مون جڏهن کان ادبي ميدان ۾ پير پاتو ته خبر پئي ادبي لڏي ۾ لکڻ سان ماڻهوءَ کي شهرت ملي ٿي، سڃاڻپ ٿئي ٿي، ادبي لڏي ۾ وڏو نانءُ ٿئي ٿو. آئون پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي مطابق ڳالھ ڪيان ٿو. مون اڪثر ليکڪن کي تڪڙي شهرت ماڻڻ لاءِ لکندي ڏٺو آهي. آئون به اِنهي تڪڙي شهرت ماڻڻ لاءِ ميدان تي لهي پيس، ميدان تي لهڻ کانپوءِ مون پوئتي ڪنڌ ورائي ڪونه ڏٺو، پر جڏهن ڪنهن منزل تي پهچڻ يا پچي راس ٿيڻ جو به ڪڏهن ناهي سوچيو. لکڻ جو جنون هيو، لکندا رهياسين. دوستن جو ساٿ رهيو اڳتي نڪرڻ جو سوچيوسين پوئتي ڪجهه به ٿيو، پُٺي ۾ به کنجر لڳا پر تڏهن به پوئتي مُڙي ڪونه ڏٺو. انهي ڪري اڪثر نوجوانن کي اِها تاڪيد ڪندو رهيو آهيان ته اوهان سينئر اديبن کي ڌيان ڏيڻ بجاءِ نوجوان کي ترجهي ڏيئي، سندس اصلاح ڪيو ته جيئن هُو اڳتي اچن. اڳ کان وڌيڪ سٺو لکن. هن وقت مون ادبي ميدان ۾ جيڪي نوجوان اڳي کان اڳڀرا ڏٺا انهن ۾ هن ڪتاب جو مالڪ يوسف جميل جو نانءُ به شماري سگهجي ٿو. يوسف جي مسلسل لکڻ سان ادبي ميدان ۾ کيس سٺي موٽ ملي آهي. يوسف جميل لغاري ڪجهه ڏينهن پهريان فون ڪري پنهنجي ڪتاب تي ٻہ اکر لکڻ لاءِ چيو، مون کيس انڪار ڪيو. تنهن تي هن حيرت مان وراڻيو ”تون نہ لکندي ته ٻيو ڪير لکندو؟“.
آئون هڪ دم خاموش ٿي ويس يوسف جميل لغاري چيو صبح آئون توکي ڪتاب موڪليندس، ڪهڙي به حالت ۾ توکي لکڻو آهي. تڏهن آئون حيرت ۾ پنهنجي پاڻ ڏي ڏسڻ لڳس. پنهنجي پاڻ کان سواليه انداز ۾ پڇڻ لڳس ته اي امر! تون يوسف جميل لغاري تي لکي سگهندين؟ خير يوسف جميل لغاري ڪتاب اماڻي ڏنو، ڪتاب جو مطالعو مون شروع ڪيو، مطالعي کان پوءِ ڪتاب تي لکڻ شروع ڪيم. تمام ٿوري وقت ۾ يوسف جميل لغاري ادبي کيتر کي ڪُل ڇھ ڪتاب ارپي چڪو آهي، جن مان چار آن لائين پنجون هارڊ ڪاپي ۾ شايع ڪرائي منظر عام تي آندو اٿس ۽ هي سندس ڇهون ڪتاب آهي. تنهن کانسواءِ يوسف جميل جا سوين مضمون اخبارن، رسالن وغيره ۾ شايع ٿي چڪا آهين، "ڪاغذي ڳالهيون” اوهان اڳيان ڪتابي صورت ۾ آهي. هي مجموعو پنجن حصن تي مشتمل آهي، حصي پهرين ۾ ڪالم، حصي ٻئي ۾ مضمون، حصي ٽئي ۾ ڪتابن تي اظهار خيال، حصي چوٿين ۾ ڪتابن لاءِ لکيل ڪجهه خيال، حصي پنجين ۾ مختلف ترجما ڪيل مضمون ڪتاب ۾ شامل آهن.
حصو پهريون:
سور سڀ ڄمار بي لباس خوابن کي!
مون جڏهن هن ڪالم جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ته اکيون آليون ٿي پيون، آئون سوچن جي گهرائي ۾ هليو ويس سوچڻ لڳس تہ آخر يوسف جميل لغاري مٿان ايتري ڏات ڪٿان نازل ٿي آهي؟ جو هن ننڍڙي عمر ۾ اهڙا جاندار خيال تخليق ڪيا آهن، ”اکيون جيڪي خوشحالي جا خواب ڏسن ٿيون“ جهڙا ڪمال جا ڪالم لکي ڪري هن پنهنجي تخليقي سفر کي اڳي کان اڳڀرو ڪيو آهي. آئون يوسف جميل لغاري جي ڪالمن، مضمونن کي وقت سر اخبار توڙي فيس بڪ تي پڙهندو رهندو آهيان. ڪمال جو تخليقڪار آهي. يوسف جميل لغاري پنهنجي اکين ۾ منظر ڪشي کي قيد ڪري ڊائري جي اڇن پنن کي ڪارو ڪري نہ رڳو پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو آهي، بلڪ پنهنجي ادبي سفر ۾ پاڻ ملهايو به آهي. ”نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا ڇو بند آهن؟“ يوسف جميل لغاري پاڻ هڪ نوجوان ھئڻ سان گڏ ٻين نوجوان جو فڪر پڻ ڪري رهيو آهي، کيس نوجوانن جو فڪر هر ڀيري من اندر لوچ پوچ ڪندو رهي ٿو. يوسف جميل لغاري نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڏسي پنهنجي قلم جي نوڪ سان آواز اُٿارڻ لاءِ ڪا ڪسر نٿو ڇڏي.
