هَن ڪائنات جي حُسناڪين توڙي مڙني معاملن کي جڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿو ته هي دل ويچاري ڪنهن قدر ڏُکاري ٿي پوي ٿي. ڇو ته بظاهر حسين و جميل نظر ايندڙ شيون ڪافي حد تائين خطرناڪ ۽ هيبتاڪ ثابت ٿينديون آھن. وقت آھر تجربات جي آڌار تي ڪجھ ماڻهو شين کي پرکڻ جي صلاحيت پاڻ ۾ پيدا ڪري وٺندا آهن. بلڪل ائين جئين اسان جي نوجوان دوست رشيد خاصخيلي به سماج ۾ موجود هر هڪ لقاءَ، منظر توڙي مظهر کي پنهنجي قلم وسيلي ورقن ۾ محفوظ ڪيو آهي. سندس هَن مجموعي جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ سماج اندر موجود هر هڪ ڪردار، هڪ هر هڪ عمل توڙي هر هڪ چُر پُر کي ڏسڻ جو نئون ڏانءُ ڄڻڪ ملي ٿو پوي. اڄ جي جديد دور جي گُهرج به اِها ئي آهي ته ادب جي جهولي ۾ اِهڙي تخليق جو جامع ڳٽڪو پيش ڪجي جيڪو عام ماڻهو کان وٺي ڪري هر هڪ اهل علم توڙي فن ۽ فڪر سان وابسطه ماڻهو کي سوچڻ تي مجبور ڪري. رشيد خاصخيلي وٽ ڌرتي، سرتي، وستي توڙي واهڻ کان وٺي ڪري هر ڳوٺ ۽ ڳلي جا حوالا قلمبند ٿيل آهن. سندس هن نثري ٽڪرن ۾ عاشقي جي چاشني به آهي ته رات جي پهر ۾ چنڊ سان ڪيل ڪچهرين جا حوالا به آهن. عورت جي عظمت جي پاسداري جا سبق آموز قصا به آهن ته اڪيلائي جي ٽياس تي چڙهيل محبتن جا داستان به آهن. هُو هڪ طرف پنهنجي جذبن کي اظهارڻ جي بجاءِ ڌرتي جي هر هڪ دانهن کي ورنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ٻي طرف پنهنجي ئي ديس جي ماڻهن سان اُنهن جي ناداني تي ڪجھ هن طرح سان مخاطب ٿئي ٿو ته. ”احساس، ڪھڙي احساس جي ڳالھ ٿو ڪرين اي نادان! جن احساسن کي ھن لوڪ ڪنھن ڪُنواري ناري جي ڪپڙن وانگي چيھاڙي ڦاڙي ڇڏيو ھجي. جيڪا پنھنجي اُگھڙ ڍڪڻ خاطر ڊُڪندي روڊ حادثي جو شڪار ٿي ھجي“. ليکڪ وٽ نفيس احساس به آهن ته وري اُنهن احساسن کي اظهارڻ جو هڪ سُهڻو اسلوب به آهي. هنن نثري ٽڪرن ۾ ڪٿي درد جا پاڇا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا ته وري ڪٿي پيار جي پناهن جا پيچرا به نظر اچن ٿا. سندس هر هڪ لفظ توڙي جملي ۾ ڳالهيون اِهڙي ته ترتيب سان سميٽي ڪري رکيون ويون آهن جو پوري ڪتاب کي هڪ ئي ساھي ۾ پڙهڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ئي نظر نه ٿو اچي. پلڪن ۾ ڳوڙها جڏهن اچڻ شروع ٿيندا آهن ته عين اُنهي وقت پرين جي پرچڻ ۽ اُنهي سان ملڻ جي هڪ نئي اُميد به اکين ۾ ڪَر کڻڻ لڳندي آهي. ڳوڙها اکين کي ته ڀڄائي ڇڏينديون آهن پر دلين جي پاڻ ۾ ملڻ جي آس کي مٽائڻ ۾ ڪامياب وڃي نه سگهنديون آهن. اِهڙي ئي اُميد جو تذڪرو هاڻي ته ورڻ جي ڪر عنوان ۾ ڪجھ هن طرح سان بيان ٿيل آهي.
”اکيون آسائتيون،
نھارون آسائتيون،
دماغ آسائتو،
سوچون آسائتيون،
دل آسائتي،
اُڪير ۽ ڌڙڪن آسائتي،
ننڊ آسائتي، خمار آسائتا،
خواب آسائتا،
اُنھن جو تعبيرون آسائتيون،
سچ پڇين مٺڙي اسين مڪمل آسائتا.“
انسان ازل کان محبتن جو متلاشي رهيو آهي. انساني مزاج ڪڏهن مخالف جنس جي ڇڪ ۾ جڪڙجي ٿو ته وري ڪڏهن پنهنجي ديس توڙي ديس واسين جي حال ۽ ڏکن ڏوجڙن کي ڏسي ڪري ديس جي عشق ۾ مبتلا ٿئي ٿو. اهڙو ئي عشق هن ڪتاب جي ليکڪ وٽ به اسان کي ڏسڻ وٽان ملي ٿو ڇو ته سندس ڪتاب جي کوڙ سارو حصو ديس جي دانهن سان ڀريل آهي. سندس من اِنهي مونجھ کي برداشت نه ڪري سگهي جنهن سبب هن قلم هٿ ۾ کڻي ڪري پنهنجي انهي حال کي پنهنجي حبيبن آڏو پيش ڪيو. اسان وٽ الميو اِهو رهيو آهي ته اسان احساسن کي هميشه مجروع ڪيو آهي. ڪنهن جي تڙپ ۽ ڀوڳنا کي محظ لفظن جو حسين سنگم سمجهي اُنهي منجهان فڪر جي لاٽن کي پروڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. جنهن سبب ڪا به دانھ، ڪا به ڪوڪ، ڪا به التجا اسان جي ڪنن تائين پهچڻ کان پهريان ئي دم ٽوڙي وڃي ٿي. رشيد خاصخيلي جي پلڪن ۾ آيل هنن ڳوڙهن جو ادراڪ صرف اُهو ئي ماڻهو ڪري سگهي ٿو جيڪو اِهل دل هجي. جنهن وٽ جذبن جي سُڃاڻ هجي. جنهن وٽ ڌرتي ۽ سرتي جي اهميت ٻين شين کان وڌيڪ هجي ڇو ته هنن لفظن جنم وٺڻ کان پهريان ليکڪ کي المناڪ گهڙين سان هم ڪلام ڪرايو. نراسائي سان ويڙھ ڪرائي ۽ پوءِ وڃي ڪري ورقن تي جلوه افروز ٿيا. اسان جي دوست جو هي قلمي پورهيو سنڌي ادب ۾ پڙهندڙ وٽان هڪ خاص مقام جوڙڻ ۾ ڪامياب ويندو ۽ سندس شعور، قلم ۽ فڪر توڙي ڏاهپ مان اِها اميد ڪجي ٿي ته اڳتي به هُو سنڌي ادب جي جهول ۾ هن ڪتاب جهڙا ڪتاب ڏيندو رهندو.
(رشيد احمد خاصخيلي جي نثري ٽڪرن جي مجموعي موهن جي دڙي جي مٽي لاءِ لکيل تاثرات)