سنڌي ادب اندر هڪ عجيب قسم جي الميو پيدا ٿيو، سڀ اديب پريشان ٿي ويا ته کيس ڪهڙو نالو ڏيون، اُنهي مهل رستي ويندي هڪ درويش سندن ان پريشاني واري عالم کي ڏسي ڪري کانس حال احوال ورتو، هنن يارن به ان درويش کي پنهنجو مسئلو ٻڌايو، مسئلو ٻڌڻ شرط پهريان ته درويش پاڻ ڪنهن قدر حيران ۽ پريشان ٿيو پر سگهو ئي پاڻ سنڀالي کين وراڻيو ”جيڪڏهن ٻين جي ڪاوشن تي پاڻي ڦيرڻو آهي ۽ کيس اِهو احساس ڏيارڻو آهي ته صرف تون ئي ادب جو بي تاج بادشاھ آهين ته پوءَ ان ڪم کي نالو ڏيو مهاڳ، ڇو ته لفظ مهاڳ جو تاثر شاهي تاثر آهي“، درويش جي ڳالھ ٻڌي ڪري پوري سنگت حيران ٿي وئي ۽ درويشن جي ان تجويز تي عمل ڪندي هڪ ٻي جي تخليقن تي مهاڳ لکڻ شروع ڪيائون، جيڪو سلسلو اڄ تائين ختم نٿو ٿي. هن مهل جيڪو ڪتاب اوهان جي موبائل جي اسڪرين ۾ ڏيکارجي پيو ۽ اوهان کيس پڙهو پيا، اِن ڪتاب بابت جامع راءَ مطلب ته مهاڳ لکڻ جي درخواست مون کي ڪئي وئي آهي، مهاڳ لکڻ هڪ انتهائي حساس ڪم آهي، مهاڳ ۾ ليکڪ جي سڄي محنت تي تکي نظر رکي ڪري سندس تحريرن جو مثبت توڙي منفي پهلو واضع ڪبو آهي. ان کان علاوه سندس تحريرن منجھ اُوڻايون ۽ چڱايون پڻ ڳولڻيون پونديون آهن، ثاقب بلوچ جي هن مجموعي جي تاليف مون ڪئي ۽ آئون ئي سندس ڪتاب جو تدوين ڪندڙ آهيان، سندس تحريرن تي جڏهن مون گهري نگاه وڌي ته مون کي محسوس ٿيو ته ثاقب وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ هن معاشري جو اُهو فرد آهي جنهن جو ذهن شعور جي لاٽ ٻرڻ شرط بغاوت واري طرف روان دوان ٿي ويو آهي.
سندس تحريرن ۾ معاشرتي رياڪارين خلاف جيڪا ڪروڌ نظر اچي ٿي سان سندس شعور جي بالغ هجڻ جو چٽو ثبوت آهي، ثاقب بلوچ حڪومتي ويڳاڻپ ۽ لاوارثي تي انهن طرف ڌڪارت واري لهجي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته” مان سرڪار کي گذارش نہ ڪندس ڇو ته سرڪار کي گذارش ڪرڻ ٻوڙي جي ڪن ۾ ڳالھ ڪرڻ جي برابر آهي، اسان جي گذارش سرڪار آڏو هڪ چرچو آهي، ڊسٽ بن ۾ اڇليل خالي ڪاغذ جيان آهي“، اهڙي ريت سندس تحريرن ۾ هن سماج جي پوري ناڪاره نظام تي ڪاوڙ جو اظهار سخت لفظن ۽ لهجن ۾ ڪيل آهي، ثاقب جيتوڻيڪ ادب سان لاڳاپيل ڳچ عرصي کان هو پر لکڻ جي حوالي سان کيس تمام مختصر عرصو ٿيو آهي ۽ انهي مختصر عرصي ۾ مسلسل ڪالم لکڻ ڄڻڪ سندس مشغلو بڻجي چڪو آهي، سندس اِن مشغلي کيس پوري سنڌ اندر بي پناھ پيار بخشيو، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس تحريرن ۽ ڪالمن کي وقت به وقت جڳھ ملندي رهندي آهي. اهڙي ريت کيس اتساھ ملندو رهيو ۽ سندس تحريرن جو جامع ڪتاب هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي، ثاقب جي هڪ ڳالھ مون کي ڏاڍو لڀائي وئي اُها اِها ته ثاقب جي تحريرن جا عنوان عمومن اُهي آهن جيڪي عنوان وقت ۽ حالاتن جي حساب سان جنم وٺن ٿا، مطلب ته ثاقب عام رواجي عنوانن کان هٽي ڪري انهن موضوعن تي پنهنجو قلم کنيو آهي جن تي کيس اهو محسوس ٿيو ته مون کي لکڻ گهرجي يا وري وقت جي تقاضا سمجهي ڪري انهن تي لکڻ مناسب هجي، مطلب ته ثاقب پنهنجي مرضي مطابق ڪنهن به عنوان کي ڪونہ سرجهيو بلڪ وقت ۽ حالاتن کي مد نظر رکندي پنهنجو قلمي جدوجهد ڪندو رهيو.
ثاقب جي ڪالمن تي هندي ٻولي جو تمام گهرو اثر ڏسڻ وٽان ملي ٿو، ان جو بنيادي ڪارڻ اِهو به ٿي سگهي ٿو ته ثاقب سنڌي هندو ليکڪن جا ڪتاب جهجي تعداد ۾ پڙهيا هجن جنهن سبب هاڻ سندس حافظي ۾ اُهي الفاظ گهر ڪري ويهي رهيا آهن. مهاڳ ۾ ڪتاب بابت سڀئي ڳالهيون اڳم ڪونه ڪري ڇڏبيون آهن، ڪجھ چاھ، چش ۽ چاشني پڙهندڙن لاءَ به بچائي رکبي آهي ته جئين اُهي به علم جي لاٽ مان ڪا واٽ ڳولهي سگهن.
(ثاقب بلوچ جي ڪالمن جي مجموعي آءُ نه اڪليو لاءِ لکيل مهاڳ، هي ڪتاب سنڌ سلامت تي موجود آهي)