ثاقب بلوچ جو هِي ڪتاب جيڪو هن مهل اوهان جي موبائل جي اسڪرين تي نمايا آهي ۽ جنهن کي اوهين پڙهي رهيا آهيو، هي ڪتاب سندس لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ڪهاڻيون لکڻ، مضمون ۽ ڪالم لکڻ کان وڌيڪ اهنجو ۽ ڏکيو ڪم ڪو بـه نـه آهي. ڇو ته ڪالم ۽ مضمون ۾ ليکڪ کي صرف هڪ ئي اندازِ بيان ۾ ڳالھ ڪرڻي هوندي آهي ۽ وري ڳالھ کي به ايتري آساني سان پيش ڪرڻو هوندو آهي جو پڙهڻ وارو بِنا ڪنهن هٻڪ، سوچڻ يا غورو ويچار ڪرڻ جي، ڳالھ کي سمجهي وٺندو آهي، بنِسبت اِن جي ڪهاڻي لکڻ مهل ليکڪ کي انيڪ شيون ذهن ۾ رکڻيون پونديون آهن، جئين مثال، ڪهاڻي جو موضوع، ڪهاڻي لاءِ پلاٽ، ڪهاڻي لاءِ ٻولي ۽ وري ٻولي لاءِ ٻولي جو اسلوب وغيره وغيره. مطلب ته ڪهاڻي کي جٽادار بنائڻ لاءِ ڪهاڻيڪار کي سخت ذهني پيڙاھ مان گذرڻو پوندو آهي، سندس فن، فڪر ۽ وسيع مطالعو ئي وڃي ڪري سُٺي ڪهاڻي کي جنم ڏيندو آهي، ثاقب جي هن ڪهاڻين جي مجموعي جو مطالعو ڪندي اِها ڳالھ شِدت سان محسوس ڪيم ته ثاقب کي هنن ڪهاڻين لکڻ مهل انيڪ ذهني وِسوسَن، مُونجهارن ۽ تَڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو هوندو ڇو ته سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي اعتبار جا ٽٽل آئينا نظر اچن ٿا ته ڪٿي وري چنڊ سان ڪچهريون ڪرڻ جون ڪيفيتون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. هڪ طرف جِتي محبوب جي نيڻن کي نشيلو چئي ڪري مخاطب ڪيو ٿو وڃي تـه وري ٻي هنڌ محبوب پاڪ کي اِهو پڻ چيو وڃي ٿو ته سهڻا پنهنجي اکين کي جهل، اکين کان وري جڏهن ڳالهيون ڪهاڻي جو روپ ڌاري ڪري اڳتي وڌن ٿيون ته اتي اسان کي دل جي درد جي وڌڻ جي شڪايت پڻ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي.
ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين ۾ ڪِٿي خوابن جا ڏس ملن ٿا تـه وري ڪِٿي سنڌ کي امڙ جا لقب ڏئي ڪري سندس عقيدت ۾ گُل پڻ نڇاور ڪيل نظر اچن ٿا، سندس پيڙاھ ۽ دردن کيس ايتري قدر ستايو جو حالتن کيس لکڻ واري واٽ ڏيکاري، واٽ بـه اهڙي جو سندس ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪردار جنم وٺڻ لڳا، سندس ڪهاڻيون، صرف ڪهاڻيون نـه پر دردن جو داستان محسوس ٿيڻ لڳيون، ڪٿي محبوب جي سِتم ظرفين جا احوال تـه وري ڪٿي سندن حُسن جي ڪيل حملن جا حوالا، ڪٿي ڌرتي جي دانهن تـه وري ڪِٿي پنهنجي اندر منجھ پيدا ٿيل آنده ماند جا تفصيل، مطلب ته سڀ ڪهاڻيون ڄڻڪ سندس قلم جي ڪوڪ مان پورن ڏينهن جا ڄاول ٻار هجن، مون جڏهن سندس ڪهاڻي” سنڌ امڙ “ پڙهي ته اُن مهل منهنجي اکين مان بي ساخته لڙڪ جاري ٿي پيا، سنڌ ڌرتي جي بي وسي ۽ لاچاري جيتري قدر ثاقب پنهنجي قلم وسيلي هن ڪهاڻي ۾ ڏيکاري آهي آئون سمجهان ٿو سنڌ اُن کان بـه وڌيڪ ڏُکين حالتن کي هن مهل منهن ڏئي رهي آهي، بر حال وري بـه اِهو ته سنڌ امڙ وري به اُنهن ئي سپوتن ڏانهن رخ ڪندي آهي جنهن منجهان کيس اِها اميد هوندي آهي ته هُو سندس تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. اسان جي معاشري ۾ هر روز انيڪ ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون ۽ هر روز انيڪ ڪهاڻيون دفن بـه ٿين ٿيون، بس امرتا تـه صرف اُنهن ئي ڪهاڻين کي نصيب ٿيندي آهي جيڪي ڪهاڻيون ڪنهن ليکڪ/ڪهاڻيڪار جي قلم ۾ قيد ٿي ڪري صفحن تي منتقل ٿينديون آهن، هڪڙو ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکڻ مهل ٻن ڪيفتن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيندو آهي، پهريان تـه کيس اُها ڪهاڻي اندروني طور مجبور ڪندي آهي تـه کيس لکيو وڃي، اِها اندروني طاقت سندس دل ۽ دماغ کي روز جي معملات کان غافل ڪري سندس ذهن کي هڪ جڳھ تي مرڪوز ڪندي آهي، ٻي ڪيفيت هوندي آهي ڪهاڻي کي لکڻ مهل ڪهاڻي کي حقيقي انداز ۾ محسوس ڪرڻ، ڇو ته جيڪڏهن ڪهاڻي احساسن کان الڳ ڪري لکي ويندي يا ڪهاڻي منجھ ڪي به احساس سمايل نہ هوندا ته پوِءِ اُها ڪهاڻي، ڪهاڻي نہ پر لٻاڙ چورائي ويندي، اِن لاءَ هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ ڪهاڻي لکڻ ايترو ئي تڪليف ڏيندڙ عمل هوندو آهي جيترو هڪ عورت لاءِ ٻار ڄڻڻ، ثاقب جون ڪهاڻيون، حقيقت جي علامت هجڻ سان گڏوگڏ احساسن سان ڀرپور ٽمٽار آهن، سندس ڪهاڻيون فن ۽ فڪر جي راهن کي هموار ڪرڻ سان گڏ اندر منجھ هڪ حوصلو پڻ پيدا ڪن ٿيون تـه ظلم جي رات ڀلي ڪيتري بـه طويل ڇو نـه هجي ليڪن کيس ختم ٿيڻو هوندو آهي.
( ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين جي مجموعي سنڌ امڙ لاءِ لکي ڏنل پيش لفظ، هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهي)