انساني دماغ خدا جي معجزن مان ائين سمجهو ته هڪ اعلي ترين معجزو آهي. جنهن ۾ هر روز نت نيون سوچون پرواز ڪن ٿيون. انهن سوچن جي آڌار تي وري انساني شخصيت پنهنجي نرواڻ طرف وک وڌائي ٿي ۽ اُن کي اُڀرڻ جو موقعو ملي ٿو. اِهڙي نموني دنيا جي هن پوري نظام تي هڪ نظر ڪجي ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻڪ اڃا ڪا اِهڙي ڳالھ باقي آهي جنهن جي رمز کان پاڻ واقف نه ٿي سگهيا آهيون. اِهو خيال تڏهن اچي ٿو جڏهن زماني جي گردش ۾ گهمندي دل کي ڪا گهڙي مايوسي پلئه پوي ٿي. مايوسيون اصل کان ڪيفيتن جو چس، رنگ ۽ ڍنگ خراب ڪنديون آيون آهن پر جڏهن دل جو نگر مايوسين جي گهيري ۾ ايندو آهي ته انهي جو سحن پوري جو پورو اونداھ ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. اِها اونداهي ذهن کي ٻڏتر جو شڪار ڪندي آهي ۽ انسان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي.
اڪيلائي جتوڻيڪ ايتري هيبتاڪ يا خطرناڪ ڪونه آهي. اڪيلائي ته خيالن جي اڳواڻي ڪندي آهي. اڪيلائي ته انسان جي دردن کي نوان گس فراهم ڪندي آهي. اڪيلائي انساني وجود کي پاڻ سجود طرف وٺي هلڻ لڳندي آهي. اِنهي جي باوجود جيڪڏهن اڪيلائي ۾ اِهو احساس نمايا ٿي پوي ته هتي منهنجو ڪوبه ڀرجهلو، ڪو به همدرد، ڪو به ساٿي ڪونهي ته پڪ سان انهي گهڙي اميدون ڪفن اُڍي دفن ٿيڻ لڳنديون آهن. ڪش مڪش واري هن دور ۾ واقعي ماڻهن وٽ ايترو وقت ڪٿي آهي ته هُو ٻين جي ڀلي لاءِ سوچين، ٻين جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. ٻين لاءِ راهون هموار ڪن پر جيڪڏهن ڪو ائين سوچي ٿو، ڪو اهڙن عملن کي هٿي ڏيارڻ جو ارادو ڪري ٿو ته انهي مٿان ويڪائو هجڻ جا الزام لڳڻ شروع ٿين ٿا. سندس عزت نفس کي مجروع ڪرڻ جي ٺاهوڪي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. سندس شخصيت کي ڇهيو رسائڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪيا وڃن ٿا.
اِهڙن اڻ وڻندڙ حالاتن جي هوندي ماڻهو اڳتي وڌڻ، اڳواڻي ڪرڻ کان لنوائي ٿو. هتي بي ضمير، لالچي توڙي ڪوڙ ۽ فريب ۾ وڪوڙيل وجود ته کوڙ آهن پر هتي خريدار بنھ گهٽ آهن. جنهن سبب انساني جذبن، قدرن ۽ مان توڙي مرتبي کي گهربل معيار ملي نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي تاريخي ڪردار وسيلي ٻين شين جي اهميت ۽ افاديت کي ته اجاگر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي پر پنهنجي سماجي رتبي ۽ مان شان کي وڌائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. جنهن جي ڪري ڏک، سور ۽ پيڙاهون سندس مقدر بڻجي چڪيون آهن. تاريخ وٽ هڪ اِهڙي تارازي آهي جنهن ۾ ھُو فرد جي ڪُل زندگي کي توري سندس چڱائين ۽ براين جو حساب لڳائي، اِنهي حساب ۽ ڪتاب وسيلي سندس شخصيت جو احتساب ڪري ٿي. اِنهي تارازي جو ڪم انساني لاڙن، فڪرن ۽ فلسفن کي ڇاڻڻ آهي ته جئين اڳتي هلي اهو ڄاڻي سگهجي ته اسان کي مستقبل ۾ ڪهڙا مسئلا ۽ تڪليفون درپيش اچي سگهن ٿيون.
انهي عمل جو فائدو اِهو ٿيندو ته اسان پنهنجي آئيندي بابت ڪا سُٺي ۽ ڪارگر حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ڪامياب وينداسين. هتي هر شئي وڪامجڻ لاءِ تيار آهي بس رڳو شرط اِهو آهي ته اُن شئي جو مُهل اُن جي مقدار ۽ معيار مطابق لڳائي وڃي. هڪڙا ماڻهو ضمير وڪڻڻ ٿا ته ٻيا انهي ضمير کي بچائڻ خاطر پنهنجا اصول ۽ آدرش بچائي رکن ٿا.
