ڪچهري ۾ موضوع کليو ته اسين تهذيب يافته قوم آهيون. ڳالھ ته بنھ سچي هئي. انڪار جو ته جواز ئي ڪونه هو. آئون سندن ڳالھ سان سهمت ٿيس. تهذيب يافته هجڻ جو انڪاري نه پي ٿي سگهيس. پر ڳالھ اتي ختم نه ٿي هئي. انهي ڳالھ مان وري هڪ نئون عنوان ڦٽي نڪتو هو ته آيا اسين تهذيب يافته قوم ته آهيون پر اسان پنهنجي تهذيب، ثقافت، ريتن رسمن ۽ ڀائيچاري جي روين جي ڪيتري پاسداري ڪئي آهي. انهن کي ڪيتري حد تائين قائم ڪيو آهي. انهن جي بچاءُ، اوسر ۽ ترقي لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. اهو سوال به وقت جي تقاضائن مطابق اسان کان جواب طلب ڪري رهيو هو ۽ انهي سوال جو جواب ڪچهري ۾ ويٺل ڪنهن به دوست وٽ ڪونه هو. سڀ خاموش ٿي ويا ۽ التجائي اکين سان هڪ ٻي ڏي نهارڻ لڳا ته من ڪو ڪٿان ڪنهن کان ڪو خاطر جواب ملي پوي، هن سوال ته ڄڻڪ اسان جي ڪچهري کي ئي تالو هڻي ڇڏيو هو.
کن پل کان پوءِ خاموشي ٽٽڻ لڳي ۽ اسان معمول مطابق ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وياسين. سڀني دوستن جي اِها ڪوشش هئي ته هن سوال کي ڇڏي ڪري باقي ڪنهن به موضوع تي گفتگو ڪجي. هن موضوع تي گفتگو ڪرڻ ائين لڳي رهيو هو جئين ڪو ماڻهو ٻٻرن کان ٻير گهري رهيو هجي ۽ ٻٻرن کان ٻير ملڻ قطعي به ممڪن ڪونه آهي. هڪڙي دوست چيو ته کاڌن جي عالمي فوڊ چين ڪمپني ڪي ايف سي پنھنجي بسڪٽس کي سنڌي ثقافت جو رنگ ڏيندي اجرڪ ڊزائين ۾ پرنٽ ڪرايا آھن. هاڻ اِها ڳالھ اسان جي انهن روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻهن کان برداشت ڪونه ٿي ٿئي جيڪي ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي سنڌ جي صورتحال تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته اِهو عمل اجرڪ جي توهين آهي. ڪير انهن روشن خيالن کي سمجهائي ته انهي عمل سان پوري دنيا اندر خاص طور تي سُڌريل ملڪن ۾ سنڌي ثقافت کي پذيرائي ملندي. اِها حالت آهي.
اسين پنهنجي پنج هزار سالن جي پراڻي تهذيب کي ته محفوظ بڻائڻ کان مڪمل طور تي قاصر آهيون پر انهي جي باوجود جيڪڏهن ڪو فرد اسان جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي ٿو ته اُهو عمل اسان کي توهين لڳي ٿو. اسان ايترا ته قدامت پسند ٿي چڪا آهيون جو نه ئي پاڻ ڪجھ ڪرڻ گهرو ٿا ۽ نه ئي ڪنهن ٻي کي ڪجھ ڪرڻ ڏيون ٿا. اسان جي انهي ئي سوچ توڙي عمل اسان کي ترقي بدران زوال طرف ڌڪيو آهي. اسان جو باصلاحيت نوجوان روزگار جي حصول لاءِ پريشان آهي. اسان جا بزرگ اولاد سان وقت گذراڻ لاءِ آتا آهن. اسان جون عورتون گهر جي چار ديواري ۾ هجڻ جي باوجود پاڻ کي محفوظ نه ٿيون سمجهن. کين اهو گمان هر وقت رهي ٿو ته ڪڏهن به مرد ذات جي طبعيت ۾ بدلاءُ اچي سگهي ٿو ته خبر ناهي ساڻس ڪهڙو هشر ٿيندو. غيرت جي نالي تي اڄ به معصوم نينگريون قتل ٿين ٿيون. تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻيون حراسان ٿين ٿيون. ملڪيت جي نالي تي پنهنجن جو رت وهايو وڃي ٿو. ايتري ساري المناڪ صورتحال هجڻ جي باوجود ڪو ماڻهو پاڻ کي تهذيت يافته قوم ڪئين ٿو سڏائي سگهي؟ کيس ضمير ڪئين اجازت ڏيندو ته ھُو اڃا هڪ مها ڪوڙ جي آسري تي پاڻ کي زنده رکيو اچي.
اسان کي هاڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان پاڻ کي تهذيب يافته قوم هجڻ واري حد کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ان لاءِ تهذيب يافته سڏائڻ جي بجاءِ نئي سر تهذيب يافته ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. پنهنجي پراڻي سُڃاڻپ کي بحال ڪرڻ لاءِ انفرادي سطع کان هٽي ڪري اجتماعي سطع جا ڪم سوچڻا پوندا ۽ انهن ڪمن کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ دل و جان سان پاڻ مڃائڻو پوندو تڏهن ئي وڃي هي دنيا اسان کي تهذيب يافته قوم طور قبول ڪندي.
(روزاني اڳواڻ حيدرآباد، 18 آگسٽ)