آئون ڪائناتي لقائن بابت انتهائي گهٽ معلومات رکندڙ شخص آهيان. مون کي بس ايتري سُڌ آهي ته هَن ڪائنات ۾ ٻه شيون ڏاڍيون قديم آهن. هڪ حضرت انسان ۽ ٻيو انهي جو درد جيڪو صدين کان ساڻس گڏ آهي. اِنهي درد حضرت انسان کي جيڪا ڪامل ترقي نصيب ڪرائي آهي. سو بنھ ڪمال جي ڳالھ آهي. دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا. هڪڙا ماڻهو پنهنجي مٿان ڏاڍ، ظلم، جبر ۽ بي واجبي کي انتهائي آساني سان خاموش ٿي ڪري برداشت ڪري وڃن ٿا ۽ اُنهي وارتا خلاف ٻڻڪ به ٻاهر نه ڪڍندا آهن.
اهڙن ماڻهن جي خاموشي استحصالي قوتن کي سگهارو ڪندي آهي. اِنهي جي برعڪس وري ٻيا ماڻهو نه صرف پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم، بلڪ آس پاس توڙي معاشري ۾ برپا ٿيندڙ هر هڪ نقصان ده عنصر جي نشاندهي ڪري انهي خلاف مزاحمت ڪن ٿا. اِها مزاحمت، اِها بغاوت يا ته تقريري انداز ۾ هجي ٿو يا وري تحريري انداز ۾. اظهار جا هِي ٻئي نمونا پنهنجي جاءَ تي سُٺو اثر ڇڏيندڙ آهن. اِنهي نموني ساجد حسين سومري به پنهنجي جهاد جو جيڪو نمونو اختيار ڪيو آهي سو تحريري آهي. مون جڏهن هن مجموعي ۾ موجود ڪهاڻيون پڙهيون ته مون کي محسوس ٿيو ته واقعي هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ سندس ڪهاڻيون ڪُل ملڪيت هجن ٿيون.
ڇو ته انهن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار جا خواب سمايل هوندا آهن. سندس حسرتون سمايل هونديون آهن. محبوب کي ڪجھ ڏوراپا ڏنل هوندا آهن. سماج خلاف ڪجھ ڪروڌ اظهاريل هوندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار جڏهن ڪهاڻي لکندو آهي ته سڀني کان پهريان هو پنهنجي پاڻ کي انهي ڪهاڻي ۾ تحليل ڪندو آهي.
پنهنجي عقيدي، عقل، ڏاهپ کي پاسي تي رکي ھُو ٻين جي زبان ٿي پوندو آهي. ٻين تي ٿيل ظلم جي داستان کي بيان ڪندو آهي. اِهڙي نموني تڏهن ئي وڃي ڪري سندس ڪهاڻيون ٻين جي دلين ۽ دماغن تي حاوي ٿينديون آهن ۽ انهن تي ديرپا اثر ڇڏينديون آهن. ساجد جون ڪهاڻيون به ڪجھ اھڙي ئي نموني جون ڪهاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ ڪردار نه صرف ڳالهاين ٿا پر سماج اندر نفرت ڀري ريتن ۽ رسمن خلاف اعلان بغاوت ڪندي نظر اچن ٿا. سنڌي ادب ۾ هن وقت کوڙ سارا تخليقڪار طب آزمائي ڪري رهيا آهن. هڪڙا شعر و شاعري واري جهان ۾ گم آهن ته ٻيا وري محبوبن جي قصيده گوئي ۾ گم آهن.
تمام ٿورا اھڙا ليکڪ آهن جيڪي پاڻ کي ڇڏي ڪري پنهنجي معاشري تي مشاهداتي نظر رکيون ويٺا آهن ۽ انهن جي هر هڪ لکڻي ۾ معاشري جو عڪس ۽ اولڙو چٽو نظر اچي ٿو. انسان کي جيڪڏهن رب تعاليٰ لکڻ، سمجهڻ ۽ فڪر ڪرڻ واري واٽ ڏيکاري آهي ته بهتر آهي ته ماڻهو ٻين لاءِ فڪرمند رهي، ٻين جي دردن جو ڀرجهلو ٿئي. پنهنجي ڏات ۽ قلم کي ٻين جي راهن هموار ڪرڻ لاءِ وقف ڪري. ساجد حسين سومرو سنڌ جي اهڙي ضلعي سان تعلق رکي ٿو جنهن ۾ عوام الناس جي قسمت جا فيصلا اُتان جا واڳ ڌڻي مطلب سردار ڪندا آهن. جيتوڻيڪ پاڻ سڀئي آهيون ته هڪ ئي قوم جا فرد پر انهي جي باوجود به ساڳي قوم کي ٽُڪرن ۾ ورهائي جهڙي نموني مونجهارن ۽ تضادن جي ور چاڙهيو ويو آهي سو بنھ ڏک ڏيندڙ ڳالھ آهي.
ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي. ڇو ته پڙهيل لکيل ۽ باشعور طبقي جي خاموشي لاشعور ۽ جابر طبقي کي اڃا وڌيڪ مستحڪم ڪندي آهي ته ھُو مظلومن تي پنهنجو ڏاڍ ۽ ظلم جاري رکن. ساجد حسين سومرو جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن سي دردن جي دستاويز جهڙيون ڪهاڻيون آهن.
سندس ڪهاڻيون انتهائي سادي اسلوب سان لکيل آهن. جنهن ڪري ادب دوست توڙي عام ماڻهو جي فهم ۾ جلدي سمجهڻ جوڳيون آهن. ڪهاڻي کي انتهائي آسان هجڻ به گهرجي ته جئين عام ماڻهو انهي مان ڪجھ پرائي سگهي. اجايو ڪهاڻي کي نه طويل ڪرڻ گهرجي. نه اُن ۾ گهڻي ڳُجھ رکجي ۽ نه ئي انهي ۾ ڳُتيل لفظ اُتڻ گهرجن. دنيا جهڙي رفتار سان ترقي ڪري رهي آهي. انهي رفتار جي آڌار تي پنهنجو معاشرو جهڙوڪ پورو ته نه ٿو لهي پر انهي جي باجود به پاڻ دنيا سان گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. انهي ڪوشش جي عيوض اڄ اسان وٽ عام رواجي شين ۾ جدت پڻ آئي آهي. انهي جدت اسان جي سوچن ۾ پڻ نواڻ آندي آهي. اِها نواڻ جڏهن قلم وسيلي ڪاغذن تي جنم وٺندو آهي ته انهي مان گهڻا ئي اونداھ ذهن مستفيد ٿيندا آهن. ڪاغذ ۽ قلم جو جيڪو پاڻ ۾ ناتو آهي سو ناتو اڄ جو نه بلڪ صديون پراڻو ناتو آهي. اِنهي ناتي دنيا ۾ حيران ڪن تبديليون رونما ڪرايون آهن.
اڄ جو انسان چاهي ٿو ته کيس هر هڪ شئي انتهائي مختصر وقت ۾ ملي ۽ وڏي ڳالھ ته اِها آهي جو جيڪا شئي موصول ٿئي سا خود به مختصر کان مختصر هجي. اِنهي تجربي ۽ سوچ، ڪهاڻي کي به مختصر ڪهاڻي جو روپ ڏنو. اسان وٽ پهريان طويل ڪهاڻي لکي ويندي هئي. اڳتي هلي اُها مختصر ٿي ۽ کيس اختصاري ڪهاڻي سڏيو ويو. وقت جي مناسبت سان سئو اکري ڪهاڻي جنم ورتو وري هاڻ ته دنيا ايتري ترقي ڪري ورتي آهي جو اِها ڪهاڻي فليش فڪشن ٿي چڪي آهي. يعنيٰ ڪئميرا جي پهرين جيڪا چمڪ هجي ٿي انهي کي فليش چئبو آهي. فليش فڪشن مطلب هڪ چمڪ ۾ پورو قصو سمجھ ۾ اچي وڃي.
ڪهاڻي جي اِها ترقي تاريخ جي ورقن ۾ سونهرن لفظن سان درج ڪئي ويندي. ڪهاڻي جي صنف ۾ مون گهنگار به هڪ تجربو ڪيو آهي جنهن کي مون نالو ڏنو آهي ”ڪائونٽر ڪهاڻي.“ هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته مون طرفان شروع ڪيل انهي ڪهاڻي واري انداز کي ڪيتري وقت ۾ ترقي ملي ٿي ۽ ان تي ڪيترا دوست طب آزمائي ڪن ٿا. ڪجھ عرصو پهريان سنڌ اندر هڪ وڏو بحث شروع ٿيو. هتي جيڪي مها اديب ۽ مها ڪهاڻيڪار طور سُڃاتا ويندا آهن تن ڪانفرنسن ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو ته سنڌ اندر ڪهاڻي مري رهي آهي. مطلب ڪهاڻي جي صنف ڪمزور ٿي رهي آهي. جڏهن مون هي ڳالھ ٻڌي ته آئون حيرت ۾ پئجي ويس. انهن ڪهاڻيڪارن کي صرف اِها خام خيالي هئي ته ڪهاڻي صرف اُهي ئي لکي سگهن ٿا باقي پوري سنڌ اندر سڀئي ماڻهو ڪهاڻي لکڻ کان اڻ واقف آهن.
اڙي بابا توهان جي لکڻ يا نه لکڻ، توهان جي هجڻ يا نه هجڻ سان نه ئي ڪا صنف تباھ ٿيندي ۽ نه ئي ڪهاڻي ڪڏهن مرندي. ڇو ته ادب ۾ جڏهن به ڪو نوجوان داخل ٿيندو آهي ته اهو نظم ۾ پهريان غزل لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن نثر طرف ايندو آهي ته سڀ کان پهريان ڪهاڻي لکڻ شروع ڪندو آهي. ان لاءِ ڪهاڻي بابت اجائي غلط فهميون ۽ مونجهارا پيدا نه ڪريو. سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. اهڙي خوشگوار ماحول جي هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن پاڻ کان پوءِ سڄي سنسار کي اونداھ تسليم ڪجي ته يقينن اهو عمل شعوري عمل ته ڪونه هوندو.
ڪتاب جي ڇپائي کان وٺي ڪري اخبارن، رسالن ۽ ٻين اشاعتي مرحلن ۾ اڄ به پنهنجا نوازي واري راويت برقرار آهي. جنهن سبب سنڌ جا ڪافي تخليقڪار گهڻو ڪجھ هجڻ جي باوجود به ڄڻ ڪجھ ڪونه آهن. ڇو ته انهن جي تخليق کي ماڻهن جي آڏو اچڻ جو موقعو ئي ڪونه ملندو آهي. گهڻا ته وري مون اھڙا به ڏٺا آهن جن کي اشاعتي وسيلن جي ئي مڪمل ڄاڻ ڪونه آهي. جنهن سبب به اُهي پوئتي رهجي ويا آهن. سنڌ اندر لاعلمي هڪ وڏو الميو آهي. جيڪو تخليقڪار کي کائيندو ٿو وڃي. ساجد حسين سومرو به ڳچ عرصي کان علم ۽ ادب سان سلهاڙيل هڪ باشعور نوجوان آهي. سندس تحريرون خواھ ڪهاڻيون هجن يا ڪالم، هن ڌرتي جي دردن جي عڪاسي ڪن ٿيون.
هن ڪتاب ۾ موجود سندس سڀئي ڪهاڻيون جيتوڻيڪ ڪهاڻي جي فن جي حوالي سان ڪجھ ڦڪيون، مٺيون ٿي سگهن ٿيون پر سندس سوچ ۽ فڪر مان اِهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته سندس وٽ انفرادي سوچ جي بدران اجتماعي سوچ آهي. جيڪا کيس مسلسل لکڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ هي نوجوان مسلسل لکندو رهندو آهي. ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ سندس پهرين ڪهاڻي” فقير سائين جي دعا“ ۽ ” ٻي ڪهاڻي ” انڌو عقيدو“ انهي ڳالھ جي شاهدي ڏين ٿيون ته اسان وٽ اڄ به ٻهراڙين ۾ عورتون، توڙي گهٽ پڙهيا لکيا نوجوان جعلي عاملن ۽ فقيرن جي ڪوڙن ڌاڳن، ڦيڻن ۽ ڏٽن تي يقين رکن ٿا. انهي عقيدي الائي ته ڪيترا وسندڙ گهر اُجاڙيا آهن ۽ الائي ته ڪيترن نوجوانن جي خوابن جي غلط تشريع ڪري کين زندگي ڀر دربدري نصيب ڪئي آهي. معاشري جي اهڙن غلطن ريتن توڙي رسمن جي نشاندهي ڪري ماڻهن کي انهي کان آگاھ ڪرڻ هڪ اهل علم ۽ باشعور فرد جو ئي ڪم آهي. اِها ذميواري هڪ اديب، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور تي به عائد ٿئي ته هو ماڻهن کي اونداهي کان خبردار ڪري ۽ روشني جو ڏس ٻڌائي، سجاڳي جو سڏ ڏئي ته جئين سماج ۾ پيدا ٿيندڙ غلط ريتون ۽ رسمون ناپيد ٿي وڃن.
مون جڏهن ڪهاڻي” اڌوريون خواهشون“، ” سرڪاري اسپتال“ ۽ ” فيسبڪي دوست جو وڇوڙو“ پڙهيو ته آئون حيرت زده ٿي ويس. ڇو ته هنن ٽنهي ڪهاڻين جي انت ۾ جيڪو المناڪ وڇوڙو ڏيکاريل آهي انهي جو بنيادي ڪارڻ روڊ حادثن وسيلي واقع ٿيل ايڪسيڊنٽ آهي. جيڪي اڪثر ٽرالر جي ٽڪر سبب برپا ٿيا آهن. انهي ڳالھ کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪو اسان وٽ روڊ انتهائي محفوظ آهن ۽ انهن تي هلندڙ وزني گاڏيون ۽ ٽرالر قانون تي عمل پيرا ٿيندي سفر طئي ڪنديون آهن. اسان وٽ ته روڊ موت جو راڪاس آهن. خاص ڪري انهن شهرن لاءِ جيڪي روڊن جي ويجها قائم ٿيل آهن.
اتان جي ماڻهن کي گهڻو نقصان کڻڻو پوي ٿو. ڊرائيورن جي انهن لاپرواهين سبب ڪافي امڙين جون جهوليون خالي ٿيون آهن پر هتي حالت اِها آهي جو آئي ڏينهن حادثا ٿيڻ جي باوجود به حڪومت ڪوبه تحرڪ ڪونه وٺندي آهي. سڄي ڀوڳنا صرف جو صرف عوام کي ئي ڀوڳڻو پوندو آهي. هنن ٽنهي ڪهاڻين منهنجي ذهن کي ايترو ته ولوڙيو جو آئون ڪي ئي ساعتون غم واري ڪيفيت ۾ مبتلا رهيس ۽ اِهو سوچيندو رهيس ته هن ڌرتي جو ڀاڳ ڪڏهن سڻائو ٿيندو. ساجد حسين سومرو ڪهاڻين ۾ احساس ڀريا آهن. ڪيفيتن کي مختلف رنگن ۾ ڪاغذ تي آڻي ڪري بيهاريو اٿس.
سندس مزاج، پسند توڙي نا پسند جي اسان کي اتي ئي پروڙ پئي ٿي ته ھُو ڪهڙي اک سان هن سماج جو جائزو وٺي ٿو ۽ شين کي ڏسڻ لاءِ سندس وٽ ڪهڙا طور ۽ طريقا آهن. آئون ساجد حسين سومرو کي مڪمل طور تي ڪامل انسان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قطعي ڪونه آهيان. سندس ڪهاڻين ۾ ضرور ڪجھ اوڻايون هونديون، ڪجھ گهٽ وڌايون هونديون. ممڪن آهي سندس ڪا ڪهاڻي توهان کي بنھ پسند نه اچي ۽ ائين به ممڪن آهي ته سندس ڪا ڪهاڻي توهان جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏي. هاڻ باقي فيصلو توهان پڙهندڙن کي ڪرڻو آهي ته ساجد پنهنجي قلم وسيلي هن ڌرتي جي ڏکن کي ڪيتري احسن نموني سان توهان آڏو پيش ڪيو آهي ۽ توهان انهي مان ڪيترو مسفيد ٿيا آهيو. ڇو ته هر هڪ پڙهندڙ جو هڪ پنهنجو الڳ امتياز هجي ٿو. انهي جو پنهنجو هڪ الڳ مطالعو هجي ٿو ۽ انهي وٽ شين کي سمجهڻ، ڏسڻ ۽ پرکڻ جو هڪ الڳ طريقو هجي ٿو. انهي نموني توهان مهربان جيتري قدر اعتدالي نموني سندس محنت کي تسليم ڪندا تهڙي ئي نموني ليکڪ کي اُتساھ ملندو ۽ سندس محنتن جو ڦل به کيس ملندو.
(ساجد حسين سومرو جي ڪهاڻين جي مجموعي لاءِ لکيل مهاڳ، هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهي)