زندگي ۾ هر هڪ معاملي جي شروعات ڏکي هوندي آهي. ڪنهن به منصوبي، حڪمت عملي يا ڪم کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ جڏهن ماڻهو سوچيندو آهي ته صرف اِنهي ڳالھ کي سوچڻ ۾ ڪي ئي ساعتون لڳي وينديون آهن ته شروعات ڪئين ڪجي ۽ ڪٿان کان ڪجي؟ ائين ئي جڏهن ڪو ليکڪ، ڪهاڻيڪار يا ناولنگار ڪتاب لکندو آهي ته کيس اِنهي فيصلي ڪرڻ ۾ کوڙ سارو وقت لڳي ويندو آهي ته شروعات ڪٿان کان ڪريان ۽ قصي کي ڪهڙي موڙ تي پُڄاڻي تي پهچايان. هر هڪ ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناولنگار جو انداز پنهنجو هوندو آهي. ڪتاب پڙهندڙ انهي ڳالھ جي بخوبي پرک ڪرڻ ڄاڻيندو آهي ته ليکڪ ڪيتري قدر نمايا حيثيت جو حامل آهي. تڏهن به پاڻ وٽ اِهي اختيار قطعي ڪونه آهن ته پاڻ ڪنهن ليکڪ کي ردي جو ليکڪ ثابت ڪريون يا وري کيس مٿي کڻي آسمان تي پهچايون. پاڻ ڪتاب جي مدد سان ليکڪ جي شخصيت، سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو اندازو لڳائيندا آهيون. سندس پسند ۽ ناپسند کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ائين هر گز ڪونه آهي ته پاڻ کيس پنهنجي پسند ۽ ناپسند تحت رد ڪريون يا کيس قبول ڪريون. تخليقڪار هميشه پنهنجي تخليق جي وسيلي ئي سُڃاتو ويندو آهي.
گذريل هفتي کان وٺي ڪري منهنجي مطالعي ۾ هڪ ناول رهندو آيو آهي. جنهن کي پڙهڻ لاءِ مون کي ٻه هفتا لڳي ويا. جيتوڻيڪ هي ناول هڪ ئي ساهي ۾ پڙهڻ جهڙو ناول آهي تڏهن به ڪجھ زماني جي ڪمن ڪارن ۽ پنهنجي لاڳاپيل شعبي جي ڪمن ڪارن سبب مڙئي سوايو وقت ائين ئي گذري ويو. ناول جو ليکڪ ناليوارو اديب ذلفي ذنئور آهي ۽ هي سندس ٻيو ڪتاب آهي. هن کان پهريان سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”ورھ جا روڳ“ ڇپجي ڪري مقبوليت ماڻي چڪو آهي. هن دفعي صاحب ڪتاب ڪهاڻي جي صنف کان اڳڀرو ٿيندي ناول جي صنف تي طب آزمائي ڪئي آهي. سندس ناول هڪ اهڙي قبيلي جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن قبيلي ۾ جهيڙا، قتل و غارت ۽ پاند پلاد جو رواج عام جام آهي. جتي مٽي مائيٽي، خون جي رشتن کان وڌيڪ قبيلائي اصولن کي اوليت ڏني ويندي آهي. سچ ته اِهو آهي جو مون جڏهن هن ناول جا شروعاتي صفحا پڙهيا ته ڪجھ صفحن کان اڳتي آئون ناول کي پڙهڻ جي پاڻ ۾ سگھ نه ساري سگهيس ۽ آئون ڪجھ ڏينهن ناول کي پڙهڻ کان پري ٿي ويس. ڇو ته ناول جي شروعاتي صفحن ۾ بيان ٿيل وارتا گهٽ ۾ گهٽ منهنجي برداشت کان گهڻي هئي ۽ هنن جملن کي پڙهندي آئون پنهنجي اکين مان جاري ٿيندڙ ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيس؛ ”صبا جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي مٽي کي چمي ورتو. ٻي ساهيءَ سر بولاٽي کائي سڌو ٿيو. سر جو رخ اڃان به ڀاءُ طرف هو. هن جا نيڻ اڃان به کليل ها. جيڪي ڀاءُ ڏانهن تڪي رهيا ها. نيٺ نيڻن جو پنبڻيون آهستي آهستي ڍريون ٿيڻ لڳيون، تان جو ٻئي نيڻ ٻوٽجي ويا“.
ناول ۾ گهڻي ڀاڳي قبائلي تڪرار وارو ماحول ڏيکاريل آهي اڃا به ائين چئجي ته هي ناول جابلو پسمانده علائقي جي پس منظر تي لکيل آهي. ناول کي پڙهندي جبلن جا منظر، لاھ چاڙها، سنها ۽ سوڙها پيچرا، گهوڙن جي ڊوڙ، جابلو رستن تي ڊوڙيندڙ فور ويل گاڏين جا عڪس ذهن ۾ تري اچن ٿا. ناول ۾ منظرنگاري باقاعده سان آهي. هر هڪ جملي توڙي گفتگو کي پڙهڻ مهل سندس آس پاس جي ماحول جو اندازو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن اوهان ڪڏهن بلوچستان ويا آهيو يا اوهان لاهوت لامڪان جو سير سفر ڪيو آهي ته اوهان کي جبلن جي رستن جو علم هوندو ۽ اوهان هن ناول مان گهڻو لطف حاصل ڪري سگهو ٿا. هڪ سُٺي ناول جي خصوصيت اِها به هوندي آهي ته اُن ۾ منظر نگاري سُهڻي هجي ۽ پڙهندڙ ناول کي پڙهڻ دوران اُنهن جڳهن کي تصور ئي تصور ۾ گهمندو رهي. هن ناول ۾ اِها خصوصت نمايا طور نظر اچي ٿو. انهي سان گڏوگڏ ڪردار هڪ ٻي جا هم ڪلام ٿين ٿا ۽ ناول جو تسلسل جئين جو تئين برقرار رهي ٿو. ڪو به نئون يا اوپرو ڪردار هن ناول ۾ نمودار ڪونه ٿو ٿئي. آئون هن ناول کي روايتي يا غير روايتي ناول جو سرٽيفڪيٽ نه ٿو ڏيان، پر ايترو ضرور چوندس ته جڏهن اوهان ناول جي مطالعي دوران اُنهي ۾ رومانس، پيار محبت ۽ انهي کانپوءِ ڀوڳنا واري حصي تائين پهچندا ته اوهان ناولنگار جي ڪيل محنت تي حيران ضرور ٿيندا ته ڪين نه ناول جي رخ کي قبيلائي تڪرارن کان موڙي ڪري وري اُنهي ساڳي ماحول کان اڳتي آڻيندي اُن ۾ هڪ نئون پهلو متعارف ڪرايو آهي. جنهن ۾ مينگل خان ۽ صاحبا جي محبت جا عڪس ۽ اولڙا اوهان کي نظر ايندا. اوهان جو ذهن ناول پڙهندي ٿڪجي پوڻ کان اڳ ئي تازو توانو ٿيڻ لڳندو. ڪهاڻي جي اِنهي موڙ کانپوءِ اوهان جي دل چاهيندي ته ڇو نه ناول کي پورو پڙهي ڪري پوءِ ئي سڪون ڪريان. اوهان ناول کي اڌ ۾ ڇڏڻ واري فيصلي کان انڪاري ٿي پوندا ۽ سموري قصي کي سمجهڻ کانسواءِ رهي ئي نه سگهندا.
(روزاني آجيان شڪارپور، اربع 09 ڊسمبر 2020ع)