جڏھن انسان منجهان ڪوشش ڪرڻ واري قوت ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي ته تڏهن وري قسمت تي اعتبار ڪرڻ وارو عقيدو سگهارو ٿيڻ لڳندو آهي حالانڪ اڄ تائين دنيا جي ڪامياب ترين انسانن قسمت جي آسري تي پنهنجي مستقبل کي ڪڏهن به ڪين ڇڏيو آهي. پر ڇا ڪجي اسان جي معاشري جي اڪثريت عقيدن جي اوٽ ۾ محنت ڪرڻ کان قاصر آهن. قوت، وسيلا توڙي موقعا ميسر هجڻ جي باوجود قسمت تي ڀاڙي ڪري پنهنجي آئيندي جو اختيار ڪنهن اهڙي قوت حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. جنهن قوت جي وجود بابت به وٽن ڪو خاص خاڪو يا ظاھري شڪل موجود ڪين هوندو آهي. انسان هن ڪائنات جو محور ۽ مرڪز هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن پاڻ کي ڪمزور قوتن جي حوالي ڪري ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ جو ٺيڪو کين ڏئي ڪري پاڻ سڪون واري حالت ۾ گوشا نشين ٿئي ته پوءَ شايد قدرت وارو به سندس مدد ڪرڻ لاءَ تيار ڪونہ ٿيندو، ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسين ڪنهن ڪم يا ارادي ۾ ناڪام ٿيندا آهيون ته تڏهن يڪدم اسان جي ذهن تي اِهو خيال تري ايندو آهي. ته شايد اِها شئي اسان جي قسمت ۾ نہ هئي.
هاڻ جڏهن قسمت پاڻ ايڏي ڪمزور ۽ بي وس آهي جو کيس ٺاهڻ توڙي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار حضرت انسان جو پنهنجو ئي هوندو آهي پر ان جي باوجود به جڏهن حضرت انسان نراسائي توڙي ناڪامي واري حالت ۾ کيس قصور وار ٺهرائي ڪري پاڻ کي آجو رکڻ چاهي ته شايد اِها سندس علم توڙي پنهنجي ضمير سان ڌوڪو، ٺڳي ۽ دولاب تصور ڪيو ويندو. ان کان وڌيڪ حضرت انسان جي چالاڪي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. حضرت انسان ازل کان ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ بنيادي طور پنهنجي محنت جا گُڻ ڳائڻ لڳندو آهي ۽ پاڻ کي فاتح ثابت ڪندو آهي پر وري ان جي برعڪس ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ سڄو ٺيڪو قسمت جي پاند ۾ هڻي پنهنجو پاند آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيڪو عمل يقينن هڪ وڏي خيانت ڪرڻ جيترو غير مهذب عمل آهي.
انسان جو ڪنهن به ڪم توڙي عمل ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ ناڪام ٿيڻ جو اصل ڪارڻ سندس سوچ، سندس ڪوششون، سندس صلاحيتن جو استعمال ۽ سندس حڪمت عملي آهي، جڏهن حڪمت عملي ئي مناسب نموني سان جڙيل نه هوندي ته پوءَ يقينن ان عمل جو نتيجو به ايترو ئي ڀيانڪ ثابت ٿيندو، ان لاءَ سڀ کان پهريان سوچ جي رخ کي تبديل ڪري نئين سري نئين سوچ جي اڏاوت ڪري ناڪام ٿيڻ جا مکيه سبب ڳولجهن پوءِ وري انهن کي تبديل ڪري انهن جي جڳھ تي ڪار آمد توڙي لاڀائيتا لاڙا نافذ ڪجن پوءِ ڏسو ته نتيجا ڪيترا نه حيران ڪن اچن ٿا. تڏهن ئي ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي”جهڙي سوچ تهڙي زندگي“، انساني زندگي کي پر سڪون توڙي بي سڪون بڻائيندڙ دراصل انساني سوچ ئي آهي، مثبت سوچ مثبت حڪمت عملين کي جنم ڏيندي آهي ۽ منفي سوچ منفي عملن جي پرورش ڪندي آهي.
ان لاءِ پاڻ کي وقت ۽ حالاتن سان گڏ کڻي هلڻ لاءَ انهن جي رخ سان هلڻو پوندو ۽ پنهنجي وسيع سوچ وسيلي سندن هر هڪ پهلو تي فڪر ڪري پاڻ کي انهن جهڙو بڻائي ڪري انهن کان فائدو حاصل ڪرڻو پوندو. باقي قسمت تي ڀاڙيندي الائي ته ڪيترن ئي فردن جا لاھ نڪري ويا ۽ الائي ته ڪيتريون حسرتون دل ۾ دفن ٿي ڪري موهن جو دڙو بڻجي چڪيون آهن.
(ماهوار احساس مئگزين حيدرآباد، فيبروري 2019ع)