انهن جي مدد سان پاڻ کي اطمنان ۾ رکن ٿا. اِنهن کان علاوه هڪڙا وري اِهڙا به آهن جيڪي اصولن، آدرشن، نظرين توڙي پنهنجي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندا آهن. آدرشي انسانن کي جتوڻيڪ جئيڻ لاءِ عمر جو ٿورو ئي حصو نصيب ٿيندو آهي. پر انهن جي جدوجهد، حڪمت عمليون، ڪوششون ۽ سندن جذبا، تاقيامت تائين کين زنده رکيو ايندا آهن. آدرشي انسان نه فقط انتهائي ڪارائتا هوندا آهن بلڪ اُهي ٻين لاءِ مثال پڻ هوندا آهن. اِهڙن چند انسانن دنيا جو سڄو وايو منڊل ئي تبديل ڪري ڇڏيو.
اڄ جتي لاقانونيت، نا انصافي توڙي ٻيون سماجي توڙي غير اخلاقي عمل هٿي وٺي رهيا آهن ساڳي وقت اُتي مهذب، تربيت يافته ۽ آدرشي انسان به ساھ کڻي رهيا آهن. اِن لاءِ نا اميد ٿيڻ جي بجاءِ اميد جو ڏيئو ٻاري رکجي ۽ اِها توقع، اِها اميد وقت سان لڳائجي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن حالتون درست ٿينديون، جيڪو ماڻهو اڄ انتهائي پريشاني واري عالم ۾ پساھ کڻي پيو. انهي کي ٿڌي هير نصيب ٿيندي. سندس پگهر مان عطر توڙي گلاب جي مهڪ اچڻ شروع ٿيندي. جيڪو مزدور اڄ فاقا ڪشي واري حالت ۾ جيءَ رهيو آهي. انهي مزدور جا ٻچا سٺي تعليم، سُٺي صحت ۽ سُٺي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا. اِهي سڀ معاملا هاڻ وقت سان گڏ پنهنجي حل ٿيڻ جي انتهائي ويجهو پهچي چڪا آهن. اِن لاءِ انهن جي ڳاراڻي ۾ ڳرڻ بدران، اِنهن ڏانهن پيش قدمي ڪجي. حالتون هر وقت اسان جي پٺڀرائي نه ٿيون ڪري سگهن. ڪڏهن مخالف ٿي سگهن ٿيون. ڪڏهن اسان جو ڀرجهلو ٿي سگهن ٿيون. پاڻ کي رڳو ايترو سمجهڻ گهرجي ته حالتن جي انهي شڪل و شنبيھ مان اسان ڪهڙي وقت، ڪهڙي گهڙي، ڪهڙي پل جي چونڊ ڪريون. جنهن ۾ سُٺا فيصلا صادر ڪري سگهجن. ڪجھ اِهڙا فيصلا جن جا نتيجا ديريپا تائين ممڪن هجن. جن جي افاديت ۽ پنهنجي هڪ الڳ اهميت هجي. اهڙا فيصلا وقت جي آڌار تي ڪري، اسان سرخرو ٿي سگهون ٿا. اسان جي معاشري کي سُستي ۽ ڪاهلي واري وباءُ مڪمل طرح سان وڪوڙي وئي آهي. انهي وباءَ کان پنهنجي جند کي آجو ڪرائڻ خاطر اسان کي هاڻ سوچڻو پوندو، نه صرف پنهنجي پاڻ کي بلڪ هر انهي ماڻهو کي انهي وباءَ کان آزاد ڪرائڻو آهي جيڪو هن وقت ان جو شڪار آهي. ڪتابن جي مطالعي جو رهجان وڌائڻ لاءِ اسان کي ڪتابن جي اهميت ۽ ڪارج کي ٻين اڳيان واضع ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن شين جي اهميت واضع ٿيندي آهي ته پوءِ انهي مهل انهن جي گهرج به وڌڻ شروع ٿيندي آهي. انساني مزاج ۾ اِها فطري حُسناڪي رکيل آهي ته ھُو بگڙيل حالتن کي متوازن حالتن ۾ آڻڻ لاءِ تحرڪ وٺندو آهي. سندس محنت نت نوان خيال، نيون ايجادون ۽ نيون راهون هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. پنهنجي انهي مزاج جي مطابق اڄ تائين حضرت انسان ڪائنات کي پنهنجي هڪ الڳ شڪل و صورت ۾ گهڙي ڪري سندس خوبصورتي ۾ اضافو ڪيو آهي. اِها اضافي خوبصورتي فطري اصولن جي پاسداري ڪندي انساني ذهن کي تسڪين عطا ڪيو آهي.
(روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، 14 جون 2019ع)