ڪجھ ڳالهيون اِهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪنهن سان به سلڻ جهڙيون نه هونديون آهن. اهڙين ڳالهين جي سلڻ سان اِهو خوف پيدا ٿيندو آهي ته جيڪڏهن اِهي ڳالهيون کُلي پيون ته ماڻهو کي ڏاڍو نقصان ٿيندو. انهي حساب سان ڪجھ ڳالهين کي دماغ جي ديڳڙي ۾ بند ڪري انهن تي تاحيات ڪا اِهڙي وزني ڍَڪ رکي ويندي آهي جنهن ڍَڪ سان ماڻهو جي مان ۽ شان به ڍَڪيل رهي. اڄوڪي معاشرتي صورتحال کي مد نظر رکندي ايترو سمجھ ۾ اچي ٿو ته هن دور ۾ ڪنهن سان به دل جي لڳي جون ڳالهيون نه ڪجن. ڇو ته ماڻهن مان سهپ ڪڏهوڪي موڪلائي چُڪي آهي ۽ انسان جي عزت نفس کي ڇهيو رسندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. ڳالهيون به جديد دور جي تقاضائن مطابق مائڪرو سيڪنڊ جي بجاءِ نينو سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪن ٿيون. اِن لاءِ پنهنجي زبان کي انهي ڳالھ جو عادي بڻايو ته هُو هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجي اڻ چيل لفظ نمودار نه ڪن. ٿوري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي ڪٿي ڪي ساعتون خاموشي به اختيار ڪري ڇڏن، ڇو ته گڏ ويهڻ ۽ کلڻ وارو هر ماڻهو سڄڻ ڪونه هوندو آهي. ڪجھ ماڻهو اسان کي ڳالهين جي گهير ۾ لاهي اسان جي رازن کي اسان جي ئي زبان سان فاش ڪرائي اسان جي عزتن جو جنازو ڪڍندا آهن. اِهڙن ماڻهن جي پرک ڪرڻ سکو ۽ انهن جي اڳيان محتاط رهو.
مٺيون ڳالهيون ۽ مٺا ماڻهو به پنهنجي اندر زهر رکندا آهن. انهن جي اندر جو زهر انهن جي مٺاس ۾ لڪل هوندو آهي. ظاهري طور ته هُو اسان کي پاڻ ڏانهن متوجع ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن. اسان کان گهربل معلومات به ڳالهين ڳالهين ۾ ڪڍي ويندا آهن پر هُو اسان کي اندروني طور بي وقوف سمجهندا آهن ۽ اسان جي جذبن کي، اسان جي احساسن کي ۽ سڀني اميدن تي حمله آوار ٿي ڪري اسان جي ڪومل جذبن کي قتل ڪندا آهن. اِهڙن قاتلن جي چهرن تي معصوميت جا انيڪ تھ چڙهيل هوندا آهن. سندن لهجن ۾ وڏو اثر هوندو آهي. سندن روين ۾ ڏاڍي نفاست رکيل هوندي آهي. سندن مرڪ ۾ دل کي لڀائيندڙ دلڪشي رکيل هوندي آهي. اِهڙن ماڻهن جا خيال به اسان کي ٻين جي خيالن ۽ ڳالهين کان وڌيڪ ترتيبوار ۽ سُهڻا لڳندا آهن. نظر جي انهي ڌوڪي ۾ اچي اسان پنهنجو کوڙ سارو نقصان ڪرائي وجهندا آهيون. اسان اڄ تائين انهي سادگي ۽ اٻوجهاپ جي ڪري پوري قوم کي گهڻو نقصان رسايو آهي. هي ايڪوهين صدي هاڻ اسان کان اِنهي سادگي مان نه نڪرڻ جا جواز پُڇي پئي. اسان هميشه جيان ڪن لاٽار ڪري، خوشفهمي جي چادر اوڙي اگهور ننڊ ۾ سُتا پيا هوندا آهيون. اسان جو ايندڙ نسل اسان جي سهاري تي پاڻ ڪنهن به چُر پر ڪرڻ کان عاري آهي. جنهن سبب اسان جا معاشرتي اصول، اخلاقي قدر ۽ ڀائيچاري وارو پرچار هاڻ فرسوده ٿيندو ٿو وڃي. اسان جا سڀئي اصول، سڀئي آدرش، سڀئي فلسفا ۽ نظريا ڪمزور ٿيڻ لڳا آهن. انهن سڀني جي ڪمزور ٿيڻ سبب اسان به اصولي طور ڪمزور ۽ هيڻا ٿيندا ٿا وڃون. جنهن سبب هر روز نوان هاڃان جنم وٺن ٿا. هر روز نوان الميا ڪَر ڪڍي ڦٽڻ لڳن ٿا.
هر ڏينهن مزمتون ۽ افسوس ڪرڻ ۾ ئي اسان پورا آهيون. اسان جي خود اعتمادي ۽ اجتماعي ٻڌي وارو عنصر اسان کان ڇڏائبو ٿو وڃي. اسان آهستي آهستي اڪيلا ۽ ويڳاڻا ٿيندا ٿا وڃون. اِنهي ويڳاڻپ سبب حڪومتي سطع کان وٺي ڪري عوامي سطع تائين ڪا به چڱائي، ڪو به فلاحي توڙي چڱائي وارو ڪم اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. سڄو سارو نظام، سڄو سارو وايو منڊل اُڊڙيل محسوس ٿئي ٿو ۽ اسان جي ارتقا جون سڀئي راهون بند ٿيل نظر اچن ٿيون. اسان جون ڪوششون رنگ لائڻ جي بجاءِ اسان جي شخصيت کي مسنوخ ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. اسان جي تخليق سگهاري ٿيڻ جي بجاءِ فضول نقطه چيني ۽ بحث مباحثي جو حصو بڻجي وڃي ٿو جنهن سبب اسان دل جي لڳي جون ڳالهيون ڪنهن سان اورڻ جي بجاءِ انهن کي دفنائڻ ۾ ئي پنهنجي بقا سمجهون ٿا.
(روزاني اڳواڻ حيدرآباد،27 جون 2019ع)