جڏهن کان هن ڌرتي تي اکيون کوليون آهن ۽ هن ڌرتي تي پير پسيا آهن تڏهن کان خوابن جو ساٿ ڪنهن نه ڪنهن نموني گڏ رهيو ئي رهيو آهي. ننڍپڻ ۾ جيڪي خواب اکيون ننڊ مهل ڏسنديون هيون. اُهي ته هن مهل جهڙوڪ ياد ڪونه آهن پر جڏهن کان ذهن ۾ سُجاڳي آئي آهي ۽ عقل ڪم ڪرڻ لڳو آهي، تڏهن کان خواب ڏاڍا ڀيانڪ ٿي پيا آهن. اِئين سمجهو ته خواب صفا هٿ پير ڌوئي ڪري پويان پئجي ويا آهن. ڪڏهن خوابن جي پوري نه ٿيڻ جو غم رهي ٿو ته وري ڪڏهن خواب جئين جو تئين اڌورا رهجي وڃن ٿا.
سچ پڇو ته خوابن جي اڌوري رهجي وڃڻ جو جيڪو صدمو آهي سو بنھ ڪمال جو صدمو آهي ۽ هڪ نفيس انسان لاءِ اِهو صدمو برداشت ڪرڻ انتهائي ڪٺن ڪم هوندو آهي. معاشرتي بي حسي ۽ سماجي اڻ برابري واري رويي تي ڪڏهن ڪڏهن دل شڪسته ٿي ڪري پنهنجي اهميت جي گهٽ هجڻ جو احساس به جاڳي ٿو ۽ ڪڏهن وري اهو سوچي ڪري به ڏک ٿئي ٿو ته خواب اڻ پورا ڇو ٿيندا آهن؟
خوابن جو سرحدون ڇو هونديون آهن؟
خوابن کي آزاد ڇو نه ٿو ڇڏيو وڃي؟
خوابن ڏسڻ تي پابنديون ڇو عائد ڪيون وڃن ٿيون؟
خواب ته معصوم هوندا آهن، خواب ته غريب جي اک ۾ به جنم وٺندا آهن ۽ امير جي اک ۾ به، تڏهن به خوابن کي وڌڻ جو موقعو نه ملڻ ۽ انهن کي ساڀيان نصيب نه ٿيڻ جي پويان آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ڪهڙا سبب آهن جن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ڪري خواب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن؟ خوابن سان اِها ناانصافي نه ڄاڻ اڃا گهڻو عرصو ائين ئي هلندو رهندو؟ مون ته اِهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن جيڪي ٻين جي خوابن تي پاڻي ڦيرڻ جا ماهرن هوندا آهن. انهن وٽ پنهنجا خواب انتهائي ڪمزور هوندا آهن. تڏهن ئي اُهي ٻين جي خوابن کي به وڌڻ ڪونه ڏيندا آهن ۽ انهن خوابن کي نست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ هر روز ڪو نئون هيلو هلائيندا آهن. خوابن سان اهڙو ناروا سلوڪ ڏسي منهنجو من ٻه اڌ ٿي پوندو آهي. آئون سوچيندو آهيان ته اهڙي ڪشمڪش ۽ ساڙولي ماحول ۾ منهنجي خوابن جو ڇا ٿيندو؟
اُنهن کي ساڀيان نصيب ٿيندي الائي نه؟
الائي ائين ئي خاموش ٿي ڪري تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي ويندا. مون کي اِها ڳڻتي، اهو فڪر ڏاڍو تنگ ڪندو آهي. آئون خاموشي جي چادر اوڙهي ڪري ويهڻ جو به قائل ڪونه آهيان. فطري طور طبعيت ۾ هڪ ڊُڪ ڊوڙ سمايل آهي جيڪا چپ ڪري ويهڻ به نه ٿي ڏي، اهڙي المناڪ صورتحال سان ڪئين منهن مهان ٿجي اها ڳالھ واضع ٿي ڪري سامهون نٿي اچي. انهي اُڻ تُڻ، مونجهارن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پرين جي پار کان جڏهن ٿڌي هير گهلڻ لڳندي آهي.
