ڪجھ قصا، ڪجھ گهڙيون ۽ ڪجھ يادون اھڙي نوعيت جو ٿينديون آهن. جو اُنهن کي وري وري سارڻ سان ۽ سنڀالڻ سان من مهڪي پوندو آهي. انسان ٻهڪڻ لڳندو آهي. سندس مزاج ۽ ورتاءُ ۾ هڪ مثبت پهلو نمايا ٿيڻ لڳندو آهي. جنهن پهلو جي نمايا ٿيڻ سان اُن جي سُڳنڌ ساري ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سُڳند ڀري سُرهاڻ واري ماحول ۾ انساني ذهن مٿان تخيل جا دروزا کلڻ لڳندا آهن ۽ انساني تصور، نظريا ۽ فلسفا صفحن تي منتقل ٿيندا آهن. اُهي صفحا وقت جي رفتار سان سفر ڪري تاريخ جو حصو ٿي ويندا آهن ۽ تاريخ اهڙن موتين هاڻ ماڻهن کي پنهنجي جهولي ۾ جاءِ ڏيڻ سان گڏ کين هميشه لاءِ ياد رکندي آهي. اِهڙي ئي نموني شعور جا ڏيئا ٻرڻ شروع ٿيندا آهن ۽ خيال هڪ ذهن کان نه ڄاڻ ته الائي ڪيترن ذهنن تائين منتقل ٿيندا آهن.
بلڪل اَھڙي ئي هڪڙي ڪوشش اسان جي پياري، نوجوان ساٿي ۽ ليکڪ انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي به ڪئي آهي. جنهن پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. عمومن چيو ويندو آهي ته ڪالم جي زندگي هڪ ڏينهن آهي. اخبار جي شايع ٿيڻ سان ڪالم به نمايا ٿيندو آهي ۽ جڏهن شام جي وقت اخبار جي افاديت پوري ٿيندي آهي ته ڪالم به پراڻو ٿي ويندو آهي. حالانڪ ائين ڪونه آهي. ڪالم پنهنجي نوعيت ۾ معلومات جو خزانو هوندا آهن. ڪالم لکڻ وقت ڪالم نگار کي ڳوڙهو اڀياس ڪرڻو پوندو آهي. سندس ڪالم ۾ جنهن به پهلو تي ڪالم نگار کي ڳالهائڻو هوندو آهي انهي پهلو جي هر رُخي اڀياس ڪري پوءِ ئي ڪالم نگار ڪو متن جوڙيندو آهي ۽ ڪالم جي پڇاڙي ۾ وري انهي سُڄي ڳالھ کي سموئي ڪري نتيجو اخذ ڪرڻ يا وري مطلب کي واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
تڏهن ئي وڃي ڪري ڪو اثرائتو ۽ معلومات سان سرشار ڪالم تيار ٿيندو آهي. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ بنيادي طور جيتوڻيڪ انجنيئر آهي. پر تڏهن به سندس لڳاءُ ادب سان ائين آهي جئين مڇي جو پاڻي سان لڳاءُ هوندو آهي. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
ڪتابن تي لکيل سندس سڀئي مضمون/ تبصرا مذڪوره ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت کي واضع ڪن ٿا. اِها ساڳي روايت نوجوان نسل ۾ مطالعي جي شوقين هر هڪ فرد کي به اپنائڻ گهرجي ته جيڪي به ڪتاب ماڻهو جي مطالعي ۾ اچن ٿا. انهن تي اعتدالي نموني پنهنجو رايو ضرور پيش ڪجي ته جئين ڪتاب جي ليکڪ کي وقت سر اهو معلوم ٿي سگهي ته سندس محنت ڪيتري قدر ڪامياب وئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪمي يا ڪوتاهي ڪتاب ۾ رهجي به وڃي ٿي ته اُن جو به آئينده ليکڪ ۽ پبلشر طرفان خيال ٿي سگهي ۽ سگهو ئي اُنهي غلطي يا ڪوتاهي کي درست ڪري سگهجي. هن ڪتاب جي مڙني خصوصيتن منجهان هڪ خصوصيت هي پڻ آهي ته هن ڪتاب جي منڍ واري ڪالم جو عنوان” گڏيل قومن جي اداري جي ڪارڪردگي“ آهي.
اِن ڳالھ مان اِها شئي واضع ٿئي ٿي ته هن ڪتاب جي ليکڪ جو مشاهدو عالمي سطع جو آهي ۽ ھُو پنهنجي آس پاس جي ماحول سميت عالمي منظر نامي تي به گڏوگڏ ويچاريندو هلي ٿو ۽ ضرورت آهر انهن عنوانن تي لکندو به رهي ٿو. هڪ ليکڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ايترو وسيع هجڻ به گهرجي ڇو ته سندس اصلي ڪم آهي ئي اِهو ته ھُو پنهنجي پڙهندڙن کي مڙني موضوعن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ واري واٽ وٺرائي. ليکڪ کان وٺي مطالعي ڪندڙ تائين هر هڪ فرد جيتري وسيع نظر ۽ وسيع مطالعو ڪندڙ هوندو سندس آس پاس بهتري جي برپا ٿيڻ جا موقعا به اوتري ئي قدر وڌڻ شروع ٿيندا. ڇو ته انساني نظريا، فلسفا ۽ عقيدا هڪ ذهن کان ٻي ذهن تائين ۽ هڪ صفحن کان ٻين صفحن تائين جو سفر گڏوگڏ ڪندا هلن ٿا ۽ اَنهي سفر کي سڦلتا تڏهن ئي ملي ٿي جڏهن اِهي نظريا، فلسفا يا عقيدا مجموعي طور اجتماعي حالت ۾ عمل ۾ اچن ٿا. ادب ۾ لکڻ لاءِ جهڙوڪ ڪجھ صنف مقرر ٿيل آهن. جن مان هڪ کي نظم ۽ ٻي کي نثر چيو ويندو آهي. نظم ۾ شاعري جا سڀئي نمونا اچي وڃن ٿا ۽ وري نثر ۾ مضمون نويسي، ڪالم نگاري، تبصرا، آتم ڪٿائون، تحقيق ۽ تنقيد جا قسم شمار ٿين ٿا.
هن مجموعي ۾ ڪجھ ڪالم شخصيتن تي به لکيل آهن. ڪنهن به شخصيت کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ ۽ انهن جي علمي، ادبي توڙي سماجي ڪمن کي نروار ڪرڻ به سٺو عمل آهي. هن مجموعي ۾ جن به شخصيتن تي تعارفي ڪالم لکيل آهن سي حقيقت ۾ به مان لهڻا آهن. ڇو ته ڪنهن به قلمڪار کي متاثر ڪرڻ سماجي توڙي سياسي ۽ علمي ادبي شخصيتن لاءِ هڪ سٺو سَوَڻ آهي. ادب جي دنيا ۾ ايتري ته وسعت آهي جو توهان تعميري تنقيد سان گڏ علمي ۽ منطقي ڳالهين کي دليلن سان نه صرف پيش ڪري سگهو ٿا پر انهن جي بنياد تي توهان سامهون واري شخص جي ڪيل ڪم جي معيار، اهميت ۽ افاديت کي به چيڪ ڪري سگهو ٿا. انهي طريقي سان اسان جي نوجوان دوست ۽ ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي لکڻ واري واٽ سان محترم عطا راڄڙ، محترمه شهناز شيخ، ناليواري ليکڪه محترمه پروين موسيٰ ميمڻ، محترمه ڊاڪٽر ماروي پليجو، محترم خالد حسين چنه ۽ نوجوان ليکڪ اظهر امر متعلق سُٺا ۽ جامع ويچار ونڊيا آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ اِها ڳالھ شعور ۾ ويهي ٿي ته جن به ماڻهن سماج جي بهتري ۽ بهترين سماج اڏڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. تاريخ نويس توڙي تاريخ جوڙيندڙ هر هڪ گهڙي، انهن تاريخ ساز شخصيتن جو تذڪرو ڪٿان نه ڪٿان، ڪنهن نه ڪنهن ليکڪ جي قلم جي نوڪ مان ڪرائي ٿي. ڇو ته تاريخ ڪڏهن به احساس فراموش ڪونه ٿيندي آهي. انهي سان گڏوگڏ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي ڪجھ ڪتابن تي تنقيدي نهار سان گڏوگڏ انهن جي اهميت تي به جامع انداز ۾ گفتگو ڪيو آهي.
