گذريل ڪجھ مهينن کان جهڙي ريت هن عالمي وبا ماڻهن کي پريشاني واري عالم ۾ مبتلا ڪيو. آئون سمجهان ٿو اِنهي کان اڳ ماڻهو ائين ڪڏهن به پريشان ڪونه ٿيا. گهر جي چئوديواري ۾ رهڻ، رابطن جا سڀئي جهان بند ڪرڻ، پنهنجي پاڻ سان هم ڪلام ٿيڻ ۽ سڄڻ جي سار ۾ صبح ڪرڻ جو هي سلسلو جهڙي ريت شروع ٿيو ۽ اختتام تي پهتو آئون سمجهان ٿو اِنهي سموري سلسلي جو خاص طور تي تخليقڪارن سٺو ۽ جامع فائدو ورتو. سنڌ اندر کوڙ سارن ليکڪن هنن ڏينهن ۾ ڪتاب لکيا ۽ اُنهي سان گڏوگڏ ڪجھ ليکڪن هنن ڏينهن ۾ پنهنجا بي ترتيب پنا سهيڙي ڪري ڪتاب ترتيب به ڏنا. اِهڙن ئي ليکڪن ۾ احمد شاڪر، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، رسول ميمڻ ۽ نواز خان زئور شامل آهن. اِها ڪيڏي نه ڪمال جهڙي ڳالھ آهي جو ادب شناس ماڻهو سموري سنسار کي موت جي منهن ۾ ڏسندي به پنهنجي تخليقي سفر جئين جو تئين جاري رکندا اچن. عيد جون موڪلون ختم ٿيون. زندگي پنهنجي معمول ڏانهن وکون کڻڻ لڳي ته اچانڪ هڪ شام جو احمد شاڪر جي ڪال آئي، هميشه جيان مهربان ڀائرن جيان ڳالھ جي شروعات ڪندي مون کان منهنجو پڇڻ جي بدران اهو ٻڌايائين ته؛ ”آئون، تنهنجي پاڙي ۾ آهيان“. مون کانس سندس رهائش جو هنڌ پڇيو ۽ اِهو به پڇيو ته؛ ”مون ڏانهن اچڻ جو ڇا پروگرام آهي“. ڇو ته عيد کان پهريان احمد شاڪر سان ڪال تي مختصر گفتگو ٿي هئي. جنهن گفتگو ۾ هن يار مون کي چيو هو ته؛ ”عيد کانپوءِ توڏانهن اچڻ جو پڪو پروگرام اٿم“. بهرطور ملاقات ٿي، کوڙ ساري ڪچهري جو نادر موقعو هٿ اچي ويو. هن کان پهريان اسان جون جيڪي به ملاقاتون ٿيون آهن. اُنهن ۾ ڪچهري بنھ تمام گهٽ ئي ٿي آهي. هن دفعي مڙئي سڻائي ٿي وئي ۽ اسد سنڌيار جي اوطاق تي، آڪاش ميرواهي، سانوڻ ڦل ۽ ثاقب بلوچ جي موجودگي ۾ انتهائي زبردست ۽ ادبي ماحول جڙي پيو جنهن اسان سڀني جي من کي تازو ڪري ڇڏيو.
اسان وٽ ڪچهري لاءِ هميشه موضوع فطرت، حسن ۽ ڌرتي رهيا آهن. پر هن دفعي موسمياتي تبديلي کي ذهن ۾ رکندي اسان سياست، سياحت ۽ سماجي لقاءُ جي واڌ ويجھ ۾ پيش ايندڙ عنصرن تي به خوب گفتگو ڪئي. جنهن بحث مان نه صرف اسان علم جون سُرڪيون ڀريون پر اسان سان گڏ اوطاق تي موجود هڪ درويش به علم جون سُرڪيون ڀريندو رهيو ۽ گڏوگڏ موقعي جي مناسبت سان اسان سان مخاطب به ٿيندو رهيو. احمد شاڪر کي آئون جڏهن به سامهون ڏسندو آهيان يا منهنجي ساڻس ملاقات ٿيندي آهي ته مون تي حيرت جا دروازا ڪونه کلندا آهن. ڇو ته آئون ڄاڻي چڪو آهيان ته هاڻ احمد آسمان ۾ موجود ستارن جي ڪٿ ڪري سگهي ٿو. ڪنهن ڪراڙي جي مٿي تي موجود آفريڪا جي جنگل نما وارن جو تخمينو لڳائي سگهي ٿو. هٿ جي تري تي کنيل ڀٽ جي واري جي ٻُڪ مان واري جا ذرڙا بنا ڏسڻ جي ٻڌائي سگهي ٿو. سندس اکين ۾ آئيندي لاءِ اٿاھ اُتساھ موجود آهي. سندس آڱريون هاڻ نظم لکندي ٿڪجن نه ٿا. ڇو ته هُو هاڻي شهرت جو نه بلڪ پيار جو بکيو آهي. اُنهي پيار جو جيڪو پيار کيس ڌرتي جي سار ڏانهن وٺي هلي. سندس معصومن خوابن کي ڌرتي جي بقَا، بهبود ۽ فلاح لاءِ تڙپ عطا ڪري. اهڙي پيار ۽ پريت جي تند توار کي سنڀاليندي احمد شاڪر مهيڙ کان ڪهي اچي ڪري مون سان منهنجي شهر ۾ مليو ۽ مون لاءِ عيد کانپوءِ وري ڄڻ نئون چنڊ اُڀريو. جنهن کي ڏسي ڪري منهنجا سالن جا ٿڪ ئي لهي ويا. مون کيس ڏٺو ۽ کيس ٻڌو، سندس سڀاءُ اِهو آهي هو جڏهن به ايندو آهي ته تحفي ۾ ڪتاب آڻيندو آهي. خالي ڪونه ايندو آهي. سندس انهي سڀاءُ ڪري آئون سندس هميشه شڪرگذار رهندو آهيان.
