اسين جڏهن تاريخ جا ورق اٿلايون ٿا ته اسان کي انيڪ قصا، ڪهاڻيون ۽ وارتائون نظر اچن ٿيون. ڪجھ اهڙا به واقعا هوندا آهن جيڪي پنهنجي دور توڙي ايندڙ جديد دور ۾ نئين نسل ۽ نوجوانن تي گهڻو اثر انداز ٿيا. اهڙن ئي عجيب و غريب قصن ۾ دنيا جي جڳ مشهور ڏاهي، مفڪر ۽ سائنسدان البرٽ آئنسٽائن جي ڪٿا به آهي. زندگي جدوجهد، جستجو ۽ مسئلن سان مسلسل جهيڙڻ جو نالو آهي ۽ ڪامياب به اُهي ئي ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي زندگي سان جهيڙڻ جو فن سکي وٺندا آهن. جڳ مشهور مفڪر ۽ سائنسدان البرٽ آئنسٽائن به روزگار جي حصول لاءِ ڪجھ عرصو شديد پريشاني واري عالم ۾ رهيو. سندس لاءِ زندگي ڏاڍي ٿڪائيندڙ ۽ بور ڪندڙ ثابت ٿي. ننڍپڻ ۾ موڳائپ جا طنز ملڻ سبب جيتوڻيڪ سندس فڪري سگھ متاثر ڪونه ٿي هئي پر کيس روزگار جي ملڻ جو الڪو ڏاڍو هو.
جنهن سبب هن مختلف ادارن ۾ ملازمت ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريندي انهن ۾ وڃڻ پي چاهيو ليڪن کيس ڪٿان به ڪو خاطر خواھ جواب نه ملي سگهيو. مسلسل ڪوششن ۽ جدوجهد کانپوءِ کيس هڪ اداري ۾ نوڪري ملي ۽ نوڪري ملڻ کان پوءِ هن چاهيو ته اِها خوشخبري سڀني کان پهريان پنهنجي ماءُ کي ٻڌايان جيڪا سندس مستقبل لاءِ هميشه فڪر مند رهندي هئي. پنهنجي ماءُ جي نالي، خط ۾ آئنسٽائن پنهنجي مقرري جو احوال مزاحيه انداز ۾ لکندي لکي ٿو:” امان ڏسجان ته سهي. توهان جو ماٺيڻو پُٽ پروفيسر ٿيڻ وارو آهي. ڇا توهان کي يقين ٿئي ٿو؟“. مسلسل ناڪامين جي ڪٿا کانپوءِ هن کي پنهنجي ماءُ کي هڪ خوشخبري ٻڌائيندي سرهائي محسوس ٿي رهي هئي. ۽ ائين سندس هن مختصر گفتگو کي تاريخ ” موڳي پٽ جو ماءُ ڏانهن لکيل خط“ جي نالي سان ياد ڪري ٿي.
(ڪاوش گئلري، 28 آگسٽ 2019ع)