تڏهن محبوب جي زلفن جو سُڳند منهنجي مرجهايل من کي گلاب جي گل وانگر تازو ۽ توانو ڪري ويندي آهي. انهي تازگي جي عيوض وري نوان خواب جنم وٺڻ لڳندا آهن. خوابن جا نوان پيچرا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن. اِهڙا خواب جن جي نه ئي شروعات معلوم هجي ٿو ۽ نه ئي ڪو انهن جي انت بحر جي خبر پوي ٿي. اهڙن خوابن جو ڇيڙو ته الائي ڪهڙي ديس ۾ ختم ٿئي ٿو. انهن خوابن کي پسڻ لاءِ جيڪي هيلا ۽ وسيلا هن دل هلايا آهن سي سڀئي هاڻ ڄڻڪ ته خواب نگر ۾ ممنوع ٿي چُڪا آهن.
خوابن جي سرحدن جون تارون ڇڪيون ويون آهن. اُتي پهريدار ويهاريا ويا آهن. جن کي اِهو سمجهايو ويو آهي ته خواب کڻي ڪهڙي به مفلسي ۽ غريبي وارو ويس پائي اچن پر انهن کي هتان گذرڻ نه ڏجو. انهن کي هٿ ڪري، سندس پيرن ۾ سنگهرون وجهي ڪري کين هٿڪڙيون هڻي وقت جي حاڪم آڏو پيش ڪجو ته جئين وقت آھر اُنهن جو سر قلم ڪري سگهجي ۽ اڳتي لاءِ ٻين کي اِهڙي جُرت نه ٿئي. اِهڙي ڳنڀيرتا واري صورتحال ۾ الائي ته ڪيترا خواب در بدر ٿي ڪري بي موت مري کپي چُڪا آهن. ڪجھ خواب آخري پساهن ۾ آهن ته ڪن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. خوابن سان ناروا سلوڪ تي جيتوڻيڪ دليون ته سڀني جون رنج آهن پر انهي عمل جي خلاف ڪو به ٻڻڪ ٻاهر ڪڍڻ جي جسارت نه ٿو ڪري. جنهن سبب دلين کي ٽوڙڻ ۽ خوابن کي ختم ڪرڻ وارو ٽولو اڃا تائين سرگرم آهي. اُهي بي خوف ٿي ڪري ٻين جي خوابن سان هٿ چُراند ڪن ٿا پيا ۽ ٻين جي خوابن جي غلط تشريع پڻ ڪن پيا.
خوابن جي اِها اڪيلائي ۽ نراسائي سرد راتين ۾ گگھ اونداهي واري ماحول ۾ به پناهون تلاش ڪري ٿي. خوابن کي بي لباس ڪري انهن کي نيلام ڪرڻ جو ڌنڌو اڄ به عروج تي آهي. جيڪڏهن زوال آيو به آهي ته انهن اکين کي آيو آهي جيڪي خواب ڏسن ٿيون ۽ خوابن سان سندن ٿوري گهڻي هم ڪلامي ماضي ۾ رهي آهي. خوابن جي هن سفر کي ايترو اذيتناڪ بڻائي ڪري، خوابن جو واپاري اهو سمجهي ٿو ته هاڻ خواب غريب جي ٻار وٽ جنم وٺڻ ڇڏي ڏيندا.