هن دفعي به آيو ته پنهنجو تازو ڇپيل ڪتاب” پور وڇوٽ پاڇا“ جون ڪاپيون به پاڻ سان گڏ کنيو آيو. وڏي سڪ اڪير ۽ پيار سان تحفي طور ڏنائين. هر دفعي ڪتاب ڏيڻ مهل اِها تاڪيد ضرور ڪندو آهي ته؛ ”ڪتاب پڙهجاءِ ضرور“. آئون هر دفعي کيس اِهو ئي جواب ڏيندو آهيان ته؛ ”پرين – آئون تنهنجو ڪتاب پڙهڻ سان گڏ ان تي پنهنجو رايو به هميشه وانگر لکندس“. منهنجي جواب کانپوءِ سندس چهري تي آئون اطمنان جي سج کي روشن ڏسندو آهيان ۽ عين ائين به ممڪن آهي ته تنهن وقت سندس ذهن ۾ اِهو خيال به ايندو هجي ته مون ڪتاب واقعي درست ماڻهو جي هٿن تائين پهچايو آهي. اِهو آهي اسان جو جاکوڙي يار احمد شاڪر – جنهن جا ڪتاب منهنجي نثر جي پختگي جو باعث هوندا آهن. احمد شاڪر جي هن ڪتاب کان پهريان آيل سڀئي ڪتاب منهنجي مطالعي مان گذريل آهن. هر دفعي سندس لکڻ، موضوع جي چونڊ ڪرڻ ۽ ڪتاب آڻڻ وارو جيڪو طريقو آهي سو آئون سمجهان ٿو ته سندس اِهو طريقو احسن طريقو آهي. احمد شاڪر پنهنجي علم، فهم، عقل، توڙي مشاهدي کي قطب آڻيندي ادب جي راھ ۾ نئي ٽهي جي سڀني لکندڙن ۾ پاڻ کي نمايا ڪيو بيٺو آهي. سندس شاعري ته واقعي ڪمال جهڙي شاعري آهي. نئي ڪنوار جي هٿن تي لڳل مهيندي جهڙي شاعري جيڪا ماڻهو کان گهٽ ئي وسرندي آهي. پر تڏهن به سندس نثر جو پاسو به ايترو ئي سگهارو ۽ خالص آهي جيترو خالص ٿڻن مان نڪتل کير هوندو آهي.
احمد شاڪر پنهنجو هي تازو ڇپجي آيل ڪتاب تحفي ۾ ڏنو. مون به دل سان تحفي ۾ مليل هن سوکڙي کي اکين تي رکيو ۽ گهر پهچڻ شرط هن ڪتاب جو مطالعو ڪيم. هن ڪتاب ۾ احمد لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ پنهنجي پرين پيارن دوستن ڏانهن خط لکيا ۽ اُنهن خطن ۾ احمد نه صرف انهن کان انهن جو حال احوال پڇي ٿو پر انهن کي سڄي سنسار جون ڳالهيون ۽ عالمي وبا متعلق ڪا چڱي اڳڀرائي ٿيڻ جي اميد ڀري ڳالهيون به ڪري ٿو. عالم انسانيت جي خير و عافيت لاءِ نيڪ تمائن جو اظهار به ڪري ٿو ۽ انهي سان گڏوگڏ سامهون واري شخص کي پنهنجي زندگي جي تلخ تجربن کان خطن وسيلي آگاهي به ڏئي ٿو.
انسان جي زندگي جون انيڪ گهرجون آهن. هڪڙي خواهش پوري ٿئي ٿي ته وري ڪا ٻي نئين خواهش پاڻهي ڄاڻ جاڳي ٿي پوي. اِنهي وٺ وٺان واري جهان ۾ ماڻهو کي جيڪا شئي گهڻي کان گهڻو ڪم اچي ٿو سو آهي تجربو. دنيا جهان اندر تجربيڪار ماڻهن جي وڏي عزت ڪئي ويندي آهي. چوڻ وارا ته ائين به چون ٿا ته تجربو رکندڙ ماڻهو زندگي ۾ هر هڪ شعبي ۾ پنهنجا جوهر سهڻي نموني ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويندو آهي. تجربو وڏي محنت ۽ مشقت کان پوءِ ئي حاصل ٿيندو آهي. ڪجھ ماڻهو اِهو سمجهن ٿا ته ڪو تجربو جلدي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪا شئي آهي يا وري اڪ تان ماکي لاهڻ جيترو سولو ڪم آهي. پر ائين قطعي ڪونه آهي. تجربي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جون عمرون ڳري وينديون آهن تڏهن وڃي ڪري ماڻهو ڪجھ سکندو آهي. گهر جي عمارت ٺاهيندڙ رازو جلدي ۾ رازو ڪونه ٿيندو آهي يا ڄمندي ڄام قطعي ڪونه هوندو آهي. اِنهي رازي گهڻن جا گهر ٺاهيا هوندا ۽ ممڪن آهي شروعاتي ڏينهن ۾ گهر جي عمارت جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪا سر غلط يا وري آسيري پاسيري به هنئي هوندس. ائين ڪندي ڪندي وقت جي حساب سان تجربو حاصل ڪري وڃي ٿو. تجربي حاصل ٿيڻ کان پوءِ غلطين ٿيڻ جو امڪان تمام گهٽ هوندا آهي تڏهن به اِهو نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو تجربيڪار ماڻهو غلطين کان پاڪ هوندا آهن.
آئون وري اِنهي نظرئي جو آهيان ته تجربي (Experience) سان گڏ مشاهدو (Observation) به لازمي هجڻ گهرجي ۽ مشاهدي سان گڏ وري مطالعو (Reading) به ضروري هجڻ گهرجي. جنهن وقت هي ٽئي عنصر پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ ڪنهن هڪ دماغ جي زينت بڻيا ته يقين ڪريو اُن ماڻهو جي ذهانت کان دنيا متاثر ٿيندي سندس ڏاهپ جا ڏيھ ڏس ڏيندي. اسان وٽ ڪجھ ماڻهو تجربو رکن ٿا. جهڙوڪ خاص طور تي پيشه ورانه ماڻهو. جيڪي ڪنهن خاص شعبي ۾ ڏينهن رات ڪم ڪندڙ آهي سي پنهنجي اُن لاڳاپيل شعبي ۾ چڱي مهارت رکڻ سان گڏ سُٺو تجربو به رکن ٿا. اِنهي جي برعڪس اسان جو عام ماڻهو ڪنهن مخصوص شعبي ۾ مهارت يافته هجڻ کان قاصر آهي. اِنهي هوندي به وري ڪجھ ماڻهو تجربو رکندڙ ته هوندا آهن پر اُنهن ۾ مشاهدي جي حس ڪونه هوندو آهي. جنهن ڪري اُهي ماڻهو ڪنهن به ڪم کي سر انجام ڏيندي پنهنجي تجربي جي آڌار تي تجربي اندر پيا نوان تجربا ڪندا آهن. جتان کين ڪڏهن چڱو نتيجو حاصل ٿيندو آهي ته وري ڪڏهن انهن جو هڙ خالي جو خالي ئي رهجي ويندو آهي. هاڻ اچون ٿا اصل ڳالھ طرف ته تجربي سان گڏ مشاهدو به ضروري آهي ۽ مشاهدي سان گڏ وري مطالعو به ضروري آهي. هڪڙا سُٺا دماغ يا اڃان به ائين کڻي چئجي ته اعليٰ ذهن هنن ٽنهي عنصرن جو مرڪب هوندا آهن. اوهان ڏٺو هوندو ته هڪ سُٺو شاعر پنهنجي شاعري ۾ رڳو جماليات کي بيان ڪونه ڪندو آهي پر هڪ سُٺو شاعر پنهنجي شاعري ۾ جماليات سان گڏ جدليات کي به بيان ڪندو آهي ۽ اِنهي سان گڏوگڏ حالات حاضره جو تذڪرو به ڪندو آهي. ائين ئي اُهو سُٺو شاعر پڙهندڙن جي سڀني گهرجن کي سامهون رکي ڪري شاعري جو گلدستو تيار ڪندو آهي ته جئين ٻيا اُن مان سرهاڻ حاصل ڪري سگهن. اِهڙي ئي نموني انساني زندگي ۾ تجربي جي وڏي اهميت آهي.
سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن ۾ نوڪري جي حاصلات لاءِ تجربو درڪار هوندو آهي. هر ادارو نوڪري جي اشتهار ڏيڻ مهل اميدوار جي اهليت سان گڏ لاڳپيل نوڪري لاءِ تجربي جي گهر ڪندو آهي. اِهو تجربو واضع ڪندو آهي ته اميدوار ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪيتري قدر صلاحيت موجود آهي يا اميدوار متوقع نوڪري ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر دلچسپي رکي ٿو. سندس تجربو ئي کيس نوڪري جي حاصلات ۾ ڪامياب بڻائيندو آهي. ادب جا پارکو ڪتاب پڙهندا آهن ۽ ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين مان تجربو حاصل ڪندا آهن.
مون جڏهن احمد جو هي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ته مون کي اندر ۾ اِهو احساس پاڻهي ڄاڻ جاڳڻ شروع ٿيو ته واقعي انسان ڪيتري قدر ڪمال جهڙي ڪاريگري ۽ فن جو مالڪ آهي. عام ماڻهو وٽ دنيا جهان جو تصور ڪهڙي ريت هوندو آهي ۽ هڪڙي تخليقڪار جي اک هن دنيا ۾ موجود هر هڪ لقاءُ کي ڪهڙي انداز سان ڏسندي آهي. اِهو سڀ ڪجھ اوهان هن ڪتاب ۾ موجود خطن مان پسي سگهو ٿا. خط جيڪي پنهنجي دور جا دستاويز هوندا آهن. جن جي آڌار تي گذريل وقت جي حالتن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ آئيندي لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار ڪري سگهجي ٿو. خطن جي موڪلڻ جو رواج جهڙوڪ هن جديد دور ۾ ڪنهن قدر گهٽجي چڪو آهي تڏهن به هن جديد دور ۾ خطن ۾ ساڳي سڳند ۽ سرهاڻ موجود آهي بشرط اُهي خط هجن. خاص طور تي انهن خطن مان جن خطن ۾ سڄڻ، سار ۽ سنسار جو تذڪرو ڪيل هجي. لاڪ ڊائون جي قهري ڏينهن ۽ غريب جي گهر ۾ آيل ڏڪر وارن هنن ڏينهن ۾ هنن خطن جو جنم ٿيو آهي. هڪ طرف پوري دنيا خوف و حراس ۾ مبتلا هئي ۽ موت جي منهن ۾ پاڻ کي ڀائيندي ماڻهو پاڻ بچائڻ جا جتن ڪري رهيا هيا ته ٻي طرف هي خط وڏي پيار ٻاٻوھ ۽ سڪ اڪير منجهان پنهنجي پيارن ڏانهن لکجي رهيا هيا. هي خط جنهن وقت لکجي ڪري مڪمل ٿيا ۽ هي ڳٽڪو ڇپائي جي مرحلي کي پار ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو ته آئون سمجهان ٿو هن ڪتاب جي ليکڪ جي اکين جي اوجاڳن کي ٿڌي آٿٿ ملي هوندي ۽ سندس اکيون ڪتاب ڏسي ڪري ٿڌيون ٿيون هونديون. ليکڪ جي اکين خوشي مان رقص ڪيو هوندو ۽ اُنهن مان خوشي جا ٻه چار لڙڪ به ضرور جاري ٿيا هوندا. اِها منهنجي ذاتي توقع آهي. هي ڪاتب سڀيتا پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل ايڪيهه خطَ شامل آهن ۽ اهي خطَ هنن دوستن ڏانهن لکيل آهن: رحمت سومري، مجيب اوٺي، امرتا، جهانگير ڏاهري، علي آڪاش، حاجي ساند، امر اقبال، سنڌو ستار پيرزادو، مقبول هاليپوٽي، شميم مري، ساگر مشتاق، ناشاد رضوان، فراق هاليپوٽي، امداد سولنگي، فواد ڪلوڙ، آس ٻٻر، عرفان لُنڊ، ذوالفقار گاڏهي، منور ملاح، جاويد جبار، حبيب ساجد…. ۽ ايڪيهه ئي خطَ مختلف موضوعن تي لکيل آهن.
(روزاني هلال پاڪستان، 09 آگسٽ 2020)