سندس ڪيل تبصرن ۾ جيڪو پهريون تبصرو آهي سو آهي محترمه گلشن لغاري جي شاعري جي مجموعي ”وڇڙي ويل زندگي“. هن ڪتاب تي ليکڪ، تنقيدي مضمون لکيو آهي ۽ ڪمال جي ڳالھ اِها آهي جو تنقيد نگار ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري سندس نالي تي به اعتراض ورايو آهي ۽ انهي اعتراض کي خالي ڏيکارڻ جي بجاءِ لکي ٿو
: ” ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري نالي ۾ وڏو فرق آهي. وڇڙي ويل زندگي نالي جو مفهوم پاڻ ڪڍون ته زندگي الوداع ڪري وئي. مطلب ته موت جي عمل ۾ داخل ٿي وئي. پر هتي شاعره حال حيات ۽ زندگي سان گڏ رهي ٿي.“ اِهڙي ئي نموني محترمه احمد سولنگي جي نظمن کي به تنقيد جي تارازي ۾ رکي ڪري اسان جي دوست توريو آهي. انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي وٽ تنقيد جون سڀئي تقاضائون آهن ۽ اُهو اسلوب به آهي. جنهن اسلوب سان ڪنهن به ڪتاب تي تنقيد ڪيو ويندو آهي. تنقيد جو اصلي معيار به اِهو آهي ته ڪنهن به ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري سندس آخري صفحي تي مفصل نموني گفتگو ڪيو وڃي ۽ اُن ڪتاب ۾ جيڪي ڪچايون، ڦڪايون ۽ مٺايون هجن انهن کي واضع ڪجي ته جئين ڪتاب هر حوالي سان پڙهندڙن آڏو چٽو هجي. تڏهن ئي اُن کي تعميري تنقيد چئبو. شاعري جي چاشني سان گڏ جيڪڏهن ڪهاڻين جو مزاج به مٺو هجي ته يقينن ماڻهو اُنهن ڪهاڻين کي به دل جي اکين سان پڙهي ٿو ۽ انهن تي هڪ جامع راءِ به جوڙي وٺي ٿو. هڪ اِهڙي راءِ جيڪا پڪي ۽ پختي راءِ هجي ٿي. جيڪا راءِ ڪهاڻي جو روح هجي ٿي ۽ ڪهاڻيڪار لاءِ اُتساھ جي گُل مثل، جنهن گُل کي هٿ ۾ قابو ڪرڻ سان ٻين گلن لاءِ اُڪير وڌڻ شروع ٿئي.
(تانگه نه لڌي تُارئين، مُپ نه ماٽيئڙڻ) شاھ.
اسان جي نوجوان دوست انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي ڪهاڻيڪار سڪندڙ هاڙهو ۽ عبدالواحد سومرو جي ڪهاڻين جي مجموعن تي به سُٺي نهار وڌي آهي. سندس مضمون ” پسيو جنين پاڻ سين“ به انتهائي لڀائيندڙ مضمون آهي. هي مضمون هڪ اِهڙي جاکوڙي ڪردار جي تخيل بابت لکيل آهي جنهن شخصيت کي آئون ذاتي طور به ڳچ عرصي کان سُڃاڻان ٿو ۽ سندس علمي توڙي ادبي جاکوڙ مان ڪنهن قدر مطمئن به آهيان.
انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي جنهن به تخليقڪار تي لکيو آهي انهن تخليقڪارن جو پنهنجي مضمون ۾ مختصرن تعارف ڪرائي پوءِ ئي اڳتي وڌيو آهي ته جئين پڙهندڙ تخيل سان گڏوگڏ تخليقڪار متعلق به معلومات رکي سگهن ته آيا اُن شخصيت ادب جي دنيا ۾ ڪيتري قدر نور نچوئيو آهي. سنڌي ادب ۾ پراڻن ليکڪن ۽ نوجوان توڙي نون لکندڙن جي وچم هڪ وڏو خال گهڻي عرصي کان موجود آهي. جنهن جو ذڪر پڪا، پوڙها ۽ نئي ٽهي جا ليکڪ به مختلف ادبي گڏجاڻين ۽ ويهڪن ۾ ڪندا رهندا آهن. پر اُن جي باوجود اِهو خال ڀرجي نه سگهيو آهي. جيڪا ڏک ڏيندڙ ڳالھ آهي. روز ازل کان جئين جو تئين ئي اِها وڇوٽي موجود آهي.
نوجوان پنهنجي منهن سان لکن به ٿا، پڙهڻ به ٿا ۽ مختلف صنفن تي طب آزمائي به ڪن ٿا ۽ اِنهي نموني وري پڪا، پوڙها ۽ کڙپيل اديب توڙي ليکڪ، پاڻ کي دانشور سڏرائيندڙ سڀ مها ليکڪ به پنهنجي هم عمر ۽ هم اثر ليکڪن جي ڪتابن جا مهاڳ، ديباچا ۽ مقدما لکڻ ۾ مصروف عمل آهن. مطلب ته اِهو جهان مڙئي ائين هلي پيو. ادب جو گاڏو ٿوري دعا ۽ ٿوري دوا سان پيو سفر مڪمل ڪري. جيڪڏهن نوجوان ليکڪ پراڻن اديبن ڏانهن مواد چڪاسڻ لاءِ موڪلن ٿا ته هڪ سئو لفظن واري مضمون ۾ اُهي اديب صاحب ڏيڍ سئو غلطيون ڪڍي ڪري لکاري جو ارواح ئي کڻائي ڇڏين ٿا. جنهن جو منفي نتيجو اڳتي هلي اِهو نڪرندو آهي ته ادب ۾ طب آزمائي ڪرڻ وارن نوجوانن کي ليکڪ ٿيڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهندو آهي.
سنڌ جا مجموعي طور وري پبلشر ايڏا ته ڀلا آهن جو اُهي نئي ٽهي جي لکندڙن کي نه ئي ڪو موقعو فراهم ڪن ٿا ۽ نه ئي کين اڳتي اچڻ توڙي سندن ڪتابن جي ڇاپڻ ۾ ڪا خاص رعايت ڏين ٿا. جيڪڏهن ڪو نوجوان ليکڪ ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو ڪري به ٿو ته، ڪتاب ڇپائڻ وارن ڪٺن مرحلن بابت معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس مزاج ئي مٽجي وڃن ٿا. ان لاءِ کوڙ سارن تخليقڪارن جون پڪيون ۽ پختيون تخليقون ۽ مُسَودا مٽي حوالي ٿي ويا آهن.
وري به جس هجي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سموري سٿ کي جن سنڌي ادب سان لاڳاپيل فردن کي موبائل فون ۾ ڪتابن جي دستيابي جي حوالي سان هڪ موثر ۽ آسان گس فراهم ڪيو آهي. جتي مطالعي جا شوقين پنهنجي پسند مطابق ڪتاب اُتان کڻي ڪري پڙهي سگهن ٿا ۽ انهن جي علم ۾ اضافو پڻ ٿيندو رهي ٿو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سموري سٿ جون محنتون ۽ سچائي توڙي خلوص قابل داد ۽ قابل تحسين آهي. آئون انهن جو شيدائي آهيان، علم جي واٽ ۾ اِها لاٽ ائين ئي هميشه ٻرندي رهي.
آخر ۾ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي کي دل جي حضور مان کوڙ ساريون واڌايون هجن ته هن جاکوڙي نوجوان پنهنجو نور نچوئي ڪري ورقن تي پنهنجي خيالن کي اوتيو آهي. سندس قلمي پورهيو سنڌ اندر پڙهندڙن وٽ قبول پوندو ۽ کيس سنڌ واسين کان مانائتي موٽ ملندي. انهي دعا سان گڏ ائين چوندس ته سدائين گڏ، موڪلاڻي ناهي، سنڌ موجود
(انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي جي ڪتاب ”اڃايل خواب“ لاءِ لکيل مهاڳ، هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهي)