فرانس جي جڳ مشھور فلسفي سارتر لکيو آھي ته: ”ھر اُهو لفظ جيڪو اسان ھڪ ٻئي جي آڏو ادا نه ڪري سگھياسين يا نه ڪري سگھيا آھيون ته پوءِ اُھو اسان جي ھار جو مڪمل اِعتراف آھي“. سارتر مٿيان لفظ ڪھڙي نقطئه نگاھ لاءِ لکيا ھئا؟ اُھو ته سارتر ئي ڄاڻي. سارتر جي مٿين ڳالھ ڪرڻ جو ھتي مکيه ۽ اھم نقطئه نگاھ فقط اُھوئي آھي ته سچ ضرور لکجي! ڇو ته ليکڪ ھڪ آرٽسٽ ھوندو آھي، جيڪڏھن ھو سچ کي ڪاڳر تي نٿو اوتي ته اُھو به ان ڇوڪري وانگر آھي جيڪا پنھنجي پھرين پاپ جي پيدائش کي وساري ڇڏيندي آھي. بنيادي طور آئون رومانيت پسند رھيو آھيان، منھنجي لکڻ جو انداز به رومانوي رھيو آھي. ان ڳالھ جي برعڪس اسان جو ھي يار سائنسي ادب جو وڏو مائل رھيو آھي. ھن ڦڪي چانھ ڪھاڻي کان جنگي جيٽ جھاز وانگي تيز سائنسي اَدب ڏانھن ڪبوتر وانگي تڪڙي ڏوٽي ڇو ۽ ڇا لاءِ کاڌي؟ اُھو فقط يوسف جميل لغاري ئي ڄاڻي. ننڊ نيڻن مان ڇرڪي ھرڻي جھڙي ڇال ھڻي ڪمري مان ٻاھر ھلي وئي آھي. اوجاڳي جو شينھن، اداس ڪنھن محبوبه وانگي بغير عاشق جي ديدار جي ڪمري ۾ ئي اُٻاسيون ڏيندو نظر اچي ٿو. ھٿن جي پکيئڙن کي پنھنجي مٿي تائين اڏاري سڀئي خمار ڪنھن ڳوٺاڻي ناري وانگي گينچڻ مان اٽي جيئان ڇاڻي موبائل جي بدن ۾ اڱريون ٻکيم. معمول مطابق واٽسپ جيئن ئي کوليم ته يوسف جميل لغاري جا پيغام سائي طوطي جيئان واٽسپ جي ٽاري تي لڏي رھيا ھئا. مٿيان آيل ھو پي ڊي ايف ۾ ڪتاب جنھن جي ويجهو ھيٺان لکيل ھو ته ”هن ڪتاب تي اوهان جو رايو کپي، جيڪڏهن عنايت ڪندئو ته مون کي خوشي ٿيندي“. منھنجو ذھن خيالن ئي خيالن ۾ اڏرڻ لڳو. ھن ڳوٺن جي شادين ۾ تقسيم ٿيندڙ پتاشي جھڙي يار پنھنجي ڪتاب لاءِ رايو گُھريو ھو جنھن سان انڪار ڪرڻ اھڙو ئي ناممڪن ھو جھڙو مومل کي راڻي کي وسارڻ ناممڪن ھو. روايتي خيالن جي طلسمي جبل کي سومل وانگي ڇڏي مومل بڻجي پيرا شوٽ پائي ٽپو ڏئي يار جي ڳالھ ڏانھن موٽندي سندس سان ھائو ڪار ڪيم. اِھو ڄاڻيندي به ته يوسف جميل لغاري جي سائنسي لکڻين تي ڇا منھنجو رايو پورو لھندو به يا نه؟
پر يار سان انڪار ڪير ڪري؟ جيڪو حال پريان نال، يوسف جميل لغاري ڪير آھي، ڪٿان جو آھي، ڪٿي ملياسين، ڪڏھن ۽ ڪيئن ملياسين، ساڻس سان ڪيتريون ملاقاتون ٿيون آھن؟ جھڙيون روايتي ۽ غير دلچسپ ڳالھيون ڇڏي پاڻ صرف اڄ يوسف جميل لغاري جي ڪتاب تي ڳالھائينداسين. جيڪو ڪتاب خُود يوسف جميل لغاري جي خيالن جي تشريع ڪندو. جيڪو ڪتاب ھن قيدي عاشق جيئان محبوبا کي ملاقات جو وقتي آسرو ڏئي لکيو آھي. ھن جيڪو ڪجھ لکيو آھي اُھو اسان جي سنڌي ادب جي جيٽ جھاز جي ليڪ جي ڊگھي طويل قطار ۾ اچي ٿو.
ادب ئي ته اُھو آئينو آھي، جنھن مان اسين ماضي کي حال سان ۽ حال کي مستقبل سان ڏسي سگھون ٿا. ادب جي آئيني تي پھچڻ پڄاڻان ئي اسان کي ماضي به ملي سگھي ٿو ته حال به ۽ گڏوگڏ اسين مستقبل جي باري ۾ پڻ پنھنجا امڪان ظاھر ڪري ھڪ ٻئي آڏو رکي سگھون ٿا. محبت جنھن جي بنياد تي ئي دنيا قائم آھي. پر الميو اِھو آھي ته اُن محبت سان ئي ھر دور ۾ وڏا ڪلور ٿيا آھن. انھن محبتن مٿان ئي اسان جي ڏيھ جي باشندن بندوقون کنيون آھن. جيئن سائبيريا جي پکين لاءِ کڻندا آھن. جنھن به انسان ذات سان محبت ڪئي آھي اُھو ماريو ويو آھي. انھن جي خلاف يوناني ڏند ڪٿائي ديوتا پروميٿيس، کان وٺي اڄوڪي يوسف جميل لغاري تائين انڪار جو فلسفو اسان کي ھر مھذب ماڻھو ۾ نظر اچي ٿو. اھڙو فسلفو اسان جي دوست وٽ پڻ موجود آھي. انسانيت سان محبت، مڪاريون، دغا بازيون، ڏور رھڻ، سڏڪا سسڪيون، آھون دانھون ۽ وصل جي امڪاني ھٻڪار اسان کي سندس جي لکڻي ”سور سڀ ڄمار“ مان ملي ٿي. ڏُتڙيل قومن جي سوچن مٿان سامراجي غلبو قائم ھوندو آھي. جنھن رياست اندر ھڪڙي ٻي رياست قائم ھجي ان کان اسين ڪھڙي امن ۽ انصاف جي خيرات گُھري رھيا آھيون. اھو سوال اسان کي پاڻ کان ڪرڻ کپي. پر اِھو سوال اسين تڏھن ئي پنھنجي پاڻ کان ڪري سگھنداسين جڏھن اسين تعليم کي ڳل ڳراٽي پائينداسين. اڄ يورپ عالمي ليول تي جانورن لاءِ ادارا جوڙي رھيو آھي. جڏھن ته اسين اڄ به ڳوٺن جي واٽر ڪورسن مان نوجوانن جا لاش ڍوئي رھيا آھيون. شھر جي گٽرن ۾ اڄ به معصوم ٻار ريپ ٿيل، مئل حالت ۾ ملن ٿا. ته ٻي پاسي يورپ تعليم جي بلندين تي آھي. جڏھن ته اسين اڃان تائين فڪري بحران مان ٻاھر نڪري ڪونه سگھيان آھيون. انھن سڀنِي سوالن جا جواب اسان کي تعليم ئي سيکاريندي ته اسين ڪٿي بيٺل آھيون. اھڙو نقطو ۽ اُونھو يوسف جميل لغاري جي دل ۾ به دُکي رهيو آهي. جيڪو ھن پنھنجي لکڻي ”اکيون جيڪي خوشحالي جا خواب ڏسن ٿيون“ ۾ ڏيکاريو آھي. البته ان لکڻي کي ان حد تائين نه کڻي سگھيو آھي. جنھن طاقت سان ھي ان لکڻي جي پھرين مرحلي ۾ نظر آيو آھي. پر پوءِ به پڙھندڙن کي هي لکڻي پاڻ ڏانھن ائين ڇڪ محسوس ٿي ڪرائي جيئن مومل کي ميندري جي ياد تڙپائيندي هئي. جنھن مومل لاءِ مهان ڪوي شيخ اياز لکيو آهي.
رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي،
ماڪ ۾ ميندرا، ڪاڪ رُئندي رهي.
مينهن موٽي ويا، ڏينهن اُڀري لٿا،
تون نه آئين پرين، وِھُ لڳي ٿي وهي.
ڀٽائي جي سھڻي جا ڪاندي ته درياءُ ڪپ تي ويٺل پکي پکڻ ٿيا ھئا. پر اسان جي لاشن جو الائجي ڪير ڪاندي ٿيندو به يا نه؟ اُھو اونھو اسان جي عوام کي ھر وقت خاردار تار وانگر چُڀي ٿو. ڇو ته اسين فرسودا سماج ۾ فقط زنده آھيون. ميرن جي چوياري وانگر ھر طرف کان اسان کي ذھني جھالت يرغمال بڻايون ويٺي آھي. جيڪو اونھو ھن ليکڪ جي دل ۾ پڻ انگريزن جي ڏنل گھڙيال وانگر ڌڙڪي ٿو. جيڪو خيال ھن پنھنجي لکڻي”عقل جي اونداھي جو الميو“ ۾ ۽ ”صدين جون صدائون ٻڌن ٿيون ھوائون“ ۾ ظاھر ڪيو آھي. آسمان جي ٽارين ۾ ٽنگيل حضرت عسيٰ جھڙا سھڻا ستارا ڳڻڻ جيترو ته اسان وٽ وقت آھي.