حصو ٻيو:
مهاڳ لکڻ جي روايت ڪيئن ڪٿان شروع ٿي؟
مهاڳ لفظ جي معني منڊ/ اڳياڙي/ شروعات وغيره چئي سگهجي ٿو، مهاڳ لکڻ سان منهنجي خيال ۾ ڪتاب جو مان وڌي وڃي ٿو. هر ليکڪ ڪوشش ڪندو آهي ته منهنجي ڪتاب جو مهاڳ، جڳ مشهور شاعر، اديب لکي جيئن منهنجي ڪتاب جو نالو ٿئي. منهنجي خيال مطابق هئينر واري دور ۾ ائين آهي، باقي ڪافي ماڻهن جا مختلف رايا ٿي سگهن ٿا. ”نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي؟ “ جهڙا شاهڪار مضمون ڪتاب جو حصو آهن، نوڪرين لاءِ اپلائي ڪندڙ نوجوان مايوس ٿي سوالن جا صحيح جواب نہ ڏيڻ ڪري نوڪري واري ٽيسٽ ۾ سوالن جي ڏکين هجڻ جي شڪايت پڻ ڪندا رهندا آهن. اُنهن کي هي مضمون ضرور پڙهڻ گهرجي. ” تقرير ڪرڻ جا چند بنيادي اصول“ ڪنهن تقريب ۾ يا ڪنهن ڪانفرنس ۾ اهڙي ماڻهوءَ جي يا اهڙي شخص جي ضرورت پئجي ويندي آهي جيڪو ماڻهن جي هجوم ۾ ڳالهائي سگهي. تقرير ڪرڻ جا اصول، قائدا قانون پنهنجا هوندا آهن. اسان انهي قائدن قانونن جا پابند به هجون پر اسان وٽ ڳالهائڻ جو ڏانءُ نہ هوندو ته تقرير ڪرڻ جا بنياد اصول به ڪهڙي ڪم جا؟ پر هتي ڏنل اصولن تي به نظر ضرور رکجي، اصولن جي بنيادن تي به ماڻهوءَ ڪجهه نہ ڪجهه ڳالهائي سگهي ٿو. تقرير ڪرڻ فن بلڪل آهي، پر فن کي سمجهڻ لاءِ سکيا جي ضرورت آهي، فن کان سواءِ تقرير جا ٻيا به بنيادي اصول آهن جيڪي ڪتاب ۾ ترتيب وار آهين. ”اوشو، جنهن کي آمريڪا جي جيل ۾ زهر ڏنو ويو هو.“ اوشو تي لکيل هي مضمون مون کي پسند آيو ۽ يقينن هر هڪ پڙهندڙ کي به پسند ايندو.
حصو ٽيون:
ماستر لاءِ چانھ جو ڪوپ جو تنقيدي جائزو:
ماستر تي ماستر جو تنقيدي جائزو انتهائي لاڀائتو آهي، اوهان پنهنجي اک سان هن ڪتاب جو جائزو وٺي انتهائي خوبصورت اصلاحي تجزيو لکيو. ”سنڌ، هاڃان ۽ هيڻا ماڻهو نواز خان زئور“ سائين نوار خان زئور جو نالو آئون ڪافي وقت کان ٻڌندو رهيس، لاڙ پٽن جو اُهو صدا ملوڪ سرجڻهار جنهن سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين، سنڌي قوم تي ٿيندڙ ظلمن خلاف هڪ آواز بڻجي پنهنجي قلم سان اُڀريو. سائين نواز خان زئور جي ڪتاب تي لکيل تجزيو به انتهائي خوبصورت آهي.
حصو چوٿون:
يوسف جميل لغاري ٿوري وقت ۾ نثر جي حوالي سان تمام سٺو لکيو آهي، آئون يوسف جميل کي صلاح ڏيندو هلندس ته اوهان نثر واري پاسي ڌيان ڏيو، اوهان جو نثر وارو پاسو انتهائي مضبوط آهي. نثر جي موجود وقت ۾ اسان کي سٺن نثر نويسن جي ضرورت آهي. اڳتي به سخت ضرورت پوندي. يوسف جميل لغاري ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ سنڌ جي نوجوانن توڙي ڪجهه سينئرن ليکڪن جي ڪتابن جا مهاڳ يا تاثرات لکيا آهن. جيڪي هن ڪتاب جو حصو آهن. محقق جو تعارف؛ راشد شر نوجوان ٽهي جو بهترين لکندڙ آهي، مون به سندس لکڻيون مختلف وقتن تي مختلف اخبارن وغيره ۾ پڙهيون آهن. سندس ڪتاب تي يوسف جميل لغاري "محقق جو تعارف” جي حوالي سان تاثرات لکيا آهن، جيڪو انتهائي ڪارائتو آهي. پيش لفظ: ثاقب ارشد لغاري نوجوان ٽهي جو پڻ بهترين لکندڙ آهي، سندس لکڻ جي رفتار ڪجهه وقت کان سُست رفتاري جو شڪار ٿي چڪي آهي، ثاقب ارشد لغاري جي ڪهاڻين جي ڪتاب تي يوسف جميل لغاري جا پيش لفظ تمام گهڻا لاڀائتا آهن، ساڳين ڪتاب ۾ ثاقب ارشد لغاري جي ٻئي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ جو شرف به يوسف جميل لغاري کي نصيب ٿيو. يوسف جميل لغاري جي لکڻ جو انداز سندس لکڻ جي رفتار ئي کيس سڃاڻپ جو ذريعو بڻي آهي. ”هر ماڻهوءَ جي هڪڙي دنيا آهي“ يوسف جميل لغاري جو گهڻو شايع ٿي منظر عام تي اچڻ مون کي تمام گهڻو مجبور ڪيو، تڏهن مون پنهنجي ڪتاب "جڏهن خيال جاڳن ٿا” جو تاثرات يوسف جميل لغاري کان لکرايو. يوسف جميل لغاري لکڻ جو جيترو تڪڙو آهي، تهڙيون ئي سندس لکڻيون به لاڀائتيون آهن. تنهن کانسواءِ يوسف جميل لغاري ٻين جي ڪتابن تي به رايا، مهاڳ ۽ تاثرات وغيره لکيا آهن، جيڪي هن ڪتاب جو حصو آهن. اڃان سفر مس شروع ٿيو آهي اڳتي به اِها رفتار ساڳي رهي ته يوسف جميل لغاري ايندڙ وقت جو وڏو ليکڪ ثابت ٿيندو. سندس لکڻين ۾ اُهي سڀ خوبيون آهن جيڪي هڪ پڪي پختي ليکڪ جي لکڻين ۾ هونديون آهن.
حصو پنجون:
ڪنهن جا مضمون هڪڙي ٻوليءَ مان ٻئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڪا سولي يا آسان ڳالھ ڪونه آهي، انتهائي ڏکيو ڪم آهي. پنهنجي پاڻ کي حاضر دماغ رکي ڪري ڪنهن ليکڪ جي مضمون کي ترجمو ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو آهي، اُها ڳالھ به ذهن ۾ رکڻ لازم آهي. هن وقت تائين ڪافي ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. جن ۾ ناول تمام گهڻا آهن. خير يوسف جميل لغاري به ڪجهه مضمون ترجمو ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن، جيڪو انتهائي قابل داد ڪم آهي، پر هتي منهنجو اُهو خيال هيو ته جيڪڏهن ليکڪ انهن مضمونن کي الڳ سان ڪتابي صورت ڏئي منظر عام تي آڻي ها ته بهتر هو. ”صلاحيتن کي نکارڻ وارا ست اهم ڪم:“ ميان جمشيد اردو جو ليکڪ آهي، جنهن جون لکڻيون انتهائي بهترين ھونديون آهن. جنهن جي هڪ لکڻي يوسف جميل لغاري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري جمشيد جي پڙهندڙ لاءِ انتهائي سهولت ڪئي آهي. جس لهو پيارا يوسف جميل لغاري اڳ کان اڳڀرو ڪم ڪندڙ نظر اچي ٿو. ”هڪ دلچسپ ڪهاڻي: ٻارهن مهينن جا نالا ڪيئن پيا؟.“ راڻا محمد شاهد اردو ٻوليءَ جو بهترين ليکڪ آهي، جنهن جي دلچسپ ڪهاڻي ٻارهن مهينن جا نالا ڪيئن پيا؟ ڪهاڻي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري انتهائي ڪارائتو ڪم سرانجام ڏنو آهي. مون کي اميد آهي ته يوسف جميل لغاري جو هي ڪتاب ادبي کيتر جو انتهائي ڪارائتو ڪتاب ثابت ٿيندو، جنهن جي تاثرات لکڻ جو شرف مون ناچيز کي به حاصل ٿيو آهي. پنهنجي وس آهر جيڪو ڪجهه ڳالهايو، اميد آهي ته ليکڪ سميت، سڀني پڙهندڙ کي قبول پوي. ايندڙ وقت نوجوانن جو ھوندو. نوجوان اڳي کان اڳڀرا هوندا، منهنجي هن ڪتاب جي تسلسل سان اوهان نوجوانن لاءِ اُهو پيغام به هوندو ته هر نوجوان ٻئي نوجوان لکندڙ جو ساٿ ڏئي ته جئين هر لکندڙ نوجوان کي هڪ الڳ جاءِ ملي سگهي.
اظهر امر
12 جنوري 2021ع
ٽنڊو الهيار، سنڌ، پاڪستان