اُهي پنهنجو آستانو مٽائي ڇڏيندا. کيس اِها ڀُل نه ڄاڻ گهڻي عرصي کان آهي ته غريبن کي خواب ڏسڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي. هُو سمجهي ٿو هاڻ منهنجا خواب پرين جي پار جو ڏس پتو وساري ڇڏيندا ۽ انهن راهن تي وري ڪڏهن به هلڻ جي جسارت نه ڪندا. انهي غلط فهمي جي بنياد تي هُو گهڻي عرصي کان خوابن جو قتل ڪندو آيو آهي. خوابن جي تاريخ جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اِهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته خوابن کي ڏاڍي سهڻي نموني سان سستي اگھ ۾ وڪيو ويو آهي. خوابن جون غلط تشريهون ڪري انهن کي ڀورا ڀورا ڪيو ويو آهي.
خواب روز ازل کان صحرائن جي رڻن ۾ رليا آهن. انساني هٿ سان جوڙيل هن مصنوعي سماج خوابن کي پهرين ڏينهن کان ئي قبول ڪونه ڪيو آهي. سماج جو رويو خوابن ڏانهن ڪروڌ وارو رويو رهيو آهي. خواب ڏسندڙ اکيون هجن يا خوابن جي آسرن تي پلجندڙ جوانيون هجن. سڀني کي خوابن جي ساڀيان کان ڪوھ ڏور رکيو ويو آهي. خوابن جي چمن ۾ ايڏي ته ڏڪار آندي وئي آهي جو هاڻ انهي اُجڙيل چمن ڏي ڪو هلڪي نهار به نه ٿو نهاري، سڀني کي انهي فڪر تي سوچڻ کان پري ڪري انفرادي مفادن جي حاصلات واري زنجير ۾ جڪڙيو ويو آهي.
خوابن جو مسافتون ڳڻڻ جهڙيون آهن. خواب قابل داد آهن جو انهن جي آڳر تان اڄ تائين ڪو به سائل خالي ڪونه موٽيو آهي. خوابن جو پنهنجو دامن جهڙوڪ هميشه خالي ئي رهيو آهي پر انهي جي باوجود خوابن ڪڏهن به ڪنهن کي خالي هٿ ڪونه موٽايو آهي. منهنجا خواب جڏهن پرين جي پار ڏانهن وڃڻ جو سوچن ٿا ته کين رستن تي وڇايل ڪنڊيتار تارن جو خوف ورائي وڃي ٿو ۽ ھُو اڌ رات جو اُٿي ڪري سڏڪن ٿا.
پنهنجي لاچاري ۽ مفلسي تي چار ڳوڙها ڳاڙهيندي، اکين مان نڪتل ڳوڙهن کي ڀاڪر ڀري ھُو پنهنجو داستان انهن ڳوڙهن سان اوري ٿو. خوابن جي اِها دل شڪستي مون کان هاڻ وڌيڪ برداشت ڪونه ٿي ٿئي ۽ آئون سوچيان ٿو ته ڇو نه هميشه لئه پرين جي پار ڏانهن هليو وڃجي ۽ اُتي وڃي ڪري سڪونيت اختيار ڪجي. ماڻهن کي پنهنجي محبوب پاڪن کان هميشه شڪايتون هونديون آهن. انهن لاءِ ڏوراپا هوندا آهن، ڪجھ اڌورا نياپا هوندا آهن.
پر پاڻ وٽ وري قصو ئي بنھ الڳ آهي. پاڻ کي هميشه اِهو اُلڪو رهندو آهي ته پرين جي پار مان جيڪو نياپو پاڻ وٽ پهچي ٿو اُنهي نياپي جي اصل مفهوم کي ڪئين دريافت ڪجي. پاڻ هميشه اِنهي فڪر ۾ هوندا آهيون ته ڪٿي اسان کان محبوب جي نياپي ۾ موڪليل لفظن جي غلط تشريع نه ٿي پئي ۽ ھُو هميشه لاءِ هن جڏي جيءَ کان الڳ نه ٿي پئي. انهي خوف کوڙ سارا ٺوٺَ جيڏا ڪتاب به پڙهايا آهن. ته مجموعي طور دنيا جي گهڻن ئي ڏاهن، مفڪرن ۽ دانشورن جي ڳالهين، نظرين ۽ فلسفن کي به پڙهڻ جو موقعو ڏنو آهي پر پوءِ به الائي ڇو اِهو خوف اڃا ماڳهي دل مان ويو ئي ڪونه آهي. هُو مون کي خط لکندي آهي. دل لڳي جي معاملي ۾ خط لکڻ جو رواج تمام گهڻو پراڻو آهي. ڪٿي عاشق محبوبن ڏانهن خط لکندا آهن ته وري ڪٿي محبوب عاشقن ڏانهن به خط لکندا آهن. هنن خطن جو حُسن امتياز ته جهڙوڪ هڪ جهڙو هوندو آهي. ليڪن هنن خطن جا مول ۽ متن هڪ ٻي کان بنھ الڳ هوندا آهن. بلڪل ائين جئين باھ ۽ پاڻي. عاشق ويچارا خطن ۾ پنهنجي دل جو حال لکندا آهن. برھ جي باھ جو تذڪرو ڪندا آهن.
حجر فراق جون ڳالهيون لکندا آهن ته وري اُن جي اُبتڙ محبوب پاڪ پنهنجي خطن ۾ اڪثر پنهنجي لاچاري ظاهر ڪنديون آهن. گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ جون مجبوريون لکنديون آهن. سماج، معاشري ۽ مٽ مائٽن جي عزت جي خيال جا حوالا ڏينديون آهن. اِن سان گڏوگڏ اِها تبيھ پڻ ڪنديون آهن ته گهر جي سامهون واري گهٽي ۾ گهڻو رلندو نه ڪر، منهنجي اسڪول وڃڻ مهل منهنجي گاڏي جي پويان پنهنجي گاڏي جو تيل نه ساڙيندو ڪر، اهڙن اصولن ۽ ضابطن سان ھُو اڪثر عاشقن جو اندر ساڙينديون رهنديون آهن.
هيڏانهن وري آهي اسان واري مخلوق، عاشقن جي فوج، جيڪا پرين جي پار مان آيل هر هڪ شئي کي عزت واري نگاھ سان ڏسڻ توڙي سندس احترام ۾ اُٿي بيهڻ جو قائل آهي. اڪثر عاشقن جا حال هيڻا، درد ٻيڻا ۽ سور ٽيڻا هوندا آهن. تڏهن به ھُو جڏهن محبوب سان ملڻ لاءِ ويندا آهن ته ڪنهن دوست کان موٽر سائيڪل، ڪنهن کان ڪپڙن جو وڳو ته وري ڪنهن کان بوٽن جو جوڙو اوڌارو وٺي ڪري مڙئي پاڻ کي سرخرو ثابت ڪري ايندا آهن.
اڳي پراڻي زماني ۾ خط لکندا هئا پوءِ وري اُهي خط ڪنهن وچ واري ماڻهو جي هٿان سامهون واري ماڻهو وٽ پهچائڻ لاءِ مختلف هيلا وسيلا ڪندا هيا. هاڻ ته جڏهن کان دنيا ترقي جي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳي آهي. تڏهن کان وري ماڻهو ترڪڻ شروع ٿيا آهن ۽ ٿوري ٿڪي ڳالھ تي بنا سوچي سمجهي ڪنهن جي نيڻن جو نقلي نموني اسير ٿي ڪري پنهنجو سڀ ڪجھ لٽائي ويهن ٿا ۽ پوءِ وري اِهو راڳ الاپن ٿا ته دنيا وڏي چالاڪ ٿي وئي آهي. اِهي چالاڪيون ڪرڻ ته ماڻهن جو ڪم آهي. دنيا ڀلا ڪئين ٿي چالاڪي ڪري سگهي. پاڻ وٽ ته فقير به چالاڪ آهن. استاد به چالاڪ آهن. وڪيل به چالاڪ آهن ته سماج سُڌارڪ سڏائيندڙ به ڏاڍا چالاڪ آهن. هاڻ ته ايتري قدر چالاڪيون وڌي ويون آهن جو پنهنجي پويان ايندڙ پاڇولي کي ڏسون ٿا ته تڏهن به اِهو خيال ٿو من ۾ اُڀري ته متان ڪو ٺڳ، چالاڪ پنهنجي پويان نه پيو هجي. کيسي ۾ رکيل موبائل نه ڪڍي وڃي. جيڪڏهن موبائل ڪڍي ويو ته پوءِ پرين سان رابطو ڪئين ٿيندو؟
پنهنجي دل جو حال ان کي ڪئين ٻڌائبو. ڇو ته هاڻ منهنجي ۽ محبوب پاڪ جي وچم جيڪو سُڳند آهي. انهي جو مکيه وسيلو اِهو اڌ پادر جيترو انگريزن جو ٺاهيل سامان ئي آهي. جنهن ۾ پرين جي پيغام اچڻ مهل هڪ گهنٽ وڄندي آهي. بلڪل اھڙو ئي گهنٽ جهڙو اسڪول جي زماني ۾ رسيس مهل وڄندو هو ۽ اسان ڪلاس روم کان نڪرندي ئي سنڌو ٻاهر حليم واري ڏانهن ڊُڪ پائيندا هياسين ۽ پنج روپئي واري پليٽ کائي پيٽ ڀريندا هياسين.
وقت وقت جي ڳالھ آهي. ٻاراڻي دور ۾ پنج روپين جي حليم واري پليٽ سان اسان جو پيٽ ڀرجي ويندو هو ۽ هاڻ ڏسون ٿا ته پنهنجي آس پاس جي علائقي جو سڄو پئسو تڪ جا چونڊيل نمائيندا کايو وڃن. تڏهن به اُنهن جو پيٽ ڪونه ٿو ڀرجي. ڪو ادارن کي کائي ٿو ته ڪو عوام جي فلاح لاءِ آيل فنڊس کائي ٿو. ڪو پوري سنڌ کي کائي ٿو ته وري ڪو پوري ملڪ کي کائي ٿو تڏهن به انهن جو پيٽ نه ٿو ڀرجي ۽ سندن اُڃ سمنڊ کي سيراب ڪرڻ کان پوءِ به شايد لهي نه سگهي.
اِها اُڃ ڌرتي کي به آهي ته سرتي کي به آهي. طالب کي به آهي ته مطلوب کي به آهي. عاشق کي به آهي ته معشوق کي به آهي. نهاريندڙ کي به آهي ته وري وري واپس ورڻ واري کي به آهي. پنڌ هلندڙ کي به آهي ته صدين جي مسافتن کي طئي ڪندڙ اڪيلي مسافر کي به آهي. صحرا کي به آهي ته سمنڊ کي به آهي. مڇي کي به آهي ته پچري ۾ قيد پکي کي به آهي. ائين ئي اهو سلسلو جئين جو تئين هلندو رهي ٿو ۽ ڪجھ ڳالهيون عقل، فهم ۽ سمجھ ۾ اچن ٿيون ته وري ڪجھ ڳالهيون سمجھ کان مٿاهون ٿي ڪري ڪنهن هيليڪاپٽر وانگر وڏي آواز سان گذري وڃن ٿيون.
تئين ئي جڏهن جذبا جوان ٿيندا آهن ۽ ذهنن ۾ بغاوت جو جنم ٿيندو آهي ته اڪثر الڙ جوانيون عشق تان قربان ٿي وينديون آهن. سمنڊ جو جھڳ انهي مهل گلابي ٿي ويندو آهي. آسمان سرمئي ٿي ويندو آهي. دريا ۽ تلائن جو پاڻي نيرو ٿي ويندو آهي. جبل جهڪڻ شروع ٿيندا آهن. هوائون برف وانگر ڄمي وينديون آهن. سج مان پاڻي وهڻ شروع ٿيندو آهي. رات ڊگهي ٿي ويندي آهي. ڏينهن عذاب ٿيڻ لڳندا آهن ۽ ساھ نڙ گهٽ ۾ ڦاسي پوندو آهي.
تڏهن هي ڪائنات اکين جي سامهون اوجهل ٿيڻ بجاءِ نروار ٿي ويندي آهي ۽ سڀ راز ۽ ساز سامهون هڪ ئي آواز ٿي ڪري اهو چوندا آهن ته تون ئي تون. بس تون ئي تون. ھُن جو سڀ ادائون ڪمال جون آهن. سندس مُرڪ ملهار جهڙي آهي. سندس چال هرڻي جهڙي آهي. سندس ٽهل ۽ ٽور مور جهڙي آهي. سندس ڏند موتي جهڙا آهن. سندس زلف ريشمي زنجير جهڙا آهن. سندس چيلھ چنبيلي جهڙي آهي. سندس نڪ، اَڪ جي گل جهڙو آهي. مطلب ته سندس حُسن باڪمال آهي. اُن تي ڪافي گيت، غزل ۽ بيت لکي سگهجن ٿا. پر سڀني کان اُتم آهي سندس نهار، جيڪو دل کي آر ۽ پار ڪري ٿو. هُو جڏهن نماڻيون نيڻون کڻي نهاريندي آهي ته آسمان تي ڪڪر نمودار ٿيندا آهن ۽ منهنجي دل جي بستي تي هلڪي بارش ٿيندي آهي ۽ منهنجو من باغ و بهار ٿي ويندو آهي. سندس سڀني ادائن تي جهڙوڪ کوڙ سارا سُخن لکي سگهجن ٿا. ڪافي ديوان درج ٿي سگهن ٿا. پر پوءِ به سندس نهار جو پورائو آئون سمجهان ٿو ته نه ٿي سگهندو. ڇو ته ھُو پاڻ سراپا حُسن سان گڏ سراپا عشق آهي. پرين جي پار ڏي جهڙوڪ پنڌ ڏاڍو اڙائو آهي. پيار جو هي پيچرو دنياوي عام پيچرن کان ڏاڍو سوڙهو آهي پر تڏهن به انهي پيچري تي پنهنجي پيرن کي زخمي ڪرڻ ۾ جيڪو سُرور آهي سو ٻي ڪنهن هنڌ به ڪونه آهي. جواني جڏهن مَڌُ جي بوتل جيان ڇلڪڻ شروع ڪندي آهي تڏهن اُن جا کوڙ متوالا پاڻهي ڄاڻ پيدا ٿي پوندا آهن ۽ صدين کان صحرا جي رڻ ۾ رلندڙ اکيون سيراب ٿينديون آهن. اِنهي مدهوشي ۾ کوڙ سارن جا هوش ختم ٿيندا آهن. اِهو خمار، اِها مستي، اِها مخموري ۽ ڪيف، دلين تي چڙهيل ڌوڙ کي ڌوئي صاف ڪندي آهي.
وٽ وٽ وٽيءَ ۾، مٽ مٽ مَنـڌ ٻيو،
قدر ڪيف ڪمال جو، پياڪن پيو،
اچن دُرس دڪان تي، ڪنڌ قبول ڪيو،
سرها سر ڏيو، چکَن سـرڪ سيد چئي!
شاھ (سر يمن ڪلياڻ فصل چوٿون)
انهي اونهي اسرار ۾ جڏهن خيال غرق ٿيندا آهن ۽ سوچون، سوداءُ وري صورتحال ۾ ڦاسي پونديون آهن ته دماغ ۾ هڪ هلچل پيدا ٿيندي آهي ۽ سڄڻ جي صورت سامهون اچي پيش پوندي آهي.