پيسن جي نوٽ کي اٿلائي پٿلائي اِھو ڏسڻ جو ته ھي اصلي آھن يا ڪوڙو. موبائل جي اسڪرين تي سڄو سڄو ڏينھن پب جي گيم کيڏڻ جو ته پاڻ وٽ گھڻو ئي وقت آھي. پر افسوس جو اسان وٽ مزدور جي ھٿن ۾ پيل لڦن کي ڏسڻ جيترو به وقت ناھي رھيو. ھا اسان وٽ ته ڪنھن جھور پيرسن جي مُک تي اداس پيل ريکائون ڳڻڻ جيترو به وقت ناھي رھيو ته اُھي ڪھڙي ڏک، درد ۽ پيڙا جون ريکائون آھن. اھڙو ڏک ھن ليکڪ وٽ به ڏسڻ وٽان آھي جيڪو ھن پنھنجي لکڻي ”جديد دور جون ڪھڙيون گھرجون آھن“ ۾ ڪيو آھي. اسان جي دوست الائي ته ڪھڙي خيالن جي رش ۾ ويھي ھي سٽون لکيون آھن، ”اسان وٽ ائين آھي ته اسان بي روزگاري جون دانھون ڪريون ٿا ھر روز مھانگائي جو پٽڪو ڪيون ٿا پر اِھو نه ٿا ڏسون ته جديد دنيا جو تقاضائون ڪھڙيون آھن.“ يوسف جميل تون ڪھڙيون ٿو جديد دنيا جو تقاضائون انھن کي ٻڌائين؟ جن وٽ کائڻ پيئڻ جو سامان يعني پھرين بنيادي سھولت ئي سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن جي لاشن جيئان گم آھن. ڇا اُھي ان وقت تنھنجي دنيا جي جديد نظام بابت ڪيل ڳالھ سمجھي سگھندا؟ تون انھن کي ڪيئن سمجھائيندي جديد دنيا بابت. جن تازو ڪجھ ڏينھن پھريان ٿر جي علائقي ڇاڇري ۾ پنھنجي زندگين جو انت آندو ھو. توکي خبر آھي ته ھڪ پيءُ بيروزگاري کان تنگ اچي خُودڪشي ڪئي ھئي، جڏھن ته ان جي مومل جھڙي سياڻي نياڻي بُک کان تنگ اچي کوھ ۾ ٽپو ڏئي پنھنجي زندگي جو جوان ڏيئو ائين وسائي ڇڏيو ھو. جيئن ڏاھر جي وئي کان پوءِ اروڙ شھر جي شامن آخري ڏيئو وسائي ڇڏيو ھو. ڇا اُھي تنھنجي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ڪيل ڳالھيون سمجھي به سگھندا؟ ھي ته صرف سنڌ جي ھڪ خاندان جي اختصاري ڪھاڻي آھي. ھن وقت تائين سنڌ ۾ ڇا ڇا نه ٿيو آھي اُھو به صرف بُک لاءِ! اُهو دنيا جو بدترين الميو لکيو ويندو. هو ڪڏھن به جديد ڳالھيون سمجھي نه سگھندا، انھن کي ماني ٽڪر کپي نڪي جديد دنيا. شايد انھن کي ان وقت ڪميونزم به سمجھ ۾ نه اچي. اولين شرط انھن کي ماني ڏجي پوءِ ئي شايد ھو ڪارل مارڪس جو ڏنل نقطو ڪميونزم سمجھي سگھن. باقي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سمجھڻ انھن کان ڪوهين ڏور آھي. جيئن جبل ڏسڻ کان ويجھو ۽ وڃڻ پڄاڻان پري نظر ايندو آھي. سنڌ جي تقدير ھن وقت لڪير جي فقير جھڙي ٿي پئي آھي. پر وري به ھن ليکڪ وٽ سنڌ جي ان تقدير کي بدلائڻ جو اونھو آھي. ھي ڪوشان آھي جيڪو اونھو اسان کي سندس جي لکڻي ”فني توڙي مھارتي تعليم جي ضروت ۽ اھميت“ ۾ نمايا ملي ٿو. ڳالھ سڄي آھي بس ڳولھي لهڻ جي. هي ليکڪ ڏاڍو جذباتي آھي، شايد اُھا ڪاوڙ ھن جي لکڻين ۾ به اوتجي پئي آھي. جنھن ڪاوڙ وچان ھن ڪتاب ۾ کوڙ سارا خيال وکيريا آھن. خيال ڇا سمجھو ته ڄڻ پوپٽ آھن ھتان اڏريا وري ڪٿي ٻئي ھنڌ ويٺا. اھا جنون جي سرمستي ڪيفيت سندس جي لکڻين ۾ نمايا آھي. يوسف جميل لغاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: ”ھي صدي فلسفي جي نه بلڪي سائنس جي صدي آھي“ انھي سٽ تي قياس ڪري ذھن ڀنڀوري وانگر دماغ ۾ ڀِرندو ٿو وڃي ته ڇا ھاڻي فلسفي مان ڪوئي لاڀ حاصل نه ٿيندو؟ يا فلسفو اجايو سمجھي کنڊرن ۾ مدفون ڪيو ويندو؟ پر ائين ڪيئن ممڪن آھي جيڪڏھن ائين ممڪن آھي ته پوءِ اسين ڪارل مارڪس جي ھن قول کي ڪٿي مدفون ڪري اچون جنھن چيو آھي ته:
”فلسفي کان سواءِ ڪا به اڳڪٿي ممڪن ناهي“
فلسفو پاڻ ڇا آھي؟ ھتي منھنجو مطلب فلسفين مان ناھي، آئون صرف فلسفي بابت سوچي رھيو آھيان. فلسفو ھڪ سوچڻ جي صلاحيت جو نالو آھي. جيڪا صلاحيت انسان کي فلسفي بڻائيندي آھي. ھاڻي ڇا ان کي ڦٽو ڪجي؟ ھاڻ ڇا ان شيءَ کي ڦٽو ڪجي جيڪا اسان کي ڏاھپ ڏانھن وٺي وڃي ٿي. ليکڪ گينزخ وولڪوف پنھنجي ڪتاب ڏاھپ جو جنم ۾ لکي ٿو: ”فن ۽ فلسفي جي علم کان سواءِ توھان مھذب انسان ٿي نه ٿا ٿي سگھو، انھن کان سواءِ توھان سرگرمي جي ڪنھن به مقرر دائري ۾ ڪا به صحيح معنائن ۾ تخليقي ڪاميابي حاصل نه ٿا ڪري سگھو“. برٽرينڊ رسل پڻ چئي ٿو ڏاھپ جي دنيا ۾ انتھائي اعليٰ مقام فلسفي ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ئي ٿي سگھي ٿو. ڏٺو وڃي ته خُود سائنس جو وجود ئي فلسفي تان ورتل آھي. سائنس صرف پنجن حواسن تائين محدود آھي. اسان جي دوست جي شايد ان طرف اڃان نگاھ ناھي وئي ھن نوجوان کي ان طرف نگاھ وجهڻ جي ضرورت پڻ آھي. خير اسان يوسف جميل لغاري جو ھي ڪتاب پڙھي ڪري چئي سگھون ٿا ته ھن کي جيڪو ڪجھ ادبي پيچري تي مليو آھي ھن اُھو اسان توھان اڳيان رکيو آھي. سنڌ جي مھان ڏاھي نثر جي جادوگر عبدالواحد آريسر پنھنجي جيل ڊائري ڳچي ڳانا لوھ جا ۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته ”مون کي ڪنھن تنقيد نگار جو مقولو ياد آيو جنھن چيو آھي ته ڪنھن به ڪتاب جو منصف اُن مزور وانگر آھي جيڪو جھنگل صاف ڪري رستو ٺاھي ٿو ۽ تنقيد نگار ان سپروائيزر وانگر آھي جيڪو اُن رستي کي جاچي ڪري ٽريفڪ کي ھلڻ جي اجازت ڏئي ٿو.“ هي ڪتاب به سائنس وانگر پنجن حصن تي مشتمل آهي. پهرين حصي ۾ ڪالم رکيا ويا آهن، ٻي حصي ۾ مضمون آهن، ٽين حصي ۾ مختلف ڪتابن تي لکيل تبصرا رکيا ويا آهن. چوٿين حصي ۾ مختلف رايا رکيا ويا آهن. پنجين ۽ آخري حصي ۾ ترجمو ٿيل مضمون رکيا ويا آهن، جيڪي ليکڪ مختلف ٻولين مان ترجمو ڪري رکيا آهن. هي ڪتاب هڪ گلدستو آهي، جنهن جي هُٻڪار پڙهندڙ بخوبي محسوس ڪري سگهن ٿا. يوسف جميل لغاري جو ھي ڪتاب جنھن جي اچڻ تي اسين نيڪ خواھشن جو اظھار ڪريون ٿا ۽ اِها اميد پڻ رکون ٿا ته ھي هميشه احساسن جو امانتون پڙھندڙن تائين ائين ئي پھچائيندو رھندو.
دراوڙن جو ٻاريل ڏيئو جُڳ جُڳان ٻرندو رهي.
رشيد احمد خاصخيلي
10 فيبروري 2021ع
ڄامشورو سنڌ