽن جو شانُ ۽ مانُ ۽ عزت آبرو آهي. اها ڇوڪري نه ناهي. سئو ناهي. هزار به ناهي. اهڙيون ڇوڪريون لکين آهن. اهي ڇوڪريون سنڌي قوم جون نمائنده نياڻيون آهن. اهي ماضيءَ واري مارئيءَ جو پنرجنم آهن. اهي ڇوڪريون جيڪي اڪثريت ۾ آهن. اهي ڇوڪريون جيڪي جهموري راهه تي لڏڻ واري لوڏ سان هلن ٿيون. اهي ڇوڪريون جيڪي پري کان پڌريون آهن. اهي ڇوڪريون پنهنجي خاندانن جي پيار ۽ پت جو مظهر بڻجي جيئن ٿيون.
هڪ ڇوڪريءَ جي مثال کي پوري قوم مثال مڙهڻ ۽ پوءِ پريشان ٿيڻ صحيح ناهي. پر اها به حقيقت آهي ته اها ڇوڪري ڌڻ کان ڇڳل ڇيلي هئي. جهڙي طرح هڪ ڇيلي پورو ڌڻ نه هوندي آهي، تهڙي طرح هڪ ڌڻ به پنهنجي ڇيليءَ کان سواءِ مڪمل نه هوندو آهي. اهو برين ۽ ٻولاهين ٻڪرين جي ڌڻ، اها سنڌي قوم ان ڇوڪريءَ کان سواءِ ڪنهن به طور تي مڪمل ناهي، جنهن ڇوڪريءَ جو نالو نورين لغاري آهي. اها ڇوڪري جيڪي هڪ ڇيلڙي هئي، جنهن کي دهشت جا بگهڙ ڌڻ کان الڳ ڪري کنڀي کڻي ويا. هن وقت هوءَ ڪهڙن خيالن جو اظهار ڪندڙ آهي؟ اها ڳالهه اهم ناهي. هوءَ ڪٿان ڪٿان ٿي آئي آهي؟ اها به ڳالهه به اهم ناهي. هن جو ڪنهن سان انگ اڙيو؟ اهو به اهم ناهي ۽ هن قانون نافذ ڪرڻ وارن سان ڪهڙي ريت وڙهيو؟ اهو به اهم ناهي. اهم ڳالهه اها آهي ته ڇيلڙي ڌڻ کان ڌار ڪيئن ٿي؟ ڇيلڙي ته ننڍڙي هئي. معصوم هئي، بي خبر هئي. پر ڌڻ ته وڏو هو. هن کي ته پوري پروڙ هئي. پوءِ ان پنهنجي ڇيلڙيءَ جي رکشا ڇو نه ڪئي؟ ڌڻ به هڪ ٻنڌڻ هوندو آهي. ان پنهنجو فرض ڇو نه نڀايو؟
سنڌ جي صاف سٿري صوفي پهراڻ مٿان اهو لينگهو ڪئين لڳو؟ سنڌ هڪ نورين کي به نظرانداز ڪري نه ٿي سگهي. ڇو ته هي اهو ديس آهي، جنهن ۾ اهو پهاڪو پوري راڄ جا چپ سبي ڇڏيندو هو ته:
جي گولي ويندي گجرين ته به چوندا دودي ڀيڻ!
۽ چوندا ڇو؟ اها هوندي دودي ڀيڻ!!
نورين سان ناتو ڇنڻ ممڪن ناهي. اسان نوشاد شيخ ناهيون جو پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجا پانڌ آجا ڪريون. اسان کي پنهنجي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. اسان کي چوڻ گهرجي ته اها جهڙي به آهي، اسان جي آهي؟ اها ڪهڙن خيالن هٿان کنڀي وئي؟ اها ڪهڙن گهيڙن ۽ گهاٽن تائين پهتي ۽ ڪهڙيون رٿون رٿي واپس وري!! اها ڇوڪري اسان جي لغاري قبيلي ۽ سنڌي قوم جي ڇوڪري آهي. ان ڇوڪريءَ کي اهو ڪجهه نه ڪرڻ کپندو هو، جيڪو هن ڪيو. هن جو ڪهڙو ڪم جو هوءَ پراين ماڻهن جي ور چڙهي عالمي سازش جي اڏن تي وڃي، اتان ٽرينگون وٺي پنهنجي ڌرتيءَ کي دوزخ بڻائڻ ٿي آئي! اها انڪشاف اسان جي اجتماعي ڪنڌ جهڪڻ لاءِ ڪافي آهي ته اسان جي ڇوڪريءَ مسيحي برادريءَ جي ايسٽر کي نشانو بڻائڻ جي منصوبي ۾شامل هئي.
اسان صوفي منش آهيون. اسان لاءِ تشدد طعنو آهي. اسان چوندا آهيون ته جيڪڏهن ڪِول ۽ ڪينچر ۾ هڪڙو مالڪ آهي ته پوءِ اسان ڪول چڱا! آخر ڪينچر ٿي ڌرتيءَ مٿان بار ڇو ڪريون؟
“اسان سنڌ وارن ازل کان اياز
ڪهين لاءِ مدي سمائي نه من!”
اسان جو ڪهڙو ڪم ته اسان ملڪ ساڙيون ۽ شهرن کي شمشان بڻايون.
پر اسان جي هڪ نينگريءَ کي هو ڪنهن طرح سان ترڪائي کڻي ويا. هن مٿان جيڪا سوچ مڙهئي وئي، اها اسان جي قومي سوچ ڪونهي. اها ريت اسان جي روايت مطابق ناهي. پر اسان هن ڌڻ کان ڇڳل ڇوڪريءَ کي بيزاريءَ جو اعلان به ڪري نه ٿا سگهون. جهڙي ريت هن جي لکيل پڙهيل فيملي هن سان اهڙي گهنگهور گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺي آهي، تهڙي طرح هي قوم به هن سان کي پاڻ کان ڪٽي نه ٿي سگهي. صرف اهو چئي سگهي ٿي ته:“هاڻي اسان کي وڌيڪ خبرداريءَ سان پنهنجي قوم جي هر سادي نياڻي ۽ سٻاجهي پٽ جو تحفظ ڪرڻو پوندو!!”
اسان جيڪي صوفي منش ماڻهو آهيون، سي دهشتگرديءَ جي هن آتش نمرود کي اجهائي سگهون يا نه پر اسان جي چهنبن ۾ پاڻيءَ جا چند قطرا ضرور آهن. اهي اسان جي سچائيءَ جو ثبوت به آهي ۽ اهي اسان جي حقيقي سڃاڻ به آهي!!
یہ تحریر فیس بُک کے اس پیج سے لی گئی